سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

واپسيءَ جي تياري

هنگامي حالتن جيان واپسيءَ جي تياري شروع ٿي وئي. ڪنهن کي ڪنهن جي خبر ڪانه هئي، هرڪو پنهنجي ڪِرت ۾ قابو هيو. هر ڪو ٽڙيل پکڙيل سامان سهيڙڻ ۾ رڌل هيو. اسان به جڳ جي پيروي ڪندي سامان ميڙي سيڙي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ۽ پوءِ بيگُن ۽ شاپرن کي ڀرڻ شروع ڪيو. چوندا آهن ته لڏ ۽ کڏ کٽندا ئي ڪونهن. ان جي ڪري هڪ شيءِ کڻون پيا ته ٻي رهجي پئي وڃي. آخرڪار ڪمرن جي ڪنڊ ڪڙڇ تي آخري نظر وجھي سامان لاهي اچي استقباليه تي ويٺاسي. ايتري ۾ رات جو ٻارهن کان وقت وڌي ويو. نيٺ ڪلاڪ کن جي ساهي پٽڻ کانپوءِ هڪ وڳي هوائي اڏي ڏي کڻي هلڻ لاءِ بسون آيون. ننڊاکي ماحول ۾ سامان بسن ۾ رکي پاڻ به چڙهي پياسي. اڌ ڪلاڪ کن جي سفر کانپوءِ بسون اچي هوائي اڏي تي پهتيون. مشهد جو هوائي اڏو مختصر مگر ڪنهن حد تائين معقول آهي. سامان ريڙهي اچي انتظارگاهه ۾ رکيوسي. اڍائي ٽين وڳي ڪسٽم ۽ تپاس جو عمل شروع ٿيو. ان لاءِ قطارون لڳايون ويون. هن جهاز ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو قافلو به هيو. ڪسٽم ۽ تپاس وارا هر هر قطار ٽوڙي نئين قطار پيا ٺهرائين، جنهن ڪري مسافر منجھي پيا پون. چڪاس واري مشين ان وقت بيهي رهي جنهن وقت منهنجي هٿ واري لٺ ٽيڏي ٿي مشين ۾ ڦاسي پئي. مشين کي پوئتي هلائي لٺ کي سڌو ڪيو ويو. مشين جي زور ڪري لٺ ڪجهه ٽيڏي ٿي پئي ڇو ته اسٽيل جي هئي، اگر ڪاٺ جي هجي ها ته ڀڄي پوي ها. اڳتي وري سامان جي تور جو مرحلو آيو. جيڪو سامان شاپرن ۾ هيو اهو يا ته ٿيلهن ۾ وجھڻ يا ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو ويو. شاپرن ۾ سامان کڻڻ جي منع هئي. نيٺ هڪٻئي جي ٿيلهن ۾ سامان وجھي تور جي مرحلي کي پار ڪيوسي. اڳيان پاسپورٽ ۽ ويزا جي تپاس لاءِ وري قطار ۾ لڳڻو پيو. هلندي ساجد راز جي ويزا تي اهو اعتراض واريو ويو ته ان جي ويزا 27 جون تائين جي آهي ۽ هي 29 جون تي واپس وڃي پيو، ٻه ڏينهن بنا اجازت رهيو آهي، ان لاءِ ڏنڊ ڀريو، جيڪا غلطي سالار ۽ ان جي ڪمپنيءَ جي هئي، مگر سالار ڪا به مدد نه ڪئي. نيٺ هڪ هزار پاڪستاني ڏنڊ ڀري ويزا هڻائي آجا ٿياسي. ان کانپوءِ جهاز تي سوار ٿيڻ لاءِ به قطار ۾ بيهڻو پيو. ٻين قافلن جي ڪري پيهه هئي. قافلا سنڌ جا هئا، انهن جا سالار به سنڌي هئا. نيٺ چئين وڳي بسن انتظار گاهه کان جهاز تائين پهچايو. جهاز ۾ داخل ٿيڻ سان پيهه هجڻ ڪري مسافرن کي پنهنجون پنهنجون جايون ڳولڻ ۾ دقت ٿي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جهاز پوري قوت سان ميدان تي ڊوڙيو ۽ ڊوڙندي هوا ۾ بلند ٿي ويو. رستي ۾ عام رواجي نيرن ڏني وئي، جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ هنيانءُ جھل چئون. ايتري ۾ خبر ان وقت پئي ته جهاز ٻن ڪلاڪن جو سفر پورو ڪري اچي دبئيءَ جي هوائي اڏي جي ميدان تي پر پکيڙيا ۽ سهيڙيا. دبئي هوائي اڏي تي ساهيءَ لاءِ لهڻو هيو ۽ لٿاسي ته بسن ۾ چڙهي اچي انتظار گاهه جي دروازي تي پهتاسي. ساڳيو انتظار گاهه، ساڳيا دڪان، ساڳيو عملو هيو. البته مسافرن ۾ ڪجھه ردوبدل هئي. تپاس جو مرحلو طئي ڪري انتظار گاهه ۾ پهتاسي. هيڏي هوڏي گھمي ڦري اچي ڪرسين تي ويٺاسي. هيءُ ساهي ڪجهه ٿوري هئي. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ جو سڏ ٿيو ته بسن ۾ چڙهي اچي جهاز تي پهتاسي. ان کان اڳ ۾ واپسيءَ جي آخري تپاس مان گذرڻو پيو. تپاس جو مرحلو قطار ۾ نهايت ئي معتبراڻي نموني پورو ٿيو. جنهن بعد اڌ ڪلاڪ جي انتظامي تبديلي کانپوءِ جهاز ڪراچيءَ جو رخ رکي هليو. هي پرواز به ٻن ڪلاڪن ۾ ڪراچي هوائي اڏي تي پهچي پوري ٿي.