سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

تهران روانگي

اڄ 23 جون 2019ع آچر جو ڏينهن آهي. اڄ اعلان موجب قم کان تهران لاءِ روانگي هئي. صبح جو تيار ٿي نيرن ڪري، سامان سميت هيٺ استقباليه تي پهچي سڀ جمع ٿياسي. اتي اڍائي ڪلاڪن جي انتظار بيزار ڪري وڌو. اهو انتظار بسن جي نه اچڻ ڪري ڪرڻو پيو. خدا خدا ڪري بسون آيون، سامان رکرائي بسن ۾ سوار ٿياسي. هوٽل کي الله واهي چئي روانا ٿياسي. قم جي رستن جا نظارا، ويڪرا، ٻٽا رستا، وڻراهه، پليون، فلاءِ اوور ۽ ٺهندڙ ريلوي لائن آهستي آهستي پوئتي ٿيندا ويا. قم کي پوئتي ڇڏيندا اڍائي وڳي سندس يادون سهيڙي کيس الوداع چيوسي. مجموعي طور تي قم ڪشادو، خوبصورت ۽ صاف سٿرو شهر آهي. قم ۽ تهران واري شاهراهه ٻه طرفي آهي، جنهن ڪري پنڌ نبيرو کاڌو ۽ ڪلاڪ سوا جي سفر بعد تهران جي ٻهراڙيءَ ۾ موجود علامه آيت الله خمينيءَ جي مزار تي اچي پهتاسي. مقبري سميت سمورا صحن، ميدان، باغيچا، غسل خانا، بس ۽ پارڪنگ جي ايراضي سوين ايڪڙن ۾ ٿيندي. هتي روضي سان گڏو گڏ هڪ ننڍڙي بازار به هئي. گلڪاري ۽ وڻراهه جھجھي تعداد ۾ آهي. مقبرو وسيع، عاليشان ۽ سونهري رنگ تي ٺهيل آهي. اندران غور سان ڏسڻ تي عجوبي جو شاهڪار لڳي ٿو. سونهري گنبذ چئن چئن مينارن تي بيٺل آهي. اندر سڄو سنگ مرمر ۽ شيشي ڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي. مقبري جي وچ ۾ هڪ وڏي ضريح آهي، جنهن ۾ علامه خمينيءَ جي مزار سان گڏ ٻه ننڍيون مزارون آهن، علامه جي قبر جي سيرانديءَ کان سندس تصوير فريم ۾ بند ٿيل رکيل هئي. ضريح جي پيرانديءَ ۾ ٿورو وٿيءَ سان چئن مرد ۽ عورت ليڊرن جون مزارون آهن. مقبري جي اتر ۾ چٽساليءَ سان هڪ شاندار مسجد به آهي، جيڪا گھڻي ڪشادي آهي. مقبري ۽ مسجد جي تعمير ۾ سجاوٽ جو ڪم اڃا هلي رهيو آهي. مسجد جي ڀرسان جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته هڪ خريداري مرڪز به آهي، جنهن اندر هڪ هوٽل به آهي، جنهن ۾ ايراني ۽ انگريزي موسيقي هلي رهي هئي. غسل خانا صاف سٿرا تهه خاني ۾ آهن، جن ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ هلندڙ ڏاڪڻيون آهن. هي خوابيده منظر ڏسي اچي بسن ۾ ويٺاسي. ڇانوَ لاءِ نم جا وڻ پوکيل هئا. هڪ ساٿي مقبري ڏي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ادا ايراني مرڻ واري تي خرچ ڪري ڄاڻن. مون کيس چيو ته ان لاءِ زهر پيئڻو ۽ شهيد ٿيڻو پوي ٿو، هر ڪنهن مرڻ واري تي خرچ ڪونه ٿو ٿئي.
ايران ۽ عراق جي هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي ته ٻنهي ملڪن جي زيارتن تي نذراني جون پيتيون پيل هيون ۽ طرزِ تعمير به گھڻي ڀاڱي ساڳي آهي. هُتان جون پيتيون شفاف شيشي جون ۽ اسان جون هتي مضبوط لوهه جون پيتيون آهن. علامه جي مزار ٻاهران باغيچي ۾ گلاب، رابيل، رات جي راڻي، نرگس ۽ ٻيا موسمي گل جام هئا. هيڏي گرميءَ ۾ به گلاب سٺا ۽ صحت مند گل جھليو بيٺا هئا. وڻ ساوا چهچ، رستي تي ڪو به سُڪو پن، ڪاغذ يا گند ڪچرو پيل نه هيو. ڪٿي ڪٿي ڪڏهن ڪڏهن پينار به ملي پيا وڃن، مگر لڪي لڪي هلن پيا. ڇتي پِن نه هئي. اها ڳالهه ڀلي هئي ته خيرات عربي ۽ فارسيءَ ۾ پيا گھرن، نه اسان سمجھون، نه ڏيون! شايد پاڪستاني فقيرن وانگر خيرات نه ملڻ تي پنهنجي زبان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندا هوندا.
تهران کليل ۽ خوبصورت شهر آهي. تهران جا رستا گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ ڇٻر سان ڍڪيل هئا. ڪا به جاءِ ساوڪ کان خالي نه هئي. تهران کان مختلف شهرن ۽ ملڪن لاءِ روڊن کان علاوه هوائي ۽ ريل رستن جي به سهولت آهي. تهران کي هڪ جديد هوائي اڏو ۽ شاندار ريلوي اسٽيشن به آهي. علامه خمينيءَ کان ٿيندا سڌا مزارِ بيبي شهر بانو زوجه امام حسين رضه ۽ والده امام زين العابدين تي آياسين. سانئڻ جي مزار جبل تي سوين فوٽ مٿي آهي. بسون ٿورو چاڙهيءَ تي هلي بيهي رهيون. باقي اڌ پنڌ پيدل طئي ڪيوسين، جنهن لاءِ ڏاڪڻيون چڙهيون پيون. هر ويهن ڏاڪن کان پوءِ ميدان هيو. اهڙا ڏاڪا ۽ ميدان چار ڀيرا پار ڪرڻا ٿا پون. ان کانپوءِ مزار تي پهچجي ٿو. مزار جي اڱڻ هيٺ هڪ ننڍڙو دڪان آهي، جتي ٻارن جي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ڪجھه ڪتاب پيل هئا. بيبي صاحبه ايران جي اڳوڻي عادل بادشاهه نوشيروان جي خاندان مان آهي. مزار تي ماڻهن جو هجوم معمول موجب آهي. ٻين مزارن جو شان و شوڪت ۽ سندن مزار جي سادگي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. دنيا جو هي به ٻٽو معيار آهي. زيارت لاءِ عورتون مزار اندر ۽ مرد ڀر واري حجري ۾ حاضري ڀري قل خواني ۽ دعا ڪن پيا. بيبي صاحبه جي پيدائش ايرانڻ هجڻ ۽ وري دفن به ايران ۾ ٿيڻ، عجيب اتفاق آهي. روايت آهي ته حضرت عمر رضه جي دور ۾ جڏهن ايران فتح ٿيو تڏهن ان وقت جي بادشاهه جي ملڪيت سميت سندس اولاد کي به مديني آندو ويو، جتي سندن شادي حضرت امام حسين رضه جن سان ٿي. پاڻ سفر ۽ جنگ ڪربلا دوران امام حسين رضه سان گڏ هيون. قيدي ٿي سفرِ شام به سندن حصي ۾ آيو. طوالت جي ڪري ان موضوع کي اتي بند ڪجي ٿو. ايران ۽ عراق جيترو به روڊ جو سفر هيو، ان ۾ ڪٿي به ٽول پلازا نه آيو. باقي حفاظتي تپاس لاءِ ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا ٿئي پئي. شهري رستن تي نه ته پوليس يا ٽريفڪ جو سپاهي نظر آيو، نه وري ڪو سگنل هيو. جتان جتان روڊ ٻئي روڊ کي پار پيو ڪري اتي اڪثر مٿان پليون ٺهيل هيون.