سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

زيارت امام موسيٰ ابن امام جعفر صادق الڪاظم

زيارت جناب محمد جواد ابن امام جعفر صادق الڪاظم
هي روضو صحن ۽ ورانڊن سميت تمام وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. رات جو بلبن ۽ ماڻهن جي پيهه ڪري وڏي رونق آهي. روضي جي قبي جي مٿان سونهري رنگ آهي، جيڪو روشنيءَ ۾ چمڪي ٿو. اسان جي هوٽل جي درين مان مقبري جو ٻاهريون منظر صاف نظر اچي ٿو. مقبري ۾ امام موسيٰ ڪاظم رضه ۽ حضرت جواد جون مزارون آهن. ٻئي شهزادا پاڻ ۾ ڀائر آهن. امام موسيٰ ڪاظم کي عباسي خليفي هارون الرشيد جي دور ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو هيو قيد دوران. ڪفن دفن ۾ سندن ڪنهن عزيز ۽ عقيدت مند کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه هئي. جيل جا چار قيدي جنازو کڻي بغداد جي پل تي آيا هئا.
روضي جي طرز تعمير عراق جي ٻين روضن جي تعمير سان مشابهه آهي. اندر شيشاڪاري ۽ سنگ مرمر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. هتي به زيارت لاءِ ايندڙ ويندڙ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ رستا ۽ انتظام آهي. سبيلن جو اعليٰ انتظام آهي. هتي به روضي اندر موبائيل کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. هوٽل کان زيارت لاءِ ويندي رستي ۾ هڪ جاءِ تي عربي عالم شريف رضي جي مزار آهي. هن عالم مولا علي رضه جي خطبات تي مشتمل ڪتاب “نهج البلاغ” ترتيب ڏنو هيو. جنگ جي مرڪز هجڻ ڪري اڄڪلهه بغداد ۾ سخت حفاظتي انتظام ٿيل آهن. هوٽل کان مزار تائين رستي ۾ ٽن جاين تي تلاشي ٿئي ٿي. روضي جي ٻاهر جا انتظام فوج ۽ اندر جا انتظام ڪميٽيءَ حوالي آهن. روضي کي ٻن مزارن جي ڪري ٻه مقبرا ۽ چار وڏا مينار آهن، جن مان ٽي مينار مڪمل آهن ۽ هڪ جي تعمير هلي رهي آهي. ٻاهرئين دروازي کان صحن ۽ روضو هيٺاهينءَ تي آهي. ان ڪري ٻاهران دروازي وٽان اندر جو نظارو صاف نظر نٿو اچي . هوٽل رجابه يا الرياح جي چوٿين منزل تي کاڌي وارو هال آهي، جنهن جي درين مان روضي جو ٻاهريون منظر صاف نظر اچي ٿو، ڇو ته مينارن ۽ مقبري جو رنگ سونهري آهي. القاعده ۽ داعش جو بغداد ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ اول عراقي فوج ۽ ان کانپوءِ آمريڪي ۽ ناٽو جي فوجين سان جنگي جھڙپون ٿيون هيون. هوٽل مان ڏوپهرو ڪري اچي بسن ۾ ويٺاسي. بسن ۾ اڳتي پوئتي ويهڻ تي زيارتين ۾ گرما گرمي ٿي پئي. بهرحال وچ ۾ پوڻ تي حالات ٺيڪ ٿي ويا. گاڏيون هليون ته رستن ڏي نظر ڪرڻ سان تباهيءَ جا منظر صاف نظر اچن پيا. تاريخ جا ورق گواهه آهن ته بغداد ٻاهرين حملي آورن ۽ اندروني ويڙهاند جي ڪري سوين ڀيرا برباد ۽ آباد ٿيو آهي. سڄو شهر نئين ۽ پراڻي تعميرات جو مجموعو آهي. اسان کي اڳيان غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيرحه جي مزار تي حاضري ڏيڻي هئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان گلن ٻوٽن جون نرسريون هيون، جن ۾ هر قسم جا گل ۽ ٻوٽا ڪونڊين ۾ به هئا، جن ۾ رابيل، گلاب ۽ ٿوهر جا ٻوٽا به نظر آيا. رستن سان کجين جي قطارن ۾ ناريل جا وڻ به هئا. هر پاسي ڄڻ ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ ۽ پريان لوءِ پيا نظر اچن. غوث اعظم جو روضو آيو ته بسون رڪيون. زائرين کي چيو ويو ته جن کي زيارت ڪرڻي آهي اهي لهي اچن. چند شيعا زائرين کان سواءِ باقي سڀ شيعا سني زائرين لهي آيا. هيءَ هڪ وڏي ۽ ويڪري شاهراهه آهي. روضي جو شاهراهه وارو دروازو بند هيو، ان ڪري اولاهين پاسي کان ڦري داخل ٿياسي. اندر ۽ ٻاهر روضي ۽ مسجد جي مرمت هلي رهي هئي. ان ڪري ضريح جو دروازو بند هيو. خدام ٻڌايو ته اڄڪلهه مرمت جي ڪري ٽپهريءَ جي نماز کانپوءِ ضريح جو دروازو کلندو آهي. اسان کي تڪڙ هئي. اسان کي مدائن ۾ حضرت سلمان فارسي رضه جي حاضري ڀرڻي هئي ۽ شام تائين ايران عراق جي سرحد پار ڪرڻي هئي. منجهند جو هڪ وڳي تائين روضو مسجد گھميوسي. قل خواني ۽ نوافل ادا ڪيا. زائرين جو تعداد مختصر هيو. روضي ۽ صحن جي ايراضي وسيع ۽ گھڻي آهي. هڪ وڳي بغداد مان روانا ٿياسي.
سڄي عراق وانگر بغداد به لٽيل ۽ ڦريل قافلي جي ڪنهن مسافر جيان لڳو. اهڙي برباديءَ جا آثار هر پاسي نظر اچي رهيا هئا. جڳهه جڳھه تي بريڪر، رڪاوٽون، ڪنٽينرن ۽ گرلن جي شڪل ۾ بيهاريل هيون. شهر مفلوج ۽ پنهنجي برباديءَ تي سوڳوار نظر آيو. دارالحڪومت هجڻ جهڙو انتظام نه هيو مگر هر طرف گندگي هئي. لکت سموري عربيءَ ۾ آهي. نالي وارا بورڊ، اشتهاري بورڊ، دڪانن جا نالا، روڊن ۽ چؤسولن جا نالا به عربيءَ ۾ هئا. ڪٿي به ڪنهن اشتهار ۾ عورت جي تصوير نه هئي. ٽيليويزن تي نظر ايندڙ عورتون به عبا جي پردي ۾ نظر آيون. لکڻ ڳالهائڻ ۾ صرف عربي پئي هلي. عربي نه اچڻ جي ڪري ڪنهن مزدور، دانشور، سياسي ڪارڪن يا دڪاندار سان ڳالهائي به نه پيو سگھجي. ان ڪري وڌيڪ حالات جي معلومات نه ملي سگھي. باقي ظاهري حالتن ۽ واقعن مان ائين معلوم ٿي رهيو هيو ته حالتون عراقي عوام ۽ حڪومت جي هٿ وس ناهن. ظاهري طور تي رڳو حڪومت جو نالو ئي وڃي بچيو آهي، باقي اصل اختيار آمريڪين جي هٿ وس آهن. مجموعي طور بغداد سان وڏو بغداد ٿيل آهي.
اوڻيهه سؤ سٺ جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ ٻين ڪجھه يورپي ملڪن سان گڏجي سيٽو (SEATO) جي نالي سان هڪ معاهدو ڪيو ويو، جنهن کي عام طور تي بغداد پيڪٽ چيو ويندو آهي. هن معاهدي ۾ ڪجھه ايشيائي ملڪ ۽ وچ اوڀر جا ملڪ به شامل هئا، ليڪن هي معاهدو گھڻو وقت نه هلي سگھيو، ڇو ته هر معاهدي جيان هن ٺاهه ۾ به وڏين طاقتن جا مفاد شامل هئا. جڏهن ته ٺاهه مطابق ميمبر ملڪن جي معاشي ترقيءَ جي اوسر ڪرڻ گڏيل مقصد هيو. آخر ان مرده گھوڙي ۾ ساهه وجھڻ بدران آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن ناٽو (NATO) نالي هڪ هاٿي پاليو، جيڪو اڃا تائين غريب ملڪن جو رت پي رهيو آهي. ناٽو جي مقابلي ۾ روس وري ڪجھه اوڀرندن ملڪن سان گڏجي وارسا ٺاهه ڪيو. بنيادي طور تي هي ٻئي دفاعي ٺاهه هئا. انهن کان پوءِ سيٽو ۽ سينٽو (SENTO) ٺاهه عملي طور ساڪت ٿي ويا. اهڙي ريت دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن کي مشرق ۽ مغرب جو نالو ڏنو ويو. هنن ٺاهن جي ڪري مسلمان ملڪن تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. روس جي ٽٽڻ کانپوءِ وارسا ٺاهه عملي طور ختم ٿي ويو آهي، باقي ناٽو ٺاهه کي اقوام متحده جي آڙ ۾ آمريڪا پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. اقوام متحده جي فوجن جي نالي آمريڪا غريب اسلامي ملڪن ۽ آفريقي قومن خلاف استعمال ڪري ترقي پسند تبديليءَ کي روڪيون ويٺو آهي، جنهن ڪري ترقي پسند ڌريون وڏي ڏچي ۾ آهن ۽ اتي دهشتگردي کي هٿي ملي رهي آهي.
بغداد جي ٻهراڙين ۾ توڙي آسپاس گھڻي ساوڪ نظر آئي. کجين جي باغن کان سواءِ ڪونوڪارپس، ڪجھه ٻيريون، ٽاريون، سرنهن ۽ ناريل جا وڻ به هئا. ٿوري گھڻي پوکي راهي به ٿيل هئي. ڪٿي ڪٿي ڪڻڪ جو لابارو ٿيل هيو. ٻوٽن ۾ ڊڀ، ڪانڊيرا، لاڻي ۽ نڙ جام هئا. غير آباد ۽ سم واري زمين ۾ رستن سان لاڻي جو ٻوٽو جام نظر آيو. عراق پورو گھمڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻ لاڻي عراق جو قومي ٻوٽو آهي. ويهارو کن جيلن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ دشت ۽ ويراني شروع ٿي. جيڏانهن ڪر نگاهه تيڏانهن رڻ ئي رڻ هو. رستي سان نه آبادي، نه ڪو ڳوٺ، نه هوٽل، نه پيٽرول پمپ، ڪجھه به نه هيو. مسافر جي گاڏي خراب ٿئي ته ڏچي ۾ اچي وڃي. موبائيل فون کان سواءِ ڪو سهارو ڪونه هيو. جتي جتي سم جي پاڻيءَ جا دُٻا هئا اتي ڪنگ، آڙي ۽ نيرڳ نظر آيا ٿي، باقي صرف الله ئي الله هيو. رستي ۾ وقت جي تنگيءَ سبب مدائين ۾ حضرت سلمان فارسيءَ جي روضي جي زيارت ملتوي ڪئي سي. نيٺ پنجن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ايران عراق جي سرحد تي اچي پهتاسين. هي سمورو رستو مون کي ستر جي ڏهاڪي وارو حيدرآباد- ڪراچيءَ سپر هاءِ وي لڳو. سرحد جو دورازو اڃا بند نه ٿيو هيو. عراق جي سرحدي حصي جي زبون حالي ڏسي افسوس ٿي رهيو هيو. ڄڻ ٽرڪن جو ويران اڏو پئي لڳو. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻي پيئڻ لاءِ به نه پئي مليو. قافلي جي مسافرن کي هڪ ميدان تي ويهاريو ويو. بيهي بيهي يا زمين تي ويهي ويهي ٿڪجي پياسي.
قافلي جا سالار عراقي سرحدي عملدارن سان ڳالهين ۾ لڳي ويا. ڦڏو ان ڳالهه تي هيو ته عراقي اختيارين موجب سندن حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو مسافر جنهن سرحد تان عراق ۾ داخل ٿيندو اتان ئي واپس ٿيندو ۽ اهو فيصلو صرف پاڪستانين لاءِ هيو. معنيٰ ته “جتان هلي جيئن تڌي پهچي تيئن” واري ڪار هئي. اهو معاملو ان ڪري ٿيو جو جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان جي لاکاڻي ٽريولز جي مسافرن جو بغداد ايئرپورٽ جي اختيارين سان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪافي پاڪستاني مرد ۽ عورتون گرفتار ڪيا ويا هئا. اهو معاملو ميڊيا کنيو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جهڙن وزيرن کي عراق اچڻو پيو. ڳالهين بعد عورتن کي آزاد ڪري هڪ مسافر کي ڦڏي بازي ڪرڻ تي ٻه هزار ڊالر ڏنڊ ۽ ٽي ڏينهن قيد جي سزا ڏئي معاملو ختم ڪيو ويو. ان ڦڏي جي ڪري عراقي حڪومت صرف پاڪستانين لاءِ سرحد پار ڪرڻ جو نئون قانون منظور ڪيو هيو. بهرحال ٻن اڍائن ڪلاڪن جي مٿا ڪُٽ کانپوءِ ڏيتي ليتيءَ سان پاسپورٽن تي ٺپا هڻي اسان کي سرحد پار ڪرڻ ڏني وئي، ورنه اسان کي سالارن پاران ڊيڄاريو ويو هيو ته رات پٽ تي سمهڻي پوندي يا واپس نجف هلڻو پوندو، ڇو ته اسان اتان ئي عراق ۾ داخل ٿيا هئاسي ۽ اتان ئي نڪرڻو پوندو. خدا خدا ڪري عراقي دشت جي دروازي کان ايراني گلزار ۾ داخل ٿياسي. هن پاسي ته رونق ئي رونق هئي. روشنين ۾ آرام سان ايران ۾ داخل ٿياسي. هتي مسافرن جي آمد ۽ روانگيءَ لاءِ الڳ الڳ اي سي ٽرمينل هئا. بهترين مسجد، غسل خانا، ڦوهارا ۽ وڏي ميدان ۾ ڇانوَ لاءِ ڇٽيون لڳل هيون.
ايراني حدن ۾ اچي جان ۾ جان آئي. سرحد جي مُک ايراني عمارت جي وچ چوٽيءَ تي فارسيءَ ۾ “مهران” لکيل هيو. اهي اکر سيمينٽ جا اڀريل هئا. سالارن قم لاءِ بسون ڀاڙي تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سالارن کي بچت جي ۽ مسافرن کي وري تڪڙ جي هئي. اتي ڪجھه مسافرن ۽ سالارن ۾ منهن ماري به ٿي. آخرڪار بسن سان ڪرايو طئي ٿيڻ بعد اسان بسن ۾ سامان رکرائي پاڻ به سوار ٿياسي. ٻڌايو ويو ته سرحد جو فاصلو قم تائين چوڏهن کان ٻارهن ڪلاڪن جو آهي. سالارن چيو ته رستي ۾ رڪبو ۽ رات جي ماني کائبي، ان سان گڏ صبح جو نيرن به ڪرائبي. سالار سڀئي هڪ بس ۾ سوار ٿيا ۽ اسان ٻِي بس ۾ هئاسي. هلندي هلندي بسون اڳتي پوئتي ٿي ويون. ٿوري دير کانپوءِ جابلو رستا شروع ٿي ويا. ايراني علائقن جي موسم، ترقي ۽ رستن جي حالت بلڪل بدليل هئي. رستا سُٺا سؤکا، ٻطرفا ۽ ڪشادا هئا. رستي ۾ اخروٽ، بادام، زردالو، آلو بخارن ۽ انگورن جا باغ هئا. ڪڻڪ جي فصل جو ڪٿي لابارو ٿيل ته وري ڪٿي فصل لاباري لاءِ تيار هيو. رستي جي ٻنهي طرف ڳوٺ، شهر، پمپ، هوٽلون ۽ آباديون هيون. ٻنهي پاسي جبلن جو اڻ کٽ سلسلو هيو. اسان ڄڻ جبلن جي وچ ۾ واديءَ مان گذري رهيا هئاسي. موسم هڪدم بدلجي وئي. گرميءَ مان سردي ٿي وئي. ٿڌ جي وڌي وڃڻ ڪري بسن جي اي سي بند ڪرائڻي پئي. عجيب ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊرائيور اي سي هلائيندا ڪونهن. ايران ۾ اسان جي بسن وارو ڊرائيور وري اي سي بند نه پيو ڪري. رات ختم ٿيڻ تي آئي ته نماز لاءِ هڪ جاءِ تي بيٺاسي. مان نماز لاءِ بس مان اهو سوچي لٿس ته هيٺ موسم معتدل هوندي، پر هيٺ لهندي ئي سيءُ ڪنهن جن وانگر چنبڙي ويو. واش بيسن جو پاڻي ايترو ته ٿڌو هيو جو وضوءَ جو ارادو ترڪ ڪري صرف پيشاب ڪري جلدي اچي بس ۾ ويٺس. ٻاهر ڄڻ لُهري پئي لڳي. هلڪي هلڪي هوا سرديءَ کي ڄڻ چيڙائي رهي هئي. هڪ طرف ٿڪاوٽ، ننڊ جو غلبو، سردي ڄڻ هڪ ئي وقت ٻڌي ڪري اسان تي حملي آور ٿيا هئا. اسان اڃا تائين آسري ۾ هئاسي ته اڳيان هلندڙ گاڏيون ڪٿي بيهنديون ته ماني کارائيندا، ناشتو نيرن ڪرائيندا، مگر اڳيان اسان کان ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ نظر نٿي آيا. اسان جي بسن جا مسافر سالارن جي ان رويي تي ناراض ٿي ويا مگر پرديس ۾ ڇا ٿي ڪري سگھيا. سالار رات جي ماني ۽ نيرن جا ٻه ويلا بچائي ويا. اڪثر سالار مسافرن سان اهڙيون چالاڪيون ڪندا رهندا آهن. آخر ڏينهن جو هڪ وڳي بس بزرگ جمال الدين جي نالي واري دروازي وٽ روڊ تي اچي بيٺي. اتي سالار ۽ مسافر وائڙا ٿيا بيٺا هئا. پڇڻ تي سالارن ٻڌايو ته روڪڻ باوجود بس وارو نه بيٺو. اهو به سندن ڪوڙ هيو. سالارن پاران اڳواٽ قم ۾ ڪو بندوبست ٿيل نه هيو. ان ڪري هيڏي هوڏي ڦري وقت ٽاري رهيا هئا. نيٺ مقامي بسن ۾ ڪنهن ٻئي چؤسول تي وٺي آيا. اتي اڌ ۾ بيهاري چيائون ته سامان پاڻهي ايندو. اندر هوٽل ۾ صرف ويهن ماڻهن جي گنجائش هئي. پيهه ٿي وئي. سالار به هيڏي هوڏي گم ٿي ويا ته هوٽل وارا به گم ٿي ويا. مجبور ٿي هر ڪنهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت هٿ هڻڻا پيا. ڪنهن پليٽون کنيون، ڪنهن پاڻي کنيو ته وري ڪنهن ٻوڙ کنيو. ايران ۾ تغاريءَ جهڙي تئي جيڏيون مانيون مڻين هيون. بهرحال جيئن تيئن ڪري چار گرهه پيٽ ۾ وجھي بک جي باهه وسائي سي.
نجف کان ڪربلا تائين سالارن جو رويو ٺيڪ هيو. مگر سامره کانپوءِ سندن اکيون ڪياڙيءَ ۾ هيون. مسافرن سان ڪو تعاون، ڪا سار سنڀال نه هئي. الڳ الڳ اٿڻ ويهڻ لڳا. هاڻي هو پنهنجي ۽ ڪمپنيءَ جي مفادن ۾ قافلي کان بيزار هئا. هر جاءِ تي عدم تعاون، منهن ٿلهو ڪيون پئي گھميا. جيڪو حال تائين جاري هيو. سندن ڳالهائڻ جو لهجو ئي بدليل هيو. جنهن هوٽل ۾ ماني کاڌي سي اتي ئي رهايو ويو. هن هوٽل جو نالو معراج هيو. هي هوٽل بيبي معصومه جي روضي واري شاهراهه جي پوئين واري گھٽيءَ ۾ هيو. هوٽل مڙئي گذاري لائق هيو. هن هوٽل ۾ بورچي ۽ هڪ ڪم وارو علي پور ضلعي مظفر ڳڙهه جا سرائيڪي ڳالهائيندڙ هئا. اسان کي به ڳالهائڻ ۽ سمجھائڻ وارو ملي ويو ته سرهائي ٿي. پاڪستاني کاڌا ملڻ ڪري کائڻ پيئڻ جو هتي به ڪو مسئلو نه هيو. منجھند جي ماني کائي ٿورو آرام ڪيوسي.