سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

امام علي نقي رضه ۽ امام حسن عسڪري رضه جي زيارت

عراق جي شهر سامره، سامرا يا سمرء ۾ امام علي نقي رضه ۽ سندس فرزند امام حسن عسڪري رضه جو گڏيل روضو آهي، جنهن ۾ امام حسن عسڪريءَ رضه جي والده جي به مزار آهي. اسان جڏهن هن روضي جي زيارت لاءِ آياسي ته اسان جي بسن کي هڪ ميل پري بيهاريو ويو ۽ چيو ويو ته هتان زيارت لاءِ پيدل وڃڻو پوندو. اسان به گوڏن تي زور رکيو. هي روضو حفاظتي لحاظ کان نهايت حساس آهي. عراق جي هي واحد زيارت گاهه آهي، جنهن جي حفاظتي انتظامي ذميواري عراقي فوجين حوالي آهي. چند سال اڳ ۾ هن روضي تي القاعده ۽ داعش پاران خودڪش حملا ڪري شديد نقصان پهچايو ويو آهي. روضي تائين پهچندي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. رستي ۾ ٽن جاين تي سخت تلاشي ورتي وئي. عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ تلاشي جو انتظام هيو. سامان بسن ۾ رکيل رهيو. قافلي کي اڄ رات هتي سامره ۾ رهڻي هئي. هينئر روضي جي شهيد ٿيل حصن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ٿي رهي آهي. روضي جي اندر پهچڻ لاءِ ٻه صحن اڪرڻا پون ٿا. روضي جو اندريون حصو شيشيڪاري جو ٽُڪ سان جَڙيل آهي. هڪ ضريح ۾ چار مزارون آهن. هڪ امام علي نقي رضه، ٻِي امام حسن عسڪري، ٽين سندس والده ۽ چوٿين به هڪ مزار آهي، جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. روضي جي حدود اندر چوڌاري ميدان، سامهون واري دروازي اڳيان صحن آهي. صحن جي ٻئي پاسي روضي جي سامهون امام حسن عسڪريءَ جي رهائشي حويلي آهي، جنهن کي هينئر مهمان خاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن گھر جي مالڪيءَ جا ڪاغذ اڃا تائين امام حسن عسڪريءَ جي نالي آهن. هن روضي جو گھڻو حصو زمين دوز ٻن منزلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لهڻ چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون ۽ لفٽ موجود آهي. روضي ۽ سڄي صحن جي فرش کي قيمتي قالينن ۽ غاليچن سان خوبصورت نموني ڍڪيو ويو آهي. کليل صحن ۾ وڏيون وڏيون ڇٽيون لڳل آهن، جيڪي اس ۽ مينهن کان بچاءُ لاءِ آهن.
هتي ماني يا کاڌي لاءِ هوٽل ناهي ۽ سامره ۾ اهڙي هوٽل کولڻ تي پابندي آهي، ڇو ته امام حسن عسڪريءَ جي وصيت آهي ته هتي اچڻ وارا زائرين سندس مهمان آهن، انهيءَ جي ڪري مهمان خاني ۾ زائرين لاءِ ٽي ويلا دسترخوان لڳندو آهي. هڪ ئي وقت ٽي سؤ ماڻهو ماني کائي سگھن ٿا. مهمان خاني ۾ قطار ۾ وڃڻو پوندو آهي. هڪ وقت ٽي سؤ مهمانن کي ماني کارائي ويندي آهي. کارائڻ جي ان عمل تي پندرهن ويهن منٽن جو وقت لڳندو آهي. هڪ پاسي کان مهمان ايندا آهن ۽ ٻئي پاسي کان نڪرندا ويندا آهن. ماني کارائڻ جو سلسلو تيستائين جاري رهندو آهي جيستائين هڪ به مهمان باقي هوندو آهي، ان وقت تائين دسترخوان نه ويڙهبو آهي. اندر ٽيبلن ۽ ڪرسين تي ماني کارائي ويندي آهي. سڄو هال ايئرڪنڊيشنڊ آهي. فرنيچر ۽ ٿانوَ به نوان ۽ صاف سٿرا آهن. کاڌو سلاد کان وٺي هر هڪ شي پلاسٽڪ ۾ بند ٿيل هوندي آهي. مهمانن جي ماني کائي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽيبلن تي وڇايل پلاسٽڪ جي دسترخوانن سميت ٿانو ۽ بچيل کاڌو ويڙهي هڪ ٽرالي ۾ رکن پيا. اهڙي طرح چند گھڙين ۾ صفائي ٿي پئي وڃي. کارائڻ وارا خدمتگار به خاص لباس پاتل هوندا آهن. ڪو ٻيهر به کائڻ اچي ته منع ناهي هوندي. ماني کارائڻ جو عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ انتظام آهي. هتي هر ڪو زائر ڏينهن توڙي رات جو به آرام ڪري سگھي ٿو. هتي موسم آهر چادر يا ڪمبل ميزبان انتظاميا پاران مفت ڏنا ويندا آهن. جون ۾ به رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ اسان کي سيءُ کان بچاءَ لاءِ ڪمبل وجھڻو پيو. رات جو ڏهين ۽ يارهين وڳي جي درميان صحن کي قناطن جو پردو ڏئي عورتن ۽ مردن کي الڳل الڳ ڪيو ويو، يعني عورتون هڪ پاسي ۽ مرد ٻئي پاسي. صبح جي نماز وقت قناطون هٽايون ويون. هتي جا غسل خانا صاف سٿرا ۽ ڪافي تعداد ۾ آهن، جتي پاڻي جھجھي انداز ۾ آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ غسل خانا به الڳ آهن.
ايشيائي ماڻهو مانيءَ جي قطار ۾ به پيهه ۽ ڌڪا ڌوڻ نه پيا ڇڏين. سمره يا سامره جي آسپاس نهري نظام ۽ آبپاشي هجڻ ڪري زرعي پوکون به نظر آيون، جنهن ۾ هنداڻا، گدرا، ونگا، کيرا ۽ ٽماٽر ڏسڻ ۾ آيا. ڪي وليون ٿوڻين ۽ منهن تي به چڙهيل هيون. نهري پاڻيءَ لاءِ دجله ۽ فرات ندين جو پاڻي ڪتب آندو وڃي ٿو. ٻهراڙين ۾ سم نالا به آهن. واهه گھڻي ڀاڱي زمين جي سطح کان هيٺ وهن ٿا، شايد انهن مان مