سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

ڪوهه سنگي باغيچو

“ڪوهه سنگي” باغيچو جبل جي تري ۾ هڪ نوڪدار پٿرن واري پهاڙي يا ٽڪريءَ کي سنواري ان تي قائم ڪيو ويو آهي. وڏي ڪاريگريءَ ۽ ماپ سان ٽڪريءَ کي ڪٽي گلن ۽ ڇٻر لاءِ ٻارا ٺاهي، انهن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اڏون ٺاهيون ويون آهن. پنڌ ايندڙ ويندڙ گھمندڙن لاءِ خلاصائي خاطر الڳ الڳ رستا آهن. انهن ٻنهي رستن کي الڳ ڪرڻ لاءِ وچ ۾ هڪ وڏو رستو آهي. رستن جي ٻنهي پاسي سهڻي قطار ۾ سڌا چيل جا وڻ پوکيل آهن، جنهن ڪري رستن تي هر وقت ڇانورو رهي ٿو. ٿورو اڳتي هلي ننڍين گاڏين ۽ ڪارن بيهارڻ جو ميدان آيو، اڳتي هاڻي رستا ۽ باغيچو ويڪرا ٿيندا ويا. هتي پهاڙيءَ مان نڪرندڙ چشمي کي وڏي ڪاريگريءَ سان هيٺ آڻي باغيچي ۾ پکيڙڻ ۽ مزيدار بڻائڻ لاءِ اونچايون، هيٺاهيون، مختلف نالين سان ڳنڍي وري مختلف جڳهين تي ننڍا ننڍا تلاءَ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي شفاف پاڻيءَ سان هميشه ڀريل رهن ٿا. مٿاهينءَ کان هيٺاهينءَ تي ڪِرڻ وقت پاڻي آبشار جو منظر پيش ڪري ٿو. وهڪري وارو ۽ تلائن وارو پاڻي هڪ جيترو شفاف آهي. ايترو شفاف جو تري ۾ پيل هر شيءِ نظر اچي پئي. باغيچي جي هڪ پاسي کان هڪ رستو گولائيءَ ۾ گرلن ۽ ڏاڪڻين سان ڦرندو پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي وڃي ٿو. ڪافي نوجوان اوڏانهن چوٽي به گھمي آيا. ٻڌايائون ته پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تان شهر جي خوبصورت نظاري ڏاڍو لطف ڏنو. اسان هيٺ ڏنل باغيچي جا درشن ڪرڻ لڳاسي. باغيچي ۾ ويهڻ لاءِ سيمينٽ ۽ پٿر جون ننڍيون ننڍيون ديوارون ٺهيل هيون ۽ بينچون به رکيل هيون. رستي ۾ هڪ وڏو جم يعني ورزش خانو ٺهيل هيو، جنهن ۾ هر قسم جي ورزش لاءِ هر قسم جو سامان ۽ مشينون رکيل هيون. پوڙها، ٻار ۽ نوجوان پنهنجي پنهنجي پسند جون ورزشون ڪري رهيا هئا. باغيچي ۾ ڪجھه گهورڙيا، چانهن، ڪافي ۽ کائڻ جون ٻيون شيون وڪڻي رهيا هئا. رستي ۾ کائڻ پيئڻ ۽ ٻارن جي شين جا جڳهه جڳهه تي دڪان هئا. انهن دڪانن تي وڪامندڙ شيون ڏاڍيون مهانگيون هيون. ڪافيءَ جو هڪ ڪپ پاڪستاني ٻه اڍائي سؤ رپين ۾ ملي رهيو هيو. گھمندي ڦرندي هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ ٺهيل پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو، جنهن جي وچ ۾ ستن ٽوٽين وارو تيز ڦوهارو هلندي نظر آيو، جيڪو پنجاهه کان سٺ فوٽن جي اوچائي تائين مٿي وڃي رهيو هيو. ان تلاءُ جي