الله تو آهر
تعليم حاصل ڪرڻ دؤران، ابنِ خلدون، سندباد سيلانيءَ سان گڏ واسگوڊيگا ما جا سفرناما پڙهياسي. ستر جي ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين سنڌ جي جهازي ناکئي محترم الطاف شيخ جا پندرهن کن ننڍا وڏا سفرناما نظر کان نڪتا، جن جي ڪري سفرنامو لکڻ تي دل اتساهيو. هن مختصر حياتيءُ ۾ وسائل ۽ رسائل جي اڻاٺ جي ڪري غير ملڪي سفر ڪرڻ جو موقعو يا موقعا گھٽ مليا، مگر ملڪ پنهنجي کي گھڻي ڀاڱي گھمي ڏٺو آهي. انهن مختصر سفرن يا چڪرن کي گھڻي ڀاڱي قلمبند به ڪيو آهي پر اهي زندگيءَ جا باب اڻ ڇپيل ئي ڪاغذن ۾ قيد رهجي ويا.
جڏهن منهنجي نياڻيءَ ساجده راز ڀٽو زيارتن جي خيال کان ايران ۽ عراق هلڻ لاءِ چيو ته اندر وارو ستل سياح آرس ڀڃي اٿي پيو. تياريءَ دؤران گھر جي باقي ڀاتين پڻ ان سفر ۾ ساٿ رهڻ جو پُرجوش خيال ڏيکاريو. انهن ساٿين ۾ منهنجي جيون ساٿياڻي خالده راز ڀٽو، ننڍي نياڻي شاهده راز ڀٽو ۽ ننڍو پٽ ساجد حسين راز ڀٽو شامل هئا. مالي سهڪار جي ذميواري وڏي پٽ عابد حسين راز ڀٽو ۽ نياڻي ساجده راز ڀٽو پنهنجي کيسن تي کنئي. مئي 2019ع ۾ رهيل ڀاتين جا پاسپورٽ ٺهرائي ورتاسين. عابد راز ڪراچيءَ جي هڪ سياحتي اداري “ڪاروان اصحاب حسين” سان مالي ۽ سفري معاملا طئي ڪيا. هي ادارو ڪراچيءَ جي انچوليءَ واري امام بارگاهه سان لڳ آهي. انهيءَ کانپوءِ ايران عراق جي ويزا ۽ هوائي جهاز جي روانگيءَ جي پڪي تاريخ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڳالهايو سي. واضح هجي ته عابد راز جو هن سفر ۾ گڏ نه هجڻ جو سبب سندس نوڪري هئي، ڇو ته سندس نوڪري ايئر فورس ۾ آهي ۽ ملڪ جي سرحدن تي ڇڪتاڻ جي ڪري کيس موڪل نه ملي سگھي هئي.
ڏينهن گذرڻ سان سفر جو سعيو ستائيندو رهيو. اسان سڀني لاءِ هي نئون سفر هيو، ان لاءِ اُڻ تُڻ فطري هئي. انهيءَ سوچ ۾ رمضان گذري ويو. مٿان عيدالفطر اچي وئي. عيد واري رات جو قافلي جي سالار اطلاع ڏنو ته ڏهين ۽ يارهين جون 2019ع واري رات جو چئين وڳي فلاءِ دبئيءَ جي جهاز ۾ اسان جون جايون محفوظ ٿيون آهن. ان حساب سان اسان کي ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي پهچڻو هيو، عيد ڳوٺ درگاهه نواڙي شريف ۾ پڙهي، يارن دوستن ۽ عزيزن سان عيد ملي موڪلاڻي ڪئي سي.
ڏينهن ٿورا هئا سفر طويل ۽ پري جو هيو، ان لاءِ تياريءَ جا مرحلا ۽ معاملا تيزيءَ سان اڪلائي رهيا هئاسي.
سفر ۽ موسم جي حساب سان ضروري دوائون ۽ ڪجھه ڪپڙن جون هڙون ٻڌيون سي. سفر کي آسان بڻائڻ لاءِ سامان گھٽ وزن وارو کڻي رهيا هئاسي، ڇو ته گھڻو يا وزني سامان لاهڻ چاڙهڻ ۽ هتان کان هُتي رکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. عيد گذري، تياريءَ ۾ خبر ئي نه پئي ته ڏهين جون جو ڏينهن به پنهنجي واري سان سهڪندو اچي پهتو. ڪار ۾ سامان رکي، گھر کي تالا هڻي چاٻيون پاڙي وارن جي حوالي ڪري خير سان ڪراچيءَ لاءِ گمبٽ کان الله توآهر چئي روانا ٿياسي، گاڏي ساجد راز هلائي رهيو هو. جوان خون جوش مان گاڏي تيز هلائي رهيو هيو، اسان عمر جي ٽپهريءَ تي پهتل! احتياط جو احترام ڪندي جوان مڙس کي گاڏي مناسب رفتار سان هلائڻ جو چيم.
گمبٽ کان ڪراچيءَ تائين پهچڻ جي سفر ۾ خيالن جي ڊُڪ ڊوڙ ۽ سوچن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هيو، هيئن هوندو، هونئن ٿيندو، خيالي منظر نگاري ۽ چترڪاري ذهن جي پردي تي ڪنهن دلچسپ فلم جيان هلي رهيون هُيون. ڪراچي ايندي ئي اها دلچسپ فلم ڄڻ اڻپوري ئي پوري ٿي وئي. چئين وڳي ڌاران ڪراچي ٽول پلازا کان وايا ملير ڇانوڻيءَ وارو رستو وٺي شاهراهه فيصل ذريعي فيصل ايئربيس تي پهچڻو هيو، جتي عابد راز اسان جو انتظار ڪري رهيو هيو، مگر ساجده راز گوگل تي رستي ڏسڻ ۾ غلطي ڪئي، جنهن ڪري فيصل ايئربيس وارو موڙ اڳتي ٽپي وياسي. رستي ۾ ڪو ٻيو موڙ به نه هيو، آخر ڊفينس فيز 6 اقراءَ يونيورسٽي واري موڙ کان موٽياسي. ان اوٽ موٽ جي خفي ۾ مُني ڪلاڪ جو وقت زياده لڳي ويو. ان کي چوندا آهن “تِر جي گُٿي سؤ چوٽان کائي.” خير سان فيصل ايئربيس پهتاسي ته عابد راز آجيان سان وارثي ڪئي. هٿ منهن ڌوئي تازا توانا ٿي منجھند جي ماني کاڌي سي. ڪجھه دير ڪچهري ڪري ايندڙ سفر لاءِ صلاحون ڪيون ۽ معلومات ونڊي سي. قافلي سالار سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته پرواز چئين وڳي رات جو آهي مگر اسان کي ٻارهين وڳي تائين هوائي اڏي تي پهچڻو آهي، ڇو ته پنجاهه کان وڌيڪ مسافرن جو قافلو آهي، جن جي سامان ۽ ڪاغذن جي تپاس لاءِ الاهي وقت گھربو.
هوائي اڏي تي پهچي گاڏيءَ مان سامان لاهي کيس هلڪو ڪيو سي. ايتري ۾ قافلي سالار جو نمائندو هاشم مليو، جنهن جي هٿ ۾ ڊائري، قافلي جو جھنڊو ۽ ڳچيءَ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ لڙڪي رهيو هيو، ڪجھه ٻيا مسافر به ايندا ويا. انهن سڀني کي هاشم ڳلي ۾ لڙڪائڻ وارا سڃاڻپ ڪارڊ، قافلي جو نالو ڇپيل هٿ وارو ٿيلهو ۽ ڳاڙهي ڪپڙي جو ڇپيل رومال ڳچيءَ ۾ پائڻ لاءِ ڏئي رهيو هو. انهن ڳالهين سان قافلي جي نالي ۽ مسافرن کي هڪٻئي کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملي رهي هئي. آهستي آهستي مسافر گڏ ٿيندا ويا. انهيءَ دوران هاشم ۽ سندس ٽوليءَ نوحا، نعتون ۽ قصيدا به چوڻ شروع ڪيا. ڪلاڪ کن انهيءَ دؤران گذري ويو. نيٺ ٻين وڳي ڌاران پهريون دروازو پار ڪرڻ جو اجازت نامو ملي ويو. ڇڙوڇڙ بيٺل مسافر معتبراڻي انداز ۾ قطار ٺاهي اندر داخل ٿيڻ لڳا. انهيءَ دؤران دروازي جي اندران پيسا تبديل ڪرڻ جو هڪ ئي ننڍڙو دڪان کليل هيو، جتان عراق جا پيسا مٽاياسي ۽ ڪجھه ڊالر ورتاسي. هڪ هٽيءَ جي ڪري پيسا بدلائڻ وارا وڏا نخرا ڪرڻ لڳا. ان ڪري نَون مسافرن کي اها مفت ۾ صلاح آهي ته پيسن تبديل ڪرڻ وارا خفا اڳواٽ بازار يا بينڪن ذريعي ئي اڪلائي ڇڏجن ته بهتر آهي. ان سان هوائي اڏي واري وٺ وٺان جي خواريءَ کان بچي سگھجي ٿو. ڇو ته پاڪستاني رپيا هوائي اڏي تي ويٺل آڙهتين ذريعي درهمن، تمن، ريالن ۽ ڊالرن ۾ تبديل ڪرائيندي خوار ٿيڻو پوي ٿو. بهرحال جاچ واري قطار ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳاسي. ڪاغذن ۽ سامان جي تپاس الڳ الڳ ٿي رهي هئي. انهيءَ دوران ڪنهن افواهه اٿاريو ته اميگريشن وارا هر قسم جي پيسن ۾ ڏهن هزارن کان وڌيڪ کڻي وڃڻ نٿا ڏين. ان تي مسافرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. مسافر هڪٻئي ۾ پيسا ورهائڻ بعد وڪرو ڪري رهيا هئا. وٺ سٺ ٿي وئي مگر حقيقت ۾ ڪو به اهڙو واقعو پيش نه آيو. گھڙي کن لاءِ ماحول ائين ٿي ويو ڄڻ ڪا امدادي رقم ورهائجي رهي هئي.
بهرحال تپاس جو مرحلو خير خوبيءَ سان پورو ٿي ويو. اتان واندا ٿي انتظار گاهه ۾ وڃي ويٺاسي. اسان جي انهيءَ مصروفيت ۾ وقت جو سفر جاري رهيو ۽ جهاز ۾ سوار ٿيڻ جو اعلان ٿيو. هڪدم قطار بڻائڻ سان اسان جو مهذب پڻو شروع ٿي ويو. ورنه پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به جاءِ تي پيهه ڪرڻ، اڳتي وڌي اڳ ڪڍي سوار ٿيڻ يا ڪجھه وٺڻ کي به اسان همت ۽ بهادري سمجھندا آهيون. جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم هوندو آهي ته اسان جي شيءِ يا جاءِ اسان لاءِ انگن سان اڳيئي محفوظ آهي مگر بسن، ريلن ۽ ملڪ جي اندروني پروازن ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پيهه ڪري، ڌڪا ڏيئي هڪ ٻه جھيڙو نه ڪريون ته ڄڻ اسان پاڪستاني ناهيون. اسان جي اهڙي روش کي ڏسي اڪثر غير ملڪي پڇندا آهن ته ڇا اوهان پاڪستاني آهيو؟ ڄڻ بي ترتيبي اسان سڃاڻپ آهي. خير اهو هيو اسان جو روايتي تذڪرو.
هلندي قطار ۾ اچي فلاءِ دبئي جي جهاز ۾ داخل ٿياسي ۽ پنهنجون جايون ڳولي ويهي رهياسي. ويهڻ کانپوءِ آسپاس جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿيو ته فلاءِ دبئي وارا جهاز سنڌ جي اڳين سرڪاري بسن جهڙا آهن، جيڪي ڄڻ زمين بجاءِ هوا ۾ هلي رهيون آهن. جهاز جو اندروني منظر پورو سارو هيو، بهرحال، چالو ٿيڻ کانپوءِ جهاز مسافرن سميت هوا جي حوالي ٿي ويو. لوڏا کائيندو، آسيرو پاسيرو، هيٺ مٿي ٿيندو، ڊيڄاريندو پر جهاز هلندو رهيو. هيءُ ڪراچيءَ کان دبئيءَ تائين جي ٻن ڪلاڪن جي پرواز جو پهريون حصو هيو. جنهن دؤران هلڪي ڦلڪي نيرن ڏني ويئي، جيڪا صرف گذاري لاءِ هئي. ان کان اڳ ۾ قافلي جي وقتي اڳواڻ مسافرن تي رعب رکڻ ۽ ٿورو ٿڦڻ لاءِ ٻڌايو هيو ته جنهن مسافر جي ڳچيءَ ۾ قافلي جو ڪارڊ، رومال ۽ هٿ وارو ٿيلهو نه هوندو ته ان کي نيرن نه ملندي، ڇو ته قافلي وارن پنهنجي طرفان نيرن جو انتظام ڪيو آهي. ليڪن جڏهن نيرن تقسيم ٿي ته سموري جهاز جي باقي مسافرن کي به نيرن ملي. ان مان معلوم ٿيو ته اها هڪ ڊاڙ هئي. هاشم جي ان ڪوڙ واري رويي مان اهو به پتو پيو ته هو روحاني نه مگر هڪ ڪاروباري نمائندو هيو، باقي نوحا ۽ قصيدا ڳلو ڦاڙي وڏي آواز ۾ چئي ۽ نعرا هڻائي رهيو هو. جهاز ۾ ٿائيلينڊ جي هڪ قدآور ڇوڪري، هڪ نائيجيرين اڌڙوٽ مائي ۽ هڪ آفريڪي مرد اسان جا ميزبان هئا. جهاز ۾ ڪپتان يا معاون ڪپتان طرفان صرف عربي يا عربي لهجي ۾ انگريزيءَ ۾ اعلان ٿي رهيا هئا، جيڪي سمجھه ۾ گھٽ اچي رهيا هئا. جهاز ۾ رکيل اخبارون ۽ رسالا به ٻه ٽي مهينا پراڻا هئا.
