ٻه اکر: زندگيءَ جو مسافر (حاڪم علي شاهه بخاري)
چند مهينا اڳ هڪ بي نانءُ نمبر تان موبائل (سَوچلي) سڏيو. کنيم ته ڀاءُ علي گل نئين سر سڃاڻپ ڪرائيندي سمرڻي سوري. سڀ يادون يڪجاءِ ٿي ويون. ان کانپوءِ رکي رکي “سوچلي” رابطو ٿيندو رهيو. ٻه هفتا کن اڳ ۾ (مارچ 2020) ڀائو ڳالهايو. دستوري حال احوال کانپوءِ پنهنجي لکيل هڪ سفرنامي جو ذڪر ڪندي اهو به چيائين ته “ان جا ٻه اکر توهان کي لکڻا پوندا.”
انهيءَ سلسلي ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ڪجھه به سٺو ته ڇا پر سادڙو به لکي ڪونه سگھندو آهيان. پوءِ به نه ڄاڻان ڇو مان نهڪر ڪري نه سگھيس. مسودو ترت مون تائين پهچي ويو. پڙهي ڀانيم ته پڪ ڀائو پهرين ڏينهن کان اهو ارادو ڪيو هو ته انهيءَ سفر جو احوال سفرنامي جي صورت ۾ ڇپرائيندو.
مضمون جو هر جملو نهايت نستونگي ۽ نسچائيءَ سان لکيل آهي. سفرنامي جي آپاڌاپي باوجود وچور ۾ وٿي رهيل نه آهي. سفر دوران جيڪي شيون سندس مشاهدي مان گذريون آهن، انهن جا ڪي تفصيل پنهنجي ملڪ جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڀيٽيندو هليو آهي. احوال جو گھڻو حصو سفر دوران ڏٺل زيارتن جي معمول، ڏيک ۽ رسمن وغيره بابت آهي. مسافت جي مذڪور جي بجاءِ رڳو واکاڻ جي اوڻاين ڳڻائڻ کان به ٽارو ڪونه ڪيو اٿس. مان ڀانيان ٿو ته ايترو ڪجھه لکڻ لاءِ به هن جيترو وقت ۽ ڌيان ڏنو آهي، تنهن لاءِ جس لهڻي.
هڪ لحاظ سان ته فلڪ الافلاڪ ۽ جملي اجسامِ فلڪي به مخصوص نموني سان دائمي سفر/گردش ۾ رهن ٿا پر انسان ته پنهنجي پيدائش کان وٺي ارتقا جي سفر ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان گذريو آهي. هينئر به هر ماڻهو زندگيءَ جو مسافر آهي. منهنجي خيال ۾ گھر ڇڏي ڪنهن ڏورانهين فاصلي تي هڪ يا وڌيڪ راتيون گذارڻ سفر ۾ شمار آهي. سفر جا چار مکيا اسباب آهن: (1) تحقيق يا معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ (2) روح رُچندي لاءِ (3) ڪنهن خاص مقصد لاءِ، ۽ (4) ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري. بهرحال ڪي ٻيا به ننڍا وڏا سبب ٿي سگھن ٿا. سفر ڀلي ڪنهن يا ڪن به سببن جي ڪري ڪجي پر ان ۾ هلندي هلندي سڀ جزا شامل ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي ريت سفرنامو ادب جي هڪ مقبول صنعت رهيو آهي.
تاريخ جي اوائلي دور ۾ ورلي پر وچين ۽ پوئين دور ۾ ڪافي سفرناما لکيا ويا آهن. انهن ليکڪن جو دنيا ۾ وڏو نالو آهي. سندن سفرناما ملڪن جي تاريخ جو لاکيڻو اثاثو آهن. انهن هڪ ملڪ /ولايت کان نڪري ٻِي هڪ يا گھڻين جاين تائين مهينا، سال، گرميون سرديون سهي اڻانگين لاهين چاڙهين، جابلو لڪن لڪين مان گذري پاڻي، بن، بيابان لتاڙي اتان جي ماڻهن، جانورن، فصلن جا قصا ياد ڪري، اوکن ڪارنامن جا احوال ڪٺا ڪري ماڻهن لاءِ معلومات ۽ مزي جو سامان آڇيو. ڀاڳوند هئا اهي عالم ۽ مسافر ڇاڪاڻ جو سندن دور جي دنيا هر لحاظ کان هن وقت جي دنيا کان گھڻي وٿيرڪي هئي. جيترو به وقت سفر ۾ لڳندو هو ان کان وڌيڪ وقت معلومات جي پهچ ۾ لڳندو هو. سندن روايتي لکتون به ماڻهن لاءِ انوکيون ۽ نيون هيون. وقت ڪيترو تيزيءَ سان بدلجندو رهيو آهي. هينئر انهن سفرنامن کان سؤڻي سڌ ۽ سماچار ڏيندڙ مواد جون شَرڪتون [Devices] عام ماڻهن جي کيسن ۾، اڀياس جي ڪمرن ۾، ڪتب خانن ۾ موجود آهن. بس ڳولڻ جي دير آهي هٿن تي پرچه.
مسافت جا چار قسم ڳڻائي سگھجن ٿا: (1) اڪيلائيءَ ۾ (2) دوستن سان (3) رفيقن سان (4) قافلي سان. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا يا ڏک سک آهن، جو جنهن کي ڀانءِ پوي. مون جيڪو ويجھڙائيءَ ۾ پڙهيو سو آهي ڀائو “راز” علي گل ڀٽو جو “نواڙي کان نيشاپور تائين” سو قافلي جو سفر آهي ۽ ان جي اهنج ۽ سهنج جي روداد ڪجھه هيٺين ريت آهي:
قافلي ۾ اٽڪل پنجاهه ڪٽنب شامل هئا، جن جي سفري سنڀال لاءِ هڪ سالار هو. هر ڪٽنب جو پنهنجو مربي يا سرپرست هو. مڙني مسافرن جو مقصد ساڳيو هو. سڀني لاءِ ساڳئي وقت جي سواري ۽ راهه سفر هئي. سڀ ساڳين سفري سهولتن مان مستفيض ٿيندڙ هئا. ڏسڻ لاءِ ماڳ مختلف مفاصلن تي هئا. سامان معمول کان قدري وڌيڪ هو. سواريءَ جي وقتن ۾ بعضي بي ضابطگي ٿي پئي وئي. آجيوڪا جو الڪو دستوري هو. چپي چپي چوک جو ڏاکڙو هو. باقي محسوسات ۽ مشاهدو هر فرد جو پنهنجو هو.
استاد بخاري لائبريري
نزد ريلوي فاٽڪ دادو
30 اپريل 2020ع