چوڌاري گھمڻ وارن لاءِ الڳ رستو، ورزش لاءِ گھمندڙن واسطي الڳ رستو هيو. ڦوهارو چهچ ساون وڻن وچ ۾ سهڻو منظر پيش ڪري رهيو هيو. اسان ڦوهاري جو منظر ڏسڻ لاءِ تلاءُ جي ڀرسان ٺهيل هڪ ديوار تي ويهي رهياسي. ڦوهاري جو هيٺ مٿي اچڻ وڃڻ جو منظر ڏاڍو دل فريب هيو ۽ اسان جو ان منظر ۾ محو ٿيڻ به لازمي هيو. ڦوهاري جو اُڀار چوڌاري ڦرندڙ هيو. هوا جي زور تي ان جون ڦڙيون اسان جي جسم ۽ ڪپڙن تي پئجي ڏاڍو مزو ڏيئي رهيون هيون. اهو ڄڻ قدرتي ڦوهار جيان اسان جي جسم ۽ روح کي فرحت ڏئي رهيو هيو. اهو سڄو منظر فضيلت ۽ روحانيت وارو هيو. جن دوستن عروج واري دور ۾ ڪراچيءَ جو هل پارڪ ڏٺو آهي، هن باغيچي سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿو. هاڻي ته هل پارڪ ۾ جانور به پاڻيءَ لپ لاءِ پريشان آهن. باغيچو الاهي وڏو هيو. اهڙي ماحول ۾ گم ٿي وڃڻ اسان لاءِ فطري عمل هيو. ان موهه ۾ اسان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو. واپسيءَ جو وقت واڪا ڪري ورڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هيو. سڪايل عاشق جيان ٿڪل قدمن سان ماڳ ڏي موٽڻو پيو. الائي ڇو اتي اوچتو موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو قبرستان، ٺٽو، مڪلي، ڀٽ شاهه، منڇر، ڪينجھر، منصوره جي لاوارثيءَ تي اکين ۾ پاڻي تري آيو، جيڪي تاريخي ماڳ هوندي به ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. مشهد ۾ هٿرادو هنر جي قدر داني ڏسي مون کي رِيس اچڻ لڳي ته اسان جي انهن ادارن کي به اهڙي طرح ترقي ڪرڻ گھرجي. آهستي آهستي گهمندي ڦرندي واپسي ٿي، جنهن جاءِ تي بسن مان لٿا هئاسي، اتي پهتاسي ته بسون لهون ئي نه. سمجھه ۾ آيو ته ڊرائيور ان ساهيءَ جو فائدو وٺندي ڪنهن ٻِي سواريءَ سان ڪو مقامي داءُ هڻڻ هليا ويا ها. ان ڪري اسان کي ڪلاڪ کن بسن جو انتظار ڪرڻو پيو. ڪاروباري ماڻهن جا هر ملڪ ۾ هنري گُر گھڻي ڀاڱي ساڳيا آهن. گھڻي انتظار کانپوءِ بسون آيون ۽ ايتري ۾ سج لٿي جون اذانون به اچي ويون. هتي اذان هڪ يا ٻن مسجدن مان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، شايد هتي اذان صرف ڪنهن مرڪزي مسجد ۾ ڏني ويندي آهي. اسان جي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي اذانون اينديون آهن. نيٺ انتظار ختم ڪري بسن ڀيڙا ٿياسي. بسن ۾ ويهي مسافرن جي سُس پُس مان اهو اندازو ٿيو ته بس وارو پاڪستاني ڊرائيورن جيان موقعي جو فائدو وٺندي ڪا ٻي سواري کڻي، ان مان به ڪمائي ڪري آيو آهي. خير! الله بهتر ٿو ڄاڻي.
