سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

زيارت امام زاده ابراهيم ۽ امام زاده محمّد رضه

نيشاپور ۾ بيبي شطيطه جي مزار سامهون وڏي روڊ مان هڪ ٻه طرفو رستو ڏکڻ طرف نڪري ٿو. روڊ جي ٻنهي پاسي شربت ۽ حڪمت جا شيشي وارا دوڪان آهن. روڊ جي ٻنهي پاسي وڻراهه آهي. نيشاپور ڪشادو ۽ سرسبز شهر آهي. چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسان جي ڪوچ بيٺي، چند فرلانگن جي فاصلي تي امام زادن جا مقبرا هئا. مقبرا ڏاڍا خوبصورت ٺهيل آهن. مزارن جي هڪ پاسي “ڪل شيءِ هالد الا وجه” لکيل هيو.
امام زادن جي زيارت ڪري نڪتاسي ته روضي جي بلڪل سامهون روڊ جي ٻئي پاسي فارسي جي مشهور ايراني شاعر عمر خيام جي مزار هڪ وسيع باغيچي ۾ موجود هئي. ان جڳهه کان به مزار ڏي وڃڻ جو دروازو هيو، جيڪو بند هيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اولهندي پاسي کان دروازو کليل آهي. عجب ڳالهه آهي ته اسان جي پوري قافلي ۾ ايتري قدر جو سالار کي به خبر نه هئي ته عمر خيام ڪير هيو. ان ڪري قافلي مان منهنجي نياڻي ساجده زار ۽ پٽ ساجد زار کان سواءِ ڪو به عمر خيام جي مزار تي نه هليو. دروازي کان اندر داخل ٿيڻ لاءِ استقباليه تان ٽڪيٽ وٺڻ لازمي هيو. مون کي اڄ تائين پڇا ڪرڻ باوجود اها ڳالهه سمجھه ۾ ناهي آئي ته ايران ۽ عراق ۾ جڏهن سڀ زيارتون مفت گھمي سگھجن ٿيون، ايتري قدر جو جتيون به مفت ۾ رکيون وڃن ٿيون ته پوءِ شهنشاهه رباعيات حضرت عمر خيام جي مزار تي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ جي اجازت نامي جي ضرورت ڇو آهي. خير، ٽي ٽڪيٽون وٺي (جيڪي پاڪستاني سڪي ۾ ڇهه سؤ رپيا ٿين ٿا) مزار جي باغيچي ۾ داخل ٿياسي ته سامهون سفيد رنگ سان سيني تائين عمر خيام جو مجسمو نظر آيو، جيڪو عمده ڪاريگريءَ جو ڏيک آهي. هڪ پاسي يعني ساڄي پاسي وسيع باغيچو آهي. کاٻي پاسي ڪاشيءَ جي سامان جا دوڪان ۽ هڪ ٻه چانهن جا هوٽل ۽ ڪنڊ ۾ غسل خانا آهن. سامهون چبوتري ۾ عمر خيام جي مزار آهي، جنهن وقت اسان مزار وٽ پهتاسي ته اتي چند ايراني پنهنجي ٻارن سان گھمي رهيا هئا. ٻار جتين سميت مزار تي لهي چڙهي کيڏي رهيا هئا ۽ انهن جا والدين وري کلندي ٻارن جون تصويرون ڇڪي رهيا هئا. مزار اٺ ڪنڊي گول آهي ۽ ان جي پٺي سنئين سڌي آهي. مٿان چبوتري نما ڊزائن ٺهيل آهي. بهرحال اسان جي خيال ۾ ٻار مزار جي اهڙي طرح راند روند سان بي حرمتي ڪري رهيا هئا پر ايرانين کي ان جي پرواهه نه هئي. بهرحال عمر خيام جي مزار تي حاضريءَ سان اسان جا ايراني پنجيتاليهه تُمن (پاڪستاني ڇهه سؤ رپيا) سجايا ٿيا.
مزار جي مٿان هڪ ڪتبو لکيل هيو “حڪيم ابو الفتح عمر بن ابراهيم “خيام” نيشاپوري، وصال سن 517 هجري قمري. اسان قل پڙهي دعا گھري واپس ٿياسي. قهوه خاني جي اڳيان صندل رکيل هيا، جن تي مرد عورتون ويٺل هئا. قافلي وارن جي تڪڙ جي ڪري اسان کي جلدي موٽڻو پيو. اسان عظيم بزرگ فريد الدين عطار ۽ شاعر فردوسيءَ جي مزار تي به وڃڻ چاهيون پيا مگر ڪوچ واري شام جي پيهه جي ڪري هلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته گهڻي رش جي ڪري اچڻ وڃڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا ۽ واپس به ٿيڻو آهي ۽ مون کي صرف هن جڳهه تائين اچڻ لاءِ چيو ويو هيو. ٻيو ته رات به ٿي وئي آهي. فريد الدين عطار نيشاپور جو مشهور ايراني بزرگ آهي. سندس تصنيف “بِصرنامه” تمام گھڻو مشهور آهي. هن فارسي ڪتاب ۾ تصوف تي ڪافي بحث ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فردوسي به ايران جو اوائلي فارسيءَ جو مشهور شاعر آهي. نيشاپور وڏي عرصي تائين ادب ۽ حڪمت جو مرڪز رهيو آهي. وڏي بيوسيءَ وچان، انهن مزارن تي وڃڻ تان هٿ کڻڻو پيو. قافلي وارن مان مون کان سواءِ ڪنهن کي به اوڏانهن هلڻ ۾ دلچسپي نه هئي. هو انهن جاين ۽ بزرگن کان بي نياز هئا. نيٺ قافلي مشهد ڏي موٽ ڪئي. عطار ۽ فردوسيءَ جو خيالي پس منظر ذهن تي ڦرندو رهيو. رات جو يارهين وڳي ڌاري زمرد هوٽل مشهد پهتاسي. رات جي ماني تيار هئي. کاڌي هال ۾ سڌو وڃي کاڌي جي ميز جو پاسو ورتو سي. ماني کائڻ مان واندا ٿي اٿياسي ته واهيري جي مهل ٿي وئي، ليڪن ليٽڻ بجاءِ سڀ ڪو سامان سهيڙڻ ۾ لڳي ويو. ڇو ته اڄ رات چئين وڳي فلاءِ دبئي جي جهاز ۾ مشهد کان دبئيءَ جي اڏام هئي.