زيارت شاهه سيد عبدالعظيم ۽ شهزاده حمزه
شهزادي حضرت حمزه جي ضريح ٻئي طرف هئي. هي بزرگ سيد زادو ۽ امام موسيٰ ڪاظم جو فرزند آهي. اهو سندس ضريح جي دروازي تي لکيل آهي. ضريح ۽ مقبره عاليشان شيشه ڪاري جي ٽُڪ سان سينگاريل آهي. مقبري جا ٿنڀ سنگ مرمر جا آهن. هن زيارت تي به مقبرن اندر فرشي قبرون هيون، جن تي فوتين جا نالا لکيل هئا يعني هڪ ئي وقت قبر جي قبر ۽ فرش جو فرش هيو. انهن قبرن تي هلڻ اسان واسطي ڏکيو مگر ايرانين لاءِ سولو هيو. ايراني قبرن مٿان عام فرش جيان هلي رهيا هئا. روضي ۾ زيارتين جي وڏي پيهه هئي. ٻاهرين زائرين کان علاوه مقامي ايرانين جو به وڏو انگ موجود هيو. وسيع صحن ۾ چانهن جو ڪائو، ٿيلها، جورابا ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ وارا گھورڙيا به موجود هئا. ان کان علاوه کاڌي پيتي ۽ عام شين جا دڪان به هئا، جتان ضرورت جي شيءِ پاڻ کڻي ۽ دخل تي پيسا ڏيڻا پيا پون. ڏيتي ليتي ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اها مشڪل هئي ته ايراني دڪاندار اگھه ايراني سڪي ۾ پيا ٻڌائين ته اسان وري پاڪستاني سڪي ۾ تبديل ڪري پيا ڏسون ته ڪس آهي يا ڪسر آهي. ايراني، شين جا اگھه ٻن سڪن ريال ۽ تُمن ۾ ٻڌائي به منجھائين پيا. اتي ئي زيارت دوران مغرب جون اذانون اچي ويون. اسان کي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ مشهد وڃڻ لاءِ تهران ريلوي اسٽيشن تي پهچڻو هيو. هتي جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته هر رستي ۽ چؤسول تي رهنمائيءَ لاءِ نالا وڏن وڏن بورڊن تي لکيل هئا، جن تي فارسيءَ سان گڏ انگريزي به لکيل هئي، ان ڪري پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي پئي، باقي دڪانن، گھرن ۽ گھٽين ۾ لکيل تحريرون صرف فارسيءَ ۾ هيون.
ايران ۽ عراق ۾ ڳولڻ سان به عورت مٿي اگھاڙي نظر نه آئي. ڪيتري به فيشن واري ۽ عمدو لباس پهريل عورت به برقعي يعني عبا ۾ هئي. سندن مٿي ۽ ڳچيءَ ۾ به الڳ الڳ ڪپڙو ويڙهيل هيو، باقي هر عورت جو چهرو کليل هيو. ها ڪتو ۽ ڪانءُ اسان کي ايران ۽ عراق ۾ نظر نه آيا. هر زيارت تي جڳهه جڳهه تي ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل جا ڪولر، فرجن جيان پيل هئا. انهن جي ڀر سان ضايع ڪرڻ واريون پلاسٽڪ واريون پاڻي پيئڻ جون ڪپيون جھجھي انداز ۾پيل هيون. هتي ڪٿي ڪٿي پنڻ وارا ٻار ۽ وڏا فقير نظر آيا، پر اهي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ وڪڻڻ بهاني سان بخشش گھرن پيا. اسان ڪجھه چانور بچائي کين ڏنا ته هنن خوشي خوشيءَ سان ورتا. سندن لباس درست هيو. هو بخشش گھرڻ مهل ڪنهن اڻ ڏٺل مخفي قوت کان ڊڄندي به نظر آيا.