مانجھاندي جي ميز تي هڪ بلتستاني شاگرد حسن فخر الدين بلتيءَ سان ملاقات ٿي. هي ان الطاف حسين بلتيءَ جو مائٽ آهي. جيڪو ڳوٺ وڃڻ لاءِ نجف، ڪربلا کان مشهد تائين اسان سان سونهون ٿي آيو هيو ۽ ان طريقي سان پنهنجو ڪرايو به بچايو هئائين. هي ٻن سالن کانپوءِ ڳوٺ وڃي رهيو هيو سو به ڀاءُ جي شادي ڪرائڻ لاءِ. پرديس ۾ ڪمائڻ لاءِ ويل ماڻهوءَ کي بچت لاءِ اهي طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا. هي ڏاڍو بااخلاق ۽ ايران عراق متعلق ڪافي ڄاڻ رکي ٿو. هر قافلي واري سان مددگاريءَ ۾ اڳڀرو هيو. اڄ هن کي پاڪستان وڃڻ لاءِ مشهد کان تفتان روڊ رستي روانو ٿيڻو آهي. هتي نجف اشرف، ڪربلا معليٰ، سامره، ڪاظمين، بغداد، قم، تهران ۽ مشهد جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان جي هر علائقي جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. ان ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ بچيل وقت ۾ ڪنهن اداري ۾ ڪم به ڪندا آهن.
حسن فخر الدين سان ويٺي ويٺي ڪلاڪ اڌ جي ملاقات ٿي. هي هتي قرآن شريف تي ايم فل ڪري رهيو آهي. هن سان سندس گھر وارا ۽ ٻار به ساڻ هئا. هن ٻڌايو ته هتي پڙهڻ واري شاگرد کي وظيفي کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪرڻو ناهي. جيڪڏهن سندس ڪنهن ٻي ڪِرت ڪمائيءَ بابت انتظاميا کي خبر پئي ته سندس داخلا ۽ وظيفو ختم ڪري کيس ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏيندا. هن ٻڌايو ته مون کي هتي اٺ هزار ايراني وظيفو ملندو آهي، جيڪو هن مهانگائيءَ جي دور ۾ پورو نٿو پوي. ان ڪري گھر جي هڪ حصي ۾ ٻاهران آيل مسافرن کي رهائي، انهن کي ماني ٽڪيءَ جي سهولت ڏيڻ عيوض ڪجھه ملي ويندو آهي، جنهن سان گذر سفر ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه سونهون ٿي مسافرن ۽ زيارتين کي گھمائڻ مان به چار ڏوڪڙ ملي ويندا آهن. ڪچهريءَ دوران هن اهو به ٻڌايو ته اڄڪلهه ايران ۾ دينيءَ سان گڏ دنيوي تعليم تي به گھڻو زور آهي. هر اداري ۾ جديد تعليم ۽ هنري سکيا جا شعبا هجڻ لازمي آهن. ايراني قيادت ۽ عوام آمريڪا ۽ سندس ساٿارين کان گھڻي متنفر آهي.
هينئر ايران جا چين، لبنان، يمن، روس ۽ هندستان سان سٺا سفارتي لاڳاپا آهن، جنهن ڪري کيس مغرب جي مقابلي ۾ سٺي ٽيڪ ٿي پئي آهي، جنهن جو آمريڪا تي اثر پوي ٿو. ڊرون ڪيرائڻ کان علاوه ڪالهه ايران هڪ منٽ ۾ ڏيڍ سؤ ميزائل ڇوڙي (فائر ڪري) پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري آمريڪا کي ششدر ڪري وڌو آهي. تادم تحرير جنوري 2020ع جي ٻئي هفتي ۾ بدلي طور آمريڪا ميزائل هڻي عراق جي هوائي اڏي تي ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر ۽ ايران جي ٻيو نمبر طاقتور شخصيت جنرل قاسم سليمانيءَ کي ماري وڌو آهي، جنهن سان ايران جو وڏو سياسي ۽ فوجي نقصان ٿيو آهي. موٽ ۾ ايران بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
حسن فخرالدين ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته آمريڪا سان جنگي حالت ۽ معاشي پابندين جي ڪري ايران ۾ غربت ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي. بصر، ٽماٽو، داليون ۽ ٻيون کاڄرو شيون چئوڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن. انهن اگھن مان عام مهانگائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ايران جي آمدني ۽ روانگي واپار تي مغرب جون پابنديون ۽ فوجي سگھه تي ٿيندڙ خرچ سندس ملڪ جي معاشي حالتن تي برو اثر وجھي رهيون آهن، ليڪن پوءِ به ايراني قوم متحد آهي. جنگي حالتن ۾ هونئن به قومن ۾ ايڪو ٿيندو آهي.
