الطاف حسين اسڪردو واري جون ڳالهيون
حُدودِ حرم ۾ عام گاڏين کي وڃڻ ۽ گذرڻ جي اجازت ناهي. جن جا محلا ۽ آسپاس گھر آهن، اهي خاص اجازت نامن ذريعي ئي حدودِ حرم ۾ گاڏيون هلائين ٿا. عراق ۾ حرم ۽ پوري ملڪ جي زيارتن ۽ مسجدن جي اخراجات، سنڀال، تعمير، توسيع، مرمت يا واڌ ويجھه وارن انتظامن ۾ حڪومتِ وقت جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. سمورو ڪم ۽ انتظام هن وقت هڪ وقف خانگي ادارو هلائيندو آهي، جيڪو نذراني، بخشش، خيرات، ذاتي، شخصي طور ملندڙ امداد، مخير حضرات ۽ خاص طور تي ايرانين پاران ملندڙ وڏي نذراني جي رقمن سان سمورو انتظام هلائيندو آهي. ايراني سرڪار غير سرڪاري تنظيمن ذريعي وڏو خرچ ڪري ٿي. عراق جي نئين سياسي جوڙجڪ موجب صدر سني ۽ وزيراعظم شيعه مسلڪ جو ٿيندو آهي. الطاف حسين ٻڌايو ته آمريڪا جي پاران جنگي خرچ طور عراقي تيل جي سموري پيداوار جو چاليهه سيڪڙو سؤ سالن جي ليز تي مفت ۾ کنيو ويو آهي، عراق کي باقي بچيل سٺ سيڪڙو تيل جي پيداوار تي گذارو ڪرڻو پوندو. ان مان لڳي ٿو ته آمريڪا پاران عراق تي حملي جو اصل سبب ئي تيل تي قبضو ڪرڻ هيو. باقي سڀ آمريڪي بهانا هئا. ان کانپوءِ به آمريڪي فوجين کي عراق ۾ سلامتي بهاني رکيو ويو آهي. في الحال عراق جي پنهنجي فوج ڇڙوڇڙ ۽ نالي ماتر آهي، جنهن کي آهستي آهستي منظم ڪيو پيو وڃي. مٿين سطح تي عراق اڃا آمريڪا جي اثر هيٺ آهي، جنهن ۾ دفاع ۽ خارجه پاليسي شامل آهي. بغداد معاهدي کي ڄڻ هاڻي عملي شڪل ڏني وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي آمريڪا جو ايران تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جتي به سندس اکيون ايراني تيل جي کوهن ۾ آهن، ڇو ته آمريڪا پنهنجي مستقبل جي معيشت کي مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي سڀني ملڪن جي تيل جي دولت تي مڪمل اختيار رکڻ چاهي ٿو.
هوٽل جي ملازم الطاف حسين ٻڌايو ته حرم کان ٻاهر رڪشا ۽ ٻيون سواريون به آهن. مقامي مالڪ ملازمت لاءِ بنگالين کي پاڪستانين تي ان ڪري ترجيح ڏين ٿا، ڇو ته بنگالي گھٽ پگھار تي گھڻو سخت ڪم ڪن ٿا. عراق ۾ گھڻا غير ملڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن. ان ڪري اهي ملازم مالڪ جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ هو نه مالڪ کان ڪو مطالبو ڪري سگھن ٿا، نه وري نوڪري ڇڏي سگھن ٿا، ڇو ته ائين ڪرڻ کان کين گرفتاريءَ جو خوف روڪي ٿو. ان ڪري هتان جو مقامي سرمائيدار قانوني طور رهندڙ ملازمن کي رکڻ پسند نٿو ڪري. ائين مجبوريءَ جي هٿيار سان محنت جي ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. ڪربلا ۽ عراق جي گھڻن شهرن جي بازارن ۾ چين ۽ ترڪيءَ جو سامان وڪرو ٿئي ٿو. دڪاندار ٺڳي ڪري چين جي سامان کي ترڪيءَ جو ڪري وڪڻن ٿا. هوٽل جي ملازمن ٻڌايو ته خريداري ۽ ڏيتي ليتيءَ جي لحاظ کان ايران عراق کان سستو آهي. ان جو هڪ خاص سبب عراق جي ڏيتي ليتيءَ تي ڊالر جو گھڻو اثر آهي، جڏهن ته ڊالر کي ايران تي ايڏو اثرا نداز ٿيڻ نه ڏنو ويو آهي. ملازمن ٻڌايو ته ايران جا ماڻهو عراقين کان وڌيڪ نرم دل ۽ تعاون ڪرڻ وارا آهن.
الطاف حسين اسڪردوءَ واري ٻڌايو ته عراق ۾ اربعين (يارهين محرم کان ويهين صفر تائين) چاليهي دوران خاص طور تي ڪربلا ۽ نجف واري پنجاسي ڪلوميٽر جي رستي سان وڏي پيهه هوندي آهي. پاڪستان جيان عام شين جا اگھه، خاص طور تي هوٽل مهانگائي جي ور چڙهي ويندا آهن. ڏهن ڊالرن ۾ ملندڙ هڪ بسترو ستر اسي ڊالرن ۾ ملندو آهي. چاليهي (اربعين) دوران هوٽلن وارا ڪمرن جو ڪرايو بسترن جي حساب سان وٺندا آهن. اهو آهي امامن جي سوڳ کي روڳ ۾ تبديل ڪرڻ وارو عراقين جو مسلمانن سان رويو. ان مان صاف ظاهر ٿيو ته ڪنهن به مذهب جي واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جو دين ۽ ايمان سان ڪو واسطو ناهي هوندو. ڪاروباري ماڻهو مذهبي ڏهاڙن کي به جهجهي ڪمائيءَ جي موقعي طور استعمال ڪندا آهن. هُن ٻڌايو ته اربعين (چاليهي ) دوران نجف ۽ ڪربلا انسانن جي سيلاب سان ڳنڍجي ويندا آهن. گھڻا عقيدت مند پيدل به ايندا ويندا آهن. ڪي مقامي عقيدت مند يا ٻاهريان پيسي وارا زائرين انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ جڳهه جڳهه تي دسترخوان ۽ سبيلون لڳائي مفت کاڌي پيتي جو سامان ورهائيندا آهن. گھڻا عراقي چهلم ۾ شريڪ زائرين کي پنهنجي گھرن ۾ به رهائيندا آهن ۽ سندن خدمت چاڪري ڪندا آهن. انهيءَ عرصي ۾ ميزبان مهمانن کي کارائڻ، پيارڻ، وهنجارڻ، ڪپڙا ڌوئي ڏيڻ، استري ڪري ڏيڻ ۽ هٿ منهن ڌوئارڻ کي سعادت سمجھندا آهن، باقي عام حالتن ۽ ڪاروبار ۾ ائين ناهي ٿيندو. پاڪستان جو هڪ رپيو ستن عراقي دينارن جي برابر هيو. ان ڪري ننڍي وڏي شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ هزارين دينار ڏيڻا پون پيا.