سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

سنڌ جي سُڳنڌ

وطن وطن آهي. جهاز کان ٻاهر اچي سنڌ جي آبهوا ۾ ساهه کڻڻ سان ڄڻ سرير سرهو ٿي پيو. اڄ ڪراچي وڌيڪ پنهنجي لڳڻ لڳي. ايتري ۾ منجھند جو ڏيڍ ٿي ويو. سامان جي اچڻ جو انتظار ڪندي اڌ ڪلاڪ ٻيو به کپي ويو. هوائي اڏي کان ٻاهر نڪتاسي ته منهنجو وڏو پٽ عابد حسين “راز” انتظار ڪري رهيو هيو. سڪ وچان سڀ ڳلي ملياسي. سامان گاڏيءَ ۾ رکي روانا ٿياسي. ڪجھه دير ۾ شاهراهه فيصل ڏئي اچي فيصل ايئربيس تي پهتاسي، جتي عابد رهيل هيو. ائير بيس جا رستا ۽ چؤسول ڏاڍا ويڪرا ۽ صاف سٿرا هئا. رستن جي ٻنهي پاسي گلڪاريون هيون. هڪدم اهو ماحول ڏسي ٻاهريون ماحول ذهن ۾ اچي ويو ته جيڪڏهن ڇانوڻيون صاف سٿريون رهي سگھن ٿيون ته پوءِ ڇانوڻين کان ٻاهريان علائقا صاف ۽ سرسبز ڇو نٿا ٿي سگھن. ان ۾ سڄو قوتِ ارادي ۽ انتظامي سٺائي ۽ خرابيءَ جو عمل دخل آهي. ڪمري ۾ اچي هٿ منهن ڌوئي ٿورو ٿڪ پٽي ڳوٺ لاءِ روانگيءَ جو سانگو ڪيوسي. ڊرائيونگ عابد راز ڪئي. چئين وڳي بيس کان ٻاهر نڪتاسي. ساڳي سنڌ، ساڳيا رستا، ساڳيو شور، پري پري پهاڙ، ميدان ۽ سنڌوءَ کي پار ڪرڻ ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٻنهي پاسن جي ساوڪ دماغ تازو ۽ هنيانءُ ٺاري ۽ من موهي وڌو. ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن کي پسي جيڪا پنهنجائپ ۽ اُتساهه ملي ٿو ان جو ليکو لکڻ کان گھڻو آهي. پنهنجي ڌرتي، پنهنجا ماڻهو، پنهنجي زبان پاڻ کي ڪيڏو نه ساءُ ۽ سڀاءُ ڏين ٿا. پنهنجائپ ۽ آٿت وارو احساس ئي ڪافي آهي، ڪراچي، نوري آباد، ٿاڻو بولا خان، ڄامشورو، حيدرآباد، مٽياريون، کيبر، ڀٽ شاهه، هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، شاهپور جهانيان، مورو، نوشهرو فيروز، ڀريا، ڪنڊيارو، هالاڻي، ڪوٽڙي محمد ڪبير، رسول آباد، هڱورجا، گڏيجي، راڻيپور، درازا ۽ گمبٽ مون کي ڄڻ سنڌ جي تسبيح جا مڻيا لڳا. رستي سان ڪچهريون ڪندا گذريل حال اوريندا ستين وڳي اچي سعيد آباد ۾ بيٺاسي. گاڏيءَ ۾ ئي چانهن پيتي سي، چانهن پي اڳتي جي سفر جو سعيو ڪيو. سنڌ جي سڳنڌ سان من واسيندا اچي مورو ٽول پلازا جي ڀرسان عباسي هوٽل تي اچي رات جي ماني کاڌي سي. باقي سفر کي به ڳالهين سان کٽائي اچي يارهين وڳي گمبٽ ۾ گھر ڀيڙا ٿياسي. گمبٽ سنڌ ۾ اچي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ساهه ۾ نئون جذبو جاڳيو آهي، ڇو ته مون کي سنڌ جي سڳنڌ ۽ ٻين ملڪن جي واءَ سواءَ ۾ وڏو فرق محسوس ٿيو. سنڌ ۽ سنڌي زبان جو قدر انهن جي حدن کان ٻاهر وڃي ٿئي ٿو. غير ملڪ جا محل ماڙيون سنڌ جي جھوپڙين جي برابر ڪٿي ٿا ٿي سگھن. زيارتون پنهنجي جاءِ تي اهم آهن مگر حضرت سنڌ جهڙي روح پرور زيارت ڪٿي ڪونهي، جتي انگ اگھاڙو ۽ پيٽ بکارو به پاڻ کي امير ۽ بادشاهه سمجھي ٿو. جيڪو ماڻهو ٻاهرئين ملڪ گھمڻ نٿو وڃي سگھي، ان کي سنڌ جا ماڳ مڪان ڏسڻ گھرجن ته سندس ساهه سيراب ٿي وڃي ٿو. سنڌ به بزرگن جي بستي آهي. سنڌ جون موسمون، فصل، قدرتي نظارا، وسنديون واهڻ به دل ۽ من کي موهي ٿا وڃن. ڀاڳ وند آهي اهو جيڪو هتي ڄائو ۽ سنڌ ۾ حياتي گذاري سنڌ ۾ دفن ٿيو.