حسن اهو به ٻڌايو ته ايراني قوم جي مجموعي آباديءَ جو اَٺ کان ڏهه سيڪڙو سُني عقيدي وارا مسلمان آهن. هڪ کان ٻه سيڪڙو يهودي، عيسائي ۽ زرتشت آهن، باقي آبادي شيعا مسلمانن جي آهي، جنهن ۾ اسماعيلي فرقو به شامل آهي. هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته فورسز جو تمام گھڻو تعداد آهي، جنهن ۾ جاسوسي ادارا، رينجرز، فوج ۽ پوليس شامل آهن. ائين کڻي سمجھو ته هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ٻه سرڪاري جاسوس مقرر آهن. اڄڪلهه ايران جا پاڪستان سان سرد مهريءَ وارا ناتا آهن، ڇو ته پاڪستان آمريڪا ۽ سعودي عرب جو ساٿاري آهي. انهيءَ ساٿ جي ڪري پاڪستان ايران سان ٿيل ٺاهن تي به عمل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو. ايران جي عوام کي اها خبر آهي ته ٻاهرين قوتن جي ڀيٽ ۾ سندن قيادت ملڪ ۽ عوام سان مخلص آهي. ٻئي طرف آمريڪا ايراني ليڊرن ۽ عوام کي ڊالرن ذريعي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، مگر اڃا تائين کيس ان سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي آهي. هتي رشوت گھٽ آهي ۽ ڏوهن ۾ گھٽتائي ان ڪري آهي جو قانون جي عملداري سخت آهي. حسن هڪ ڇرڪائيندڙ خبر اها به ٻڌائي ته ايران ايترو اناج ذخيرو ڪيو آهي جو آمريڪا سان جنگ ٿيڻ جي صورت ۾ اهو ذخيرو چاليهن سالن لاءِ ڪافي آهي. آمريڪا کي ايران جي اسلامي انقلاب جي شروعاتي سال ۾ جمي ڪارٽر جي دور ۾ سفارتي يرغمالين وارو واقعو اڃا ناهي وسريو. ان ڪري آمريڪا تڪڙ ڪري ايران سان سڌي سنئين ڀرپور جنگ کان لهرائي رهيو آهي. آمريڪا ايران کي ٿڪائي مارڻ واري جنگي حڪمتِ عملي کان ڪم وٺي رهيو آهي. جمي ڪارٽر تهران جي آمريڪي سفارتخاني ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي لاءِ سٺ کان مٿي سفارتڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ درجنين هوائي جهازن جو ٻييڙو به ضايع ڪيو پر يرغمالي نه ڇڏائي سگهيو. اڄ تائين انهن آمريڪي جنگي جهازن جو اتو پتو ڪونهي ته اهي ڪاڏي ويا. آخرڪار سفارتي ٽياڪڙيءَ کانپوءِ ايراني شاگردن ۽ انقلابي گارڊن يرغمالي آزاد ڪيا. اهڙن سببن جي ڪري آمريڪا ايران تي مڪمل حملي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، باقي سفارتي، معاشي دهمان ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ايران هڪ ئي وقت آمريڪا ۽ اسرائيلي مفادن کي نشاني تي رکي ڇڏيو آهي. هن اڳتي ٻڌايو ته اوهان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته روز مره جي زندگيءَ ۾ ايراني عوام تي آمريڪا جو ڪو خوف ڪونهي. جڏهن ته ايران ۽ سندس ساٿين جي دٻاءُ کي آمريڪا هروڀرو نظر انداز نٿو ڪري سگھي. عقيدي جي لحاظ کان به مسلم عوام جون دلي همدرديون آمريڪا بجاءِ ايران سان آهن. ٻئي طرف آمريڪا کي يمن ۽ شام سان ڊگھي جنگ ۾ ڪا خاطرخواهه ڪاميابي نه ملي آهي. هونئن به اهو جنگي اصول آهي ته ملڪ کان ٻاهر ڏورانهن علائقن ۾ ڪنهن سان وڙهڻ يا ڪنهن جي مدد ڪرڻ سان جاني يا اندروني نقصان بيشڪ گھٽ ٿيندو آهي پر معاشي ۽ جنگي نقصان گھڻو ٿيندو آهي. آمريڪا سان به ويٽنام کان وٺي ڪوريا، افغانستان، عراق، لبنان ۽ وچ اوڀر ۾ اهڙي حالت رهي آهي. مان سمجھان ٿو ته اهي حالتون آمريڪي سياسي ۽ فوجي قيادت جي دماغن ۾ به ضرور هونديون، مگر دفاعي صنعت جي بقاءَ ۽ وڏيرپ جو جنون اڃا تائين آمريڪا تي سوار آهي. آمريڪا کي هينئر عالمي ۽ ملڪي طور سندس غير تجربيڪار صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا طور طريقا به صدما ڏئي رهيا آهن. هينئر آمريڪا مڪمل طور پنهنجي هٿيارن ۽ اقوام متحده تي ڀاڙي رهيو آهي. هونئن به جيڪڏهن قومن ۾ همت ۽ حڪمرانن ۾ غيرت هجي ته آمريڪا ڪجھه به ڪونهي. وينزويلا، ڪيوبا، ڪوريا، ويٽنام، شام ۽ ايران جو مثال اسان جي سامهون آهي. آمريڪا هميشه لاءِ ملڪن جي حاڪمن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي خريد ڪري ڀاڙيتو سياسي گڏهن طور استعمال ڪندو آهي. اهڙي ريت ٻئي طرف اهو ترقي پسند ۽ قومپرست قوتن جو سخت مخالف رهيو آهي. ڪٿي انساني آزادي، ڪٿي اظهار جي آزادي ۽ ڪٿي مذهبي هيڪڙائيءَ جي حمايت ڪري ڪم ڪڍڻ کانپوءِ انهن مان بنهه ئي هٿ ڪڍي وڃڻ آمريڪا جو وطيرو رهيو آهي. ان طرح حسن فخر الدين سان لاڀائتي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اهڙي ريت موڪلاڻي به گرمجوشيءَ سان ٿي.
اڄ رات معمول موجب ماني کائي ٿورو ساٿين سان ڪچهري ڪري سمهي پياسي. ٻئي ڏينهن 27 جون 2019ع خميس تي ٻاهر گھمڻ جي ڪا رٿا ڪا نه هئي. ان ڪري صرف ماني کائڻ لاءِ ڪمرن کان نڪرڻ ٿئي پيو. باقي آرام هيو. اڄ ڪجھه مسافرن جي واپسيءَ لاءِ رات 28 جون تي مشهد کان ڪراچي وايا دبئي پرواز هئي، جنهن ڪري ڪجھه مسافر پنهنجا ڪمرا خالي ڪري سامان استقباليه تي کڻي هيٺ آيا. منجھند جو اڍائي وڳي مانجھاندي کانپوءِ کين سامان سميت بسن ذريعي نيشاپور بقايا زيارتن لاءِ نيو ويو، جتان واپسيءَ تي سڌو سنئون هوائي اڏي تي ويندا. واپسيءَ تي رڳو هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آيا.
انهيءَ کان اڳ مون فون ڪري حسن فخر الدين بلتيءَ کي هوٽل تي سڏائي ورتو، جيئن ساڻس ڪچهري ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪجي. هو مغرب جي نماز کانپوءِ هوٽل تي آيو. هوٽل جي استقباله جي هڪ پاسي ويهي حال احوال ڪياسي. مان هن کان اڃا ڪجھه وڌيڪ مذهبي ۽ سياسي معلومات وٺڻ پيو چاهيان. احوال ڪندي هن ٻڌايو ته هتي مخصوص امام بارگاهون آهن، جتي خاص ڏينهن تي اجتماع ٿيندا آهن. جڳهه جڳهه تي گھرن يا چؤسولن تي نه ته جھنڊا لڳايا ويندا آهن، نه وري غازي عباس رضه جو هٿ لڳايو ويندو آهي. مون کي به پوري ايران يا عراق ۾ مقبرن کان علاوه ڪٿي به جھنڊو نظر نه آيو. هتي ماتم داري صرف سينه زني، سا به محرم جا ڏهه ڏهاڙا ۽ چاليهي دوران ٿيندي آهي. ذوالجناح، زنجير زني، جھولي ۽ سيج جو ڪو به اهتمام نه ٿيندو آهي. رستن ۽ چؤسولن تي سبيلون لڳنديون آهن. مختصر عرصي لاءِ نڪاح جو رواج عام آهي. ان رشتي مان ٿيل اولاد حلال ليکيو ويندو آهي ۽ اهڙو اولاد پيءُ جي ذميواري هوندو آهي. اهڙو تعلق گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن لاءِ هوندو آهي. هتي مهينو نوروز سال جي حساب سان سرڪاري طور تي ڳڻيو ويندو آهي. ان مهيني جو عيسوي مهيني وانگر چنڊ ڏسڻ سان ڪو تعلق ناهي هوندو. ملازمن کي پگھارون به نوروز مهيني مطابق ڏنيون وينديون آهن. هفتيوار سرڪاري موڪل جمعي جي ڏينهن هوندي آهي.
ايران ۾ سرديءَ جي موسم عام طور تي سيپٽمبر کان جنوريءَ تائين هلندي آهي. هتان جو بلدياتي نظام صفائي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي حوالي سان ڏاڍو مضبوط هوندو آهي. صفائيءَ واري عملي کي علائقا ورهائي ڏنل آهن، جيڪي رات جو ٻارهين وڳي کان صبح جو ستين وڳي تائين صفائيءَ جو ڪم مڪمل ڪري وٺندا آهن. ان کان پوءِ اعليٰ عملدار ان ڪم جي تپاس ڪندا آهن، جنهن ملازم جي حد ۾ صفائي نه ٿيل هوندي يا خراب ڪم هوندو آهي ته ان ملازم کي گھرائي نوڪريءَ مان فارغ ڪري ڇڏيندا آهن. تهران شهر ۾ ڪجھه يهودي به رهندا آهن. ايران ۾ ڪنهن به مذهب تي ڪا به پابندي ڪانهي. جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي تنگ ڪيو ويندو آهي ته تنگ ڪرڻ واري کي جيل موڪليو ويندو آهي. چون ٿا ته يهودي ايران جي ڪُل آباديءَ جي اڌ سيڪڙو کان به گھٽ آهن. آتش پرستن جو تعداد ٻه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. هتي ايران ۾ هوٽلن، باغيچن، ريلوي اسٽيشن، بس اڏن، هوائي اڏن، بندرگاهن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي آهي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل به ڪرايو وڃي ٿو، جنهن جو مون مشاهدو به ڪيو. قم واري هوٽل جي استقباليه تي رات جو اسان جو هڪ ساٿي سگريٽ ڇڪي رهيو هيو ته ان کي هوٽل مئنيجر روڪيو ۽ چيو ته ٻاهر گھٽيءَ ۾ ڇڪي اچ ۽ هن کي ائين ڪرڻو پيو. ايراني عيدالفطر ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن مگر عيد الاضحيٰ جي هتي ڄڻ خبر به نه پوندي آهي. قرباني به ڪي خاص امير ماڻهو ڪندا آهن. ان معلومات ۽ قهوو پيئڻ بعد حسن بلتي مون کان موڪلايو ۽ مون معلومات ڏيڻ لاءِ سندس ٿورا مڃيا. اهڙي معلومات مون لاءِ به ڪنهن فارسي يا عربي دان کان ملڻ جي اميد رکڻ مشڪل هئي. ٿورو آرام ڪري سامان سهيڙڻ جي به يادگيري آئي. ٽڙيل پکڙيل سامان گڏ ڪري رات جو ماني کائي آرام ڪيوسي.