سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

مسجد ميثم تمار، حنانه ۽ مسجد ڪوفه

بسن ۾ سوار ٿي مسجد مثيم تمار، مسجد حنانه ۽ مسجد ڪوفه جي زيارت لاءِ نڪتاسي. هي ٽيئي مسجدون تاريخي آهن. هنن جي تعمير ۾ ڪمال جي ڪاريگري ۽ هنر نظر اچي ٿو. هنن مسجدن ۾ سنهيون پڪيون سِرون ۽ وڏي تعداد ۾ ڪاٺ درن، درين ۽ ڇتين ۾ استعمال ٿيل آهي. مسجدِ ميثم تمار حضرت علي رضه جي صحابي ميثم يحييٰ التمار جي نالي سان مشهور ۽ منسوب آهي. ان صحابيءَ جي مزار به هن مسجد ۾ آهي.
هي صحابي ثناءِ علي ۽ فضائل عليرضه بيان ڪرڻ جو ماهر عاشق هيو. فضائل ۽ ثناءِ علي رضه بيان ڪرڻ جي ڏوهه ۾ حاڪم وقت، عالمن کان فتوائون ڏياري هن صحابيءَ جي زبان وڍرائي ڇڏي، چپ سبرائي ڇڏيا، ان بعد به حُب علي کان نه مڙڻ تي کيس کجيءَ جي وڻ سان ٻڌي ڦاسي ڏني وئي، جنهن بعد وقت سان سندس مشهوري وڌندي وئي. (روايت) ان کانپوءِ مسجد ڪوفه ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسي. حفاظتي قانون جي ڪري بسن کي ميل کن پري بيهاريو ويو. اڳتي جو فاصلو اسان کي پنڌ طئي ڪرڻو پيو. هي ٻه طرفو رستو هيو، جنهن سان گڏ ٻنهي پاسي فوٽ پاٿون ۽ انهن سان گڏ کجين جون قطارون هيون ۽ وچ تي گيٽ فلاور جا گل ٻوٽا هئا. فوٽ پاٿن تي موسم جي لحاظ کان ٿوري ٿوري فاصلي تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر رکيل هئا.
مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻه دفعا تلاشي ورتي وئي. تلاشيءَ جُتين رکڻ جو طريقو هر زيارت جو گھڻي ڀاڱي ساڳيو آهي. جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته ڪوفي نالي سان صرف هيءَ تاريخي مسجد ڪوفه وڃي بچي آهي. هن وقت مسجد جون ٻاهريون ديوارون ڪنهن قلعي جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن. ڪاٺ جا دروازا ايڏا مضبوط ۽ وڏا آهن جو هاٿي يا اُٺ انهن مان آسانيءَ سان اچي وڃي سگھن ٿا. اهڙا دروازا چئني طرفن کان آهن. اسان جنهن دروازي کان داخل ٿياسي ان تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون لهڻيون پيون. سامهون وڏو صحن ۽ ان صحن ۾ وڏو پاڻيءَ جو ڦوهارو لڳل هيو. چوڌاري ورانڊو هيو. مسجد جي ايراضي وڏي پکيڙ ۾ آهي. ٻاهرين دروازن مان اڄ به هيبت نمايان نظر اچي ٿي. مسجد جي اولهائين حصي ۾ منبر علي رضه ۽ ڀر ۾ مقامِ شهادت موليٰ علي رضه آهي. ان مقام کي ڄارين سان بند ڪيو ويو آهي، جتي هر وقت زيارتين جو هجوم رهي ٿو ۽ اهي پنهنجي هٿن سان اندر نذرانو به وجهن ٿا. هي مرڪزي طور تي ايئرڪنڊيشنڊ آهي. ڇت جا ڪافي حصا ڪاٺ سان ٺهيل آهن. مسجد جي ڇت جن ٿنڀن تي بيٺل آهي اهي سنگ مر مر جا آهن، باقي شيشي جي ڪاشيگريءَ جي ڪمال ڪاريگري ٿيل آهي. موجوده حالت ۾ ان مسجد جي سار سنڀال سندس تاريخي حيثيت مطابق ڪئي وڃي ٿي. صفائيءَ جو اعليٰ انتظام ٿيل آهي. فرش مڪمل طور قيمتي نرم قالينن سان ڍڪيل آهي.
ڪوفيٰ جي گورنر عبدالله ابن زياد، امام حسين رضه جي سؤٽ ۽ سفير مسلم بن عقيل ۽ سندس ٻن پٽن جون يادون به هن مسجد سان وابسته آهن. انهن وقتن ۾ مسجد کي عدالت طور به استعمال ڪيو ويندو هيو. مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ حضرت مسلم بن عقيل رضه جي مزار جي ضريح ۽ ٿوري وٿيءَ تي مختار ثقفيءَ جي مزار هڪ ڄاريءَ جي چوکنڊيءَ ۾ موجود هئي، جنهن ۾ زائرين نذرانو وجھي رهيا هئا. مسجد ۾ هر وقت زيارتين ۽ سياحن جو هڪ هجوم رهي ٿو.