هي ٽرانزٽ (ساهيءَ) واري پرواز هئي، جنهن کي دبئي هوائي اڏي تي ڇهه ڪلاڪ بيهڻو هيو، ان ساهيءَ لاءِ جهاز ساڍي ڇهين وڳي ڊوڙ ميدان تي هڪ جھٽڪي سان لٿو ۽ ميدان کي ڪنهن چور عاشق جيان ڊڪندو ۽ چمندو چار ميل کن مفاصلو طئي ڪري اچي ڪنهن ڪنڊ ۾ سهڪي بيٺو. ڊوڙڻ مهل جهاز ٻين جهازن کي ائين پوئتي ميدان تي ڇڏيندو ويو جيئن ڪو ڳوٺاڻو ڪتو رستي سان ويندڙ ڪنهن موٽر سائيڪل يا ڪار يا گاڏيءَ سان ڊڪندو ڪنهن حد کانپوءِ ٿڪجي بيهي رهندو آهي. جهاز کي ڏاڪڻيون لڳيون، خير جو ڪلمو پڙهي ڏاڪڻين تان لهي اچي انتظار ۾ بيٺل بس ۾ چڙهياسي، جيڪا پڻ ڪنهن ڪاوڙيل معشوق جيان منٽن ۾ ڦيرو ڏئي اچي انتظار گاهه جي در تي بيٺي. لهي اندر داخل ٿياسي. ضروري قانوني تپاس کانپوءِ اچي انتظارگاهه جي اسٽيل وارين ڪرسين تي ويٺاسي. هي دبئيءَ جي هوائي اڏي جو پراڻو پاسو آهي. ضرورت جي هر شيءِ اتي موجود هئي. سالار ٻڌايو ته چئن ڪلاڪن جي ساهيءَ کانپوءِ جهاز نجف اشرف عراق لاءِ اڏامندو. تپاس وارو عملو اخلاقي طور سخت گير هيو. عربيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به زبان نه ته سمجھن پيا، نه وري ڳالهائين پيا. اسان لاءِ وري عربي سمجھڻ ۽ ڳالهائڻ مشڪل هيو.
بقول شاعر جي ته: “زبان يار من تُرڪي، و من ترڪي نمي دانم.”
حفاظتي عملي جي ڳالهه نه سمجھڻ تي هو ناراض ٿي پيا پون. ڪپڙن کانسواءِ هر شيءِ هڪ ٽوڪريءَ ۾ رکڻ لاءِ چون پيا، جيئن تپاسڻ لاءِ مشين مان گذري. اگر تسبيح يا منڊي لاهڻ وسري وڃي پئي ته مسافر کي قطار جي آخر ۾ بيهاري ٻيهر اچڻ لاءِ چون پيا.
اسان انتظار گاهه جي اٺين کان ٻارهين دروازي واري حصي ۾ ويٺاسي. انتظار گاهه ۾ هر ملڪ ۽ هر جنس جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي پرواز جي اوسيئڙي ۾ هئا. هيڏي هوڏي گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ خريداري ڪرڻ ۾ مصروف هئا. پاڪستان جي سڪي جي حساب سان اتي چانهن جو هڪ ڪوپ اڍائي سو رپين ۾ ملي رهيو هو. دبئيءَ جو هوائي اڏو ڏاڍو مصروف نظر آيو. جتي مختلف ملڪن جي مختلف ڪمپنين جا جھاز اڏي تي موجود هئا. هر منٽ ۾ هڪ جهاز اڏامي ۽ لهي رهيو هيو. دنيا جون هواباز ڪمپنيون مختلف ملڪن ۽ هوائي اڏن ڏي اچ وڃ لاءِ دبئيءَ جو هوائي اڏو ضرور استعمال ڪن ٿيون. ان جو خاص سبب سواريءَ جو گھڻو هجڻ آهي. سالار پاران چئن ڪلاڪن جي ساهيءَ لاءِ ٻڌايو ويو هو. هاڻي اها ساهي وڌي وڃي ستن ڪلاڪن کي پهتي.
رات جو اوجاڳو ۽ ڏينهن جو غير ضروري انتظار اسان کي ڏاڍو بيزار ڪري رهيو هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ گمبٽ ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪنهن پاڪستاني ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسي. اڳتي هلي پڪ ٿي ته ڪمپنيءَ وارا ڪاروبار ۾ اهڙا ننڍا وڏا ڪوڙ هڻڻ کي عيب ناهن سمجھندا. هي سفر به هنن لاءِ ڪاروبار ۽ اسان لاءِ زيارت ۽ سياحت جو سفر هيو. اهو فرق اسان مسافرن کي تڪليف ڏئي رهيو هيو. بهرحال سفر سفر آهي، گھر ناهي. نيٺ اوٻاسين واري بيزاريءَ مان ان اعلان جان ڇڏائي ته اسان جي پرواز وارا مسافر ڏهه انگ واري دروازي وٽ قطار ٺاهين. ضروري ڪاغذي تپاس کان واندا ٿي ٻاهر اچي بس ۾ چڙهياسي. انتظار گاهه ۽ بس جي درميان ڏاڍي گرمي هئي. هونئن به دبئيءَ ۾ گرمي گھڻي ٿيندي آهي. مٿان وري جون جو جوڀن هيو. بس هلي جهاز جي ڏاڪڻين ڀرسان لاٿو. ساڳي قطار، ساڳيا ماڻهو. ڏاڪڻيون چڙهي ساڳئي جهاز فلاءِ دبئيءَ ۾ داخل ٿي پنهنجون پنهنجون جايون والاريون سي. اخبارن کان وٺي جهاز سڀ ڪجھه ساڳيو هيو. بدليل هئا ته صرف فضائي ميزبان. ڪاڪ پِٽ مان ايندڙ روايتي اعلان عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ٻڌي واندا ٿياسي ته پتو پيو ته اتان جا ساڍا ٻارهن وڳا منجھند جا وڄي چڪا آهن. حسب عادت مون پنهنجي گھڙيءَ ۾ وقت ڏٺو ته اها پاڪستاني وقت ٻڌائي رهي هئي. ايتري ۾ فضائي ميزبان مايون ڏوپهري جي ماني ورهائينديون اچي اسان جي ڀرسان بيٺيون. ريڙهيءَ مان پاءُ کن پاڻي وارو ننڍڙو دٻو ۽ چانورن جي پلاءُ وارو دٻو هرهڪ جي سامهون رکي ويون. چانورن جو دٻو کولي کائڻ وقت ائين لڳي رهيو هيو ته ڄڻ اسان ڪنهن مجلس يا وعظ ۾ ويٺا آهيون. بکارا ۽ اڃارا هئاسي سو منٽن ۾ اهو خيرات جهڙو پلاءُ کائي ختم ڪري ٽشوءَ سان هٿ صاف ڪري شهپر وٽي بالم بڻجي ويٺاسي. انتهائي بلنديءَ تي سفر جي اڏام جي ڪري ڪنن تي تاڙيون چڙهي پيون وڃن، جنهن ڪري ڳلي ۾ ڪوڏي ڦاٿل ڪڪڙ جيان ڳيتون ڏيڻيون پيون پون. دريءُ مان هيٺ نظر ڪرڻ تي زمين بجاءِ ڌنڌ ۽ بادل نظر اچي رهيا هئا. جهاز جا ساڳيا لوڏا لامارا، آسيرو پاسيرو ٿيڻ مسافرن کي خوفزده ڪري رهيا هئا. نيٺ سوائين ٻِين وڳي جهاز رن وي جي ميدان تي ڊوڙڻ لاءِ هيٺاهين پرواز شروع ڪئي. ٿوري دير کانپوءِ زمين، ٻيٽ ۽ ڪي گھر ننڍن ٻوٽن جيان نظر اچي رهيا هئا. ايتري ۾ سخت گير آواز ۾ عربي اعلان ٿيو ته ٿوري دير ۾ اسان نجف اشرف هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون.
نيٺ جھاز هڪ جھٽڪي يا لوڏي سان ڌرتيءَ تي لٿو. ساڳيون ئي حرڪتي ٻار واريون ڊوڙون پائي اچي هوائي اڏي جي هڪ حصي ۾ ٿڪجي بيٺو. ڏاڪڻيون لڳيون، هٿ وارو سامان کڻي هيٺ لٿاسي. چوڌاري اڏي تي نظر ڊوڙائيندي رڳو ويراني نظر آئي. اڏو ڀڳل ٽٽل چتيون لڳل روڊ هيو. صرف هڪ جھاز ڪنهن اداس عاشق جيان پرينءَ جو پار ڇڏي ڪنهن ڏورانهين اڏام لاءِ آتو بيٺو هيو. جهاز مان لهي بس ۾ چڙهياسي، جنهن ٻن منٽن ۾ اچي انتظارگاهه جي دروازي تي لاٿو. انتظار گاهه چند مسافرن کان سواءِ سمورو خالي ۽ اداس اداس لڳي رهيو هيو. عمارت هڪ وڏي هال تي مشتمل ۽ ٽِين جي لوهي چادرن سان ڍڪيل هئي. ڪنڊن ۾ ضروري چند دفتري ڪمرا هئا، جن جي دروازن مٿان بجليءَ سان گهمندڙ انهن دفترن جا نالا هلي رهيا هئا. انهيءَ دوران وقتي سالار هاشم مرد مسافرن کي هڪ هڪ ڪري دخل(Counter) تي سڏي هوائي اڏي کان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ محصول طور ٽيهه ڊالر في مسافر گھرڻ ۽ وٺڻ شروع ڪيا. ڪجھه مسافرن کيس مطلوبه رقم ڏني، ڪن اعتراض ڪيو ته ٽيڪس متعلق اڳ ۾ نه ٻڌايو ويو هيو. ان ڪري اها اوڳاڙي ته غيرقانوني آهي. آهستي آهستي اها ڳالهه ڪنهن بدبوءِ جيان سڀني مسافرن ۾ پکڙجي وئي. اوچتو منهجي نظر ڪسٽم آفيس جي دروازي تي وڃي پئي، جنهن جي مٿان لڳل ڳاڙهي بتيءَ ۾ بار بار لکجي اچي رهيو هيو ته ايئرپورٽ خروج ٽيڪس ڏهه ڊالر آهي. مون اها ڳالهه ساجد راز ۽ ڪجھه ٻين مسافرن کي ڏيکاري ۽ ٻڌائي، جن وقتي سالار جو ڌيان ڇڪايو، اهو ڏسي شڪي ٻليءَ وانگر هروڀرو جو بحث ڪندي چوڻ لڳو ته توهان ماڻهن کي هر ڳالهه ٻڌائڻ جي نه هوندي آهي، ڪجھه ڏوڪڙ ڪفيل کي ڏيڻا آهن. ڪجھه هتي هُتي (رشوت) لاءِ ڏيڻا آهن. بهرحال هن جي شڪي ٿيل پيشاني تي آيل پگھر مان پڪيءَ طرح معلوم ٿي رهيو هيو ته مٿيان ويهه ڊالر قافلي جي اڻ اعلانيل خرچي آهي. خير وڏي بحث کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته ڏهه ڊالر سرڪار محصول هرڪو ادا ڪري اڏي مان نڪرو، باقي جو حساب اصلي سالار سان هوٽل تي هلي ڪبو.
ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ ضروري تپاس کان پوءِ اڏي جي کليل حصي ۾ آياسي، جتي پڻ اونداهه ۽ ويرانيءَ جو منظر هيو. اها ويراني يا ته القاعده، داعش ۽ آمريڪا جي جنگي ويڙهه جي ڪري هئي يا اڏاوت ئي اهڙي هئس. اسان سان گڏ گھڻا مسافر پهريون ڀيرو هي سفر ڪري رهيا هئا، جنهن ڪري حالتن کان اڻڄاڻ هئا.
هرڪو مسافر جھاز مان لٿل سامان کي ڳولڻ ۽ هڪ جاءِ تي ٿانيڪو ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته ايتري ۾ اهو اطلاع مليو ته بسون اسان کي سامان سميت هوٽل تي کڻي هلڻ لاءِ ٻاهر تيار بيٺيون آهن. پنهنجو پنهنجو سامان سهيڙي ريڙهين تي رکي ريڙهي اچي بس وٽ پهتاسي.
انتظار گاهه ۾ هڪڙي ڳالهه چڱي هئي ته جيترو وقت اتي ويٺا هئاسي ته اي سي جي ڪري گرميءَ جو احساس ۽ جون مهيني جون گمان ئي نه ٿيو. ڇت مٿي هجڻ ڪري ۽ مڪمل جائزي وٺڻ بعد ائين لڳو ڄڻ شهدادڪوٽ جي ڪنهن سارين جي مل يا خيرپور ميرن واريءَ جي ڪنهن ڪپهه جي ڪارخاني جي ڄڻ گودام ۾ ويٺا آهيون. بس ۾ سامان رکجڻ جي پڪ ٿيڻ بعد هرڪو اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو.
بسون ڏاڍيون شاندار، آرام واريون ۽ مڪمل ٿڌڪار واري ماحول واريون هيون. اهڙيون بسون هتي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ته هاڻي هلڻ لڳيون آهن، جڏهن ته ايران ۽ عراق ۾ اهي وڏي عرصي کان هلي رهيون آهن. جڏهن اهي بسون اڏو ڇڏي شهر جي عام روڊن تي هلڻ لڳيون ته روڊن جي حالت ۽ ٻاهر عام ماحول ۽ عمارتون ڏسڻ جو موقعو مليو. روڊ ڪشادا ۽ ويڪرا ضرور هئا مگر چتيون لڳل ۽ هنڌان هنڌان اکڙيل هئا. پاڪستاني روڊن جيان يا ته سندن تعمير ۾ خانجاڻو هيو يا وري آمريڪي جنگ جا تباهه ڪيل هئا.
جنگ جون تباهه ڪاريون جاڏي ڪاڏي نظر اچي رهيون هيون، ڊٺل گھر، عمارتون، ديوارن تي گولين جا چٽا نشان نظر اچي رهيا هئا. رستي تي عام طور ڪونوڪارپس جا وڻ ۽ ڪٿي ڪٿي ٻير سنجھي (ٽاري) ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ نظر آيا. روڊن ۽ چؤسولن کي پار ڪرڻ لاءِ مٿن پليون ٺهيل هيون. نجف جو هوائي بندر شهر کان ڪافي پري ٻاهر ٺهيل هيو. پاڪستان ۽ سنڌ جي روڊن وانگر رستي تي يا دڪانن اڳيان سروٽا، بجري، واري ۽ ٻيو سامان پيل هيو. موسم آهر دڪانن اڳيان هنداڻن، گدرن، گرمن ۽ سردن جا ڍير لڳل هئا. ماڻهو سوزوڪي ڊالن ۾ به رکي اهو ساڳيو ميوو وڪڻي رهيا هئا. بجليءَ جو نظام بلڪل سنڌ جھڙو نظر آيو، ٿنڀا ۽ تارون ائين ئي لڙڪيل. هر ٿنڀي ۾ سوين پي وي سيءَ جون تارون خطرناڪ حد تائين پري ڇڪي ويل هيون. ننڍيون وڏيون، اڳتي پوئتي، نيون پراڻيون تعمير ٿيل عمارتون، ڪٿي ڪٿي روڊن تي بيٺل پاڻي ڏسي تصور ۾ ائين پيو لڳي ڄڻ ٽنڊو آدم يا ميرپورخاص سنڌ ۾ پيا گھمون. آخرڪار بسون ڦيرا ڏئي اچي حضرت علي رضه جي روضي اڳيان شاهراهه شهنشاهه تي بيٺيون. بسن مان سامان لهرائي هوٽل تي کڻي هلڻ لاءِ ريڙهن تي رکيوسي، جن کي ماڻهو هلائي رهيا هئا. هتي گڏهه گاڏا نظر نه آيا. هٿن ۽ ڪلهن تي ماڻهو ائين گهلي رهيا هئا، جيئن بهاولپور، بهاولنگر، ديرا غازي خان ۽ ديرا اسماعيل خان ۾ پورهيت سائيڪل رڪشا تي ماڻهو ڍوئيندا آهن. شاهراهه شهنشاهه جي ڀر ۾ اوڀر پاسي هڪ ويڪري گھٽيءَ ۾ ئي الخيام نالي هوٽل ۾ رهائش رکيل هئي. سامان لهرائي هوٽل جي استقباليه ۾ رکرايوسي. هاڻي ڪمرن جي ورهاست ٿي. هر ڪنهن کي واري سان ڪمري جون چاٻيون ملنديون ويون. اسان کي هوٽل جي ٻِي منزل تي ڪمرو نمبر 202 ۽ 206 مليا. ڪمرن جي درين مان مولا علي رضه جي روضي جو گنبذ صاف نظر اچي رهيو هيو.
سامان رکي بس ڪيو سي ته مانيءَ تي سڏ ٿيو. ان وقت سوا چار ٿي رهيا هئا ۽ اهو ڏوپهرو هيو. دل ۾ وسوسا ۽ وهم هئا ته کاڌو الائي ڪيئن هوندو، ڇو ته عربن ۽ اسان جي کاڌن ۽ ذائقن ۾ ڪافي فرق آهي. اڳ ۾ ويل دوستن ٻڌايو هو ته عرب مصالحا تمام گھٽ ۽ نه هجڻ جي برابر کائيندا آهن. نيٺ سوچيندا وڃي کاڌي جي دالان ۾ پڳاسي ته ماني ڏسي ۽ کائي سڀ شڪ شبها ختم ٿي ويا. سواءِ چپاتيءَ جي باقي سموريون ڀاڄيون سنڌ جھڙيون هيون. مانيءَ لاءِ الڳ نانوائن جا دڪان آهن. هوٽلن وارا اتان پلاسٽڪ ۾ بند وڏيون سنهيون پڪل مانيون درزنن جي حساب سان وٺي ايندا آهن. جيڪي اڪثر ٺريل هونديون آهن. گرم ماني گھٽ ملي، باقي ڀاڄيون گرم هيون. ان ماڻهوءَ لاءِ اها ماني کائڻ چڻن چٻڻ جي برابر آهي، جيڪو پوڙهو آهي، ڏند ڪمزور اٿس يا ڏند گھٽ اٿس. هر منجھند جي مانيءَ سان هر هوٽل ۾ ٿڌو هنداڻو ڦارون ٿيل وافر مقدار ۾ سلاد جيان گڏ ملي رهيو هيو. ان کان علاوه منرل واٽر جون بوتلون، هر قسم جون سوڍا بوتلون، چانهه، جھجھي مقدار ۾هر ويلي تي ملي پئي. جنهن کي جيترو وڻي اوترو کائي. بوفو سسٽم هيو. ڪافي مسافر دوست کائڻ کانپوءِ ڪجھه کاڌو پليٽن ۾ ڪمرن ڏانهن به کڻي پيا وڃن. هي به هٻڇ جو هڪ انداز آهي. بعد ۾ ان کاڌي جو راز ائين کليو ته قافلي سالار ماني پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي بورچين کان پاڪستاني مصالحن ۾ تيار ڪرائين ٿا، جيڪي اتي نوڪريون ڪن ٿا. جيئن ته قافلي سالار ٻارهن سالن کان اهو ڪاروبار ڪن ٿا ۽ سال ۾ ٻه قافلا ايران ۽ عراق ۽ شام وٺي ويندا آهن، ان ڪري واقفيت هجڻ ڪري کين اهڙا بورچي آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. جيڪڏهن ٻه چار ماڻهو سنڌ مان ايران عراق وڃن ٿا ته انهن کي کاڌي جي مٽ سٽ واري تڪليف ٿئي ٿي، باقي ڪنهن قافلي سان وڃڻ وارا مسافر اهڙي فڪر کان آزاد رهن ٿا. ماني کائڻ کانپوءِ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي سبب چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ٿوري دير واسطي ڪمرن ۾ ليٽي پياسي. ٿوري اک لڳڻ کانپوءِ سالار جي دخل تان ٿيندڙ اعلان تي اک کلي ته سڀ مسافر استقباليه تي گڏ ٿيو ته زيارت لاءِ هلجي. گڏ ٿي سمورا زيارتي مولا عليرضه جي روضي جي زيارت ۽ حاضريءَ لاءِ گڏجي روانا ٿياسي. سڀ زيارتي نوان هئا ۽ رستي کان اڻ واقف هئا. ٻيو ته قافلي سان گڏ هڪ سڃاڻ رهي ٿي ۽ ڏڍ رهي ٿو. هڪٻئي کان ٿوري گھڻي ڄاڻ به ملي ٿي. قافلي سالار جي هٿ ۾ قافلي جو جھنڊو هيو. قافلي جي بينر وارا اڳيان هلي رهيا هئا. مائيڪ تي هاشم نوحا پڙهي رهيو هيو ۽ قافلي مان ڪجھه نوجوان وراڻيءَ ۾ سندس ساٿ ڏيئي رهيا هئا. ڪافي مسافر هلندي هلڪي طرح سيني جو ماتم به ڪري رهيا هئا.
سالار قافلي جي معلومات لاءِ فخر الدين بلتستاني مولوي ساڻ کنيو هيو، جيڪو نجف ۾ فقهه تي ڊاڪٽريٽ ڪري رهيو هيو ۽ ڪافي عرصي کان هتي هجڻ ڪري نجف ۽ تاريخ کان واقف هيو. اهڙا ٻيا به کوڙ پاڪستاني ايران ۽ عراق جي مقدس شهرن ۾ ديني ۽ دنيوي علم حاصل ڪن ٿا ۽ فارغ وقت ۾ سونهان ٿي قافلن مان ڪجھه نه ڪجھه ڪمائي وٺندا آهن مگر اهو سڀ ڪجھه هو لڪي ۽ خاموشيءَ سان ڪندا آهن. اهو ان ڪري ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي خبر سندن لاڳاپيل اداري يا مدرسي کي پوي ته هو هڪ ته سندن وظيفو بند ڪري ڇڏيندا يا وري اداري مان ئي بي دخل ڪري پاڪستان موڪلي ڇڏيندا. روضي کان ڪجھه پنڌ تي محافظن تلاشيءَ جا فرائض ادا ڪيا، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ تلاشيءَ جو انتظام هيو ۽ رستا به الڳ الڳ هئا. اهو سڀ ڪجھه دهشتگرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪيو پئي ويو. هوٽل ۽ روضي جي درميان هڪ وڏي بازار جو رستو هيو. جيڪو اسان وٺي وڃي رهيا هئاسي. دڪانن ۽ بازار ۾ بيٺل ماڻهن جي، اسان جي زيارت بجاءِ ان ۾ دلچسپي هئي ته اسان وٽانئن خريداري ڪيتري ٿا ڪريون، ڇو ته اهو هنن جو روز جو معمول هيو. روضي جي ٻاهران ڪجھه دير نوحه خواني ڪرڻ کانپوءِ جتين رکڻ جو وارو آيو. جتين لاءِ ٽي انتظام هئا. هڪ ته پڌر ۾ ئي لاهي وڃجي، ٻيو دروازي اڳيان خانن وارا ڪٻٽ آهن، انهن خانن ۾ رکو ۽ ياد ڪيو، ٽيون دخل وارا دڪان آهن، شاپر ۾ جتي وجھو، جمع ڪرايو ۽ ٽوڪن وٺو. وڏي ڳالهه ته انهيءَ سڄي عمل جو ڪو به پيسو پائي نٿو ڏيڻو پوي. سڄو عمل رضاڪاراڻي ۽ مفت ۾ خدمت خلق آهي. موليٰ عليرضه جي روضي ٻاهران مک دروازي واري ٻاهرئين چؤغان ۾ به غاليچا وڇايل هئا، جنهن تي سوين هزارين مسافر ۽ زيارتي ويهي ۽ سمهي سگھيا ٿي. روضي ۾ داخل ٿيندڙ گھٽي مٿي ۽ هيٺ روضي ڏي ويندڙ رستو دروازي کان هيٺ لهوارو ٿيندو ٿي ويو. ٻاهرئين دورازي ۽ روزي جي درميان وارو صحن هيٺاهون هيو. روضي تي هڪ پاسي مرمت، زيبائش ۽ صفائيءَ وارو ڪم به هلي رهيو هيو. روضي جي صحن ۽ اندر وارو حصو سمورو قيمتي قالينن سان ڍڪيل هيو. روضي کي چئني پاسن کان ڪاٺ جي ٽُڪ وارا وڏا عاليشان دروازا هئا. صحن جي چوڌاري ديوارن جي ٿنڀن ۾ ٿڌي پاڻي جون ٽوٽيون لڳيل هيون، روضي اندر ضريح مبارڪ کي گتي جي شيٽن سان پردو ڏئي زيارت خاطر اچڻ وڃڻ وارن مردن عورتن جو الڳ الڳ رستو بڻايو ويو هيو. ڪو جھڪي سلام پيو ڪري، ڪي دروازن کي چمن پيا ته ڪي هٿ لائي جسم تي ڦيرين پيا. ڪنهن کي به ڪا جھل پل ۽ روڪ ٽوڪ ڪونه هئي، ڪي حيدري ۽ الله اڪبر جا نعرا پيا هڻن، ڪي نوحا خواني ڪري رهيا هئا. ضريح ٻاهران صحن ۾ سڀني مسافرن قافلي وارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو. اسان سان جيڪو سونهون مولوي فخر الدين هيو، تنهن پنهنجي تقرير ۾ حضرت علي رضه ۽ نجف اشرف جي تاريخ ۽ فضيلت مفصل طور بيان ڪئي. ان بعد زيارت جي دعا پڙهي. زيارت جي دعا فريم ٿيل ديوارن تي به لڳل هئي، جنهن کي هر ڪو ماڻهو پاڻ به پڙهي سگھيو پئي. ان بعد ٻه رڪعتون نفل پڙهي پوءِ زيارت ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اڌ ڪلاڪ جو زيارت لاءِ وقت ڏئي چيو ويو ته وري ان ساڳي جاءِ تي گڏ ٿي هڪ ٻئي جو انتظار ڪرڻو آهي. ٻه رڪعتون نفل هر زيارت تي پڙهڻ لاءِ چيو پئي ويو. قافلي سالار کي هٿ وارو ايڪو سائونڊ هيو، جنهن تي هو قافلي وارن سان ڳالهائي، هدايتون ڏئي رهنمائي ڪري رهيو هو. ان مرحلي کانپوءِ قطار ڪري مر د ۽ عورتون الڳ الڳ دروازن کان روضي ۾ ضريح مبارڪ جي زيارت لاءِ داخل ٿيا. دروازي تي وري حفاظتي عملي تپاس ڪئي. ضريح مبارڪ جي اندر عجيب منظر هيو. خاموشيءَ سان پاڻ کان بي خبر هرڪو پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هيو. ڪي دروازي ۽ ضريح کي چمي ان سان مٿو لائي، روئي دعائون گھري رهيا هئا. ڪي نماز نفل ادا ڪري رهيا هئا. ڪي قل خواني ڪري رهيا هئا. اندر موجود خُدام فوٽوگرافيءَ لاءِ موبائيل جي استعمال کان روڪي رهيا هئا. آئون قل پڙهي، نفل ادا ڪري ديوار سان پيل هڪ گدي واري صنڊليءَ تي ويهي تلاوت ڪرڻ لڳس.
ڪجھه دير جي ساهي ۽ تپسيا کانپوءِ دعا گھري سوچيم ته پوري حرم جو جائزو وٺي روضي جي بيهڪ، اڏاوت ۽ جاگرافي معلوم ڪجي. اولهه پاسي واري دروازي کان نڪري مسجد ۾ داخل ٿي ويس، جيڪا پڻ قيمتي قالينن سان ڍڪيل ۽ سينگاريل هئي. اتي مسجد ۾ اسٽيل جي خوبصورت ڄارين کي حدن ۾ رکي اچ وڃ ۽ عورتن لاءِ حصا مخصوص ڪيا ويا هئا. مسجد ۾ ضرورت مند نمازين لاءِ اسٽيل جون سهڻيون ڪرسيون به ڪافي تعداد ۾ پيل هيون. مون به ڄنگھه جي تڪليف جي ڪري هڪ ڪرسي ريڙهي مغرب جي نماز ادا ڪئي ۽ ڪجھه نوافل به ادا ڪيا. منهنجي هوندي ڪيترائي جنازا آيا. ميت تابوت ۾ بند هيا ۽ تابوت کي اتر پاسي کان ضريح ۾ داخل ڪري زيارت ڪرائي پوءِ ٻاهر اچي جنازي نماز لاءِ مسجد ۾ رکن پيا. جنازي ۾ ويهن ٽيهن ماڻهن کان وڌيڪ نه پيا هجن ۽ اهي ئي ماڻهو تابوت رکڻ شرط نماز شروع ڪري پيا ڏين، ڪنهن جو انتظار نه پيا ڪن، نه وري روضي، صحن يا مسجد ۾ موجود ماڻهن کي ڪا دلچسپي هئي ته ڊوڙي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿين. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هيو. جنازي نماز سان ساڻ ماڻهو مسلسل ڪلمي جو ورد ڪري رهيا هئا. نماز کان فورن پوءِ جنازو دفنائڻ لاءِ کڻي پيا وڃن. ان کان سواءِ ٻي ڪا به رسم ادا نه پيا ڪن. اڪثر تابوتن مٿان سائي چادر پيل هئي. روضي ۾ پيئڻ ۽ وضوءَ جي پاڻيءَ سان گڏ هر قسم جو انتظام ٿيل هيو. ٿنڀن ۽ ديواران ۾ ڦوهاري وارا هوائي پکا گرميءَ ۾ موسم کي خوشگوار بڻائي رهيا هئا.
مسجد ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي اوچتو منهنجي نظر هيٺ وڇايل قالين جي ڪنڊ تي پئي، جنهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ سان علي اڪبر انصاريءَ جو نالو اڻيل هيو. مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي. مون اٿي سموري صحن ۽ روضي جا سڀئي قالين تپاسي ڏٺا ته سڀني تي اهو ساڳيو نالو اڻيل هيو. ڏاڍي جستجو ٿي ته ان لاپرواهي (منهنجي نظر ۾) جو ڇا سبب هيو. منهنجي معلومات جو ذريعو قافلي سالار يا سونهين کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونه هيو. جن به ڪو تسليءَ وارو جواب نه ڏنو ۽ روايتي طور ٻڌايو ته اهو قالين مهيا ڪندڙ اداري جي مالڪ جو نالو آهي. هونئن به هتي نالن کي اهميت ناهي هوندي. هتان جا ماڻهو چاهيندا آهن ته اسان جا نالا ڀلي پيرن هيٺان لتاڙجن، جڏهن ته اسان وٽ نالن جو ايترو احترام ۽ حساسيت آهي جو بي خيالي يا غلطيءَ وچان ڪو سڙي پوي، ڦاٽي پوي ته ان تي هنگاما ٿي ويندا آهن. فساد ٿي ٻارڻ ٻري ماڻهو مارجي ويندا ۽ فريادون داخل ٿي وينديون آهن. انهن نالن جا قسم ۽ ساکون کنيون وينديون آهن . اسان جي ننڍي کنڊ جي سڀني ملڪن جي مسلمانن جي اها عقيدت آهي. پڇا ڪرڻ تي اهو به معلوم ٿيو ته عرب ملڪن ۾ نالي کي صرف ان شخص جي ذاتي سڃاڻپ کان وڌيڪ اهميت ناهي ڏني ويندي، ڇو ته نالي کي اهميت ڪردار جي ڪري ملندي آهي، نه ڪي نالي سان ڪردار اهم ٿيندو آهي.
“نالي سان آهي ماڻهو مقدار جي ڪري،
انسان ٿي پوي ٿو هو ڪردار جي ڪري.”
هتي مون ڏٺو ته مقامي ماڻهو قرآن پاڪ پڙهي جتي اچِين پيو، اتي ڪنهن عام ڪتاب وانگر رکي پيا ڇڏين. انهيءَ دوران سومهڻيءَ جي اذان اچي وئي. نماز پڙهي، ٻيهر ضريح مبارڪ جي زيارت ڪري ساڳئي دروازي کان مقرر ٿيل جاءِ تي صحن ۾ اچي بيٺس. واضح رهي ته روضي اندر يا صحن ۾ ڪنهن به جاءِ تي ڪا به نذراني واري پيتي رکيل ڪانه هئي. نه ڪو خادم نذر نياز گھري پيو. نه وري ڪٿي ڪو فقير فقرو نظر آيو. جنهن عقيدت مند جي دل چوي پئي ته اهو نذرانو ضريح اندر اماڻي پيو ڇڏي. مقبري جي اندرئين حصي ۾ مڪمل طور رنگين ۽ چپٽي آئيني واري ڪمال ڪاشيگري گلڪاريءَ جي انداز ۾ ٿيل هئي. قبي جو ٻاهريون حصو سونهري رنگ جو هيو. ڪي چون پيا ته اهو گول قبو سوني چادر سان ڍڪيل آهي. ڪنهن چيو ته ان کي سون جو پاڻي ڏنل آهي. ڪنهن اهو به چيو پئي ته ان تي سونهري رنگ چڙهيل آهي (الله بهتر ٿو ڄاڻي) مگر ڇا اهو ڪافي ناهي ته ان مقبري جي نسبت الله جي شينهن، نبي ڪريم ﷺ جي ڀاءُ ۽ نياڻي فاتحِ خيبر سان آهي.
صحن مان سڀ گڏجي ٻاهر نڪتاسي. ٽوڪن ڏئي جتيون کنيون سي ۽ هوٽل ڏي روانا ٿياسي. هوٽل الخيام حرم کان سڏ پنڌ تي هيو. ان ڪري پهچڻ واري پنڌ ۾ ڪا خاص تڪليف نه ٿي. رات جي مانيءَ جو وقت ٿي رهيو هيو، ان ڪري سڌو طعام خاني جو در وڃي جھليوسي. پنهنجي خدمت پاڻ وارو طريقو اختيار ڪندي، هر ڪنهن وڃي طباخن جو پاسو ورتو. چئن قسمن جا پاڪستاني کاڌا، مثال طور فارمي ڪڪڙ، گڏيل سبزي، حليم، سلاد گڏيل، چانهن، ٿڌو جھجھي انداز ۾ هئا. هر ڪنهن پنهنجي ضرورت مطابق کاڌو کنيو. ڪنهن ته وري وهانءَ جي ماني سمجھي ايترو ٿالهين کي ڀريو ڄڻ پهريون ۽ آخري دفعو کائي رهيا آهن يا ڄڻ کاڌو کپي ويندو. ان عمل سان کاڌو زيان ڏاڍو پيو ٿئي. روزيءَ جي اهڙي بي قدري ڏسي وڏو ويچار ٿيو ته ڪٿي اسان کي ڳڀي جي ڳولا ۾ پريشاني آهي ۽ ڪٿي وري ڪيترن ئي ماڻهن جي قوت جيترو کاڌو اوبر ڪري گند ۾ اڇلايو پئي ويو. اگر ماني تيار ٿيڻ ۾ ڪي ساعتون دير ٿي وڃي پئي ته سڀ زيارتي پريشان ٿي پيا وڃن، دانهون پيون پون ته ڏاڍي دير ٿي آهي، ڏاڍي بک لڳي آهي. مٿان وري ڍؤ ٿيڻ کانپوءِ بيدرديءَ سان روزيءَ جي بي قدري پيا ڪريون! اسان جي اهڙي عمل سان پڪو اندازو ٿي رهيو هيو ته اسان ڪجھه سکڻ ۽ اصلاح ڪرڻ بجاءِ ڄڻ گھمڻ آيا آهيون. خير! چانهن پي واندا ٿي اچي ڪمرن ڀيڙا ٿياسي. رات ڪافي گذري چڪي هئي. ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ ائين کڻي وئي ڄڻ ڪکڙا اباڻا هئا.
ٻئي ڏينهن يعني 12 جون تي سالار دخل تان اعلان ڪرايو ته بسون اچي ويون آهن. سڀ مسافر زيارتن تي هلڻ لاءِ دالان ۾ گڏ ٿيو. ٻارهين وڳي هوٽل کان نڪري ٻاهر آياسي. گھٽيءَ ۾ چڱي ڀلي پيهه ٿي وئي. ياد رهي ته قافلي ۾ اڪثريت سنڌي خاندانن جي هئي. ٽي چار مهاجر خاندان به هئا. سڀ پاڻ ۾ مسافريءَ جي ڪري رلي ملي ويا هئا. انهن ۾ ڪوٽ بنگلي جي آسپاس جا خاصخيلي، گوپانگ، ٽنڊي آدم جا ڏيرا، ٻلهڙيجيءَ جا ٻُٽ سرائي، لاڙڪاڻي جا جوکيا، پيرڳوٺ ۽ ڀريا جا ميمڻ، خيرپور ميرن واريءَ جا ميراڻي ۽ اسان گمبٽ جا ڀٽا شامل هياسي. ايتري ۾ فراز نالي نوجوان جي قيادت ۾ ڪجھه سنڌي دوستن، ڪاغذن تي نعرا لکيل پنا ڪڍيا ۽ ٻن چئن ڄڻن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته آصف زرداريءَ کي رها ڪيو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو. جھٽ پٽ ۾ اهو نمائشي مظاهرو به ٿي ويو. موبائيل تي مظاهري جي تصويرن سان گڏ اهي خبرون پاڪستاني اشاعتي ۽ نشرياتي ادارن کي موڪليون ويون ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي آزاديءَ لاءِ نجف اشرف عراق ۾ جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان عمل تي اهي دوست ڏاڍا سرها هئا. لڳي پيو ته هو لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي سياست ۾ متحرڪ هئا. پاڪستان ۽ سنڌ فونون ڪري مائٽن کان پڇن پيا ته خبرون هليون آهن يا نه، اسان وارو مظاهرو ڪيئن لڳو؟ ڊاڙون پيا هڻن ته منصوبي موجب وڏو ڪم ٿي ويو. ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان وڏيون فونون ٿيون اچن ته اوهان وڏو ڪم ڪيو آهي! انهن ڏينهن ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر نيب پاران مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل هئا، انهيءَ ڪري دوستن زيارتن کي به سياست لاءِ استعمال ڪيو.
پهريون ڏهاڙو هيو، هڪٻئي کي ايترو نه پيا سڃاڻون، ان ڪري نالا ياد ناهن. بهرحال هڪ جوان کي فراز خاصخيلي پيا سڏين. سندس والد به گڏ هيو، جنهن کي ڊاڪٽر پيا سڏين. پتو پيو ته اصل لطيف ڪالوني خيرپور ميرن واريءَ جا ويٺل آهن. هاڻي پيپلزپارٽي جي نالي سان ڪراچيءَ جي ڪنهن علائقي ۾ سياست ۽ ڪاروبار ڪن ٿا. فراز جي والد ٻڌايو ته مون فقير آباد جي اسپتال ۾ نوڪري ڪئي آهي. هتي پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته هو هتي ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪري ويو آهي. هي هيو واٽ ويندي اسان جي روين جو ذڪر. خير، آهستي هلندا اچي شاهراه شهنشاهه تي بيٺل بسن ۾ سوار ٿياسي. هي ساڳيون ئي بسون هيون جيڪي اسان کي ڪالهه ايئرپورٽ تان کڻي آيون هيون. اڄ پهريون اسان کي تاريخي واديءِ سلام قبرستان ۾ موجود زيارتون ڪرڻيون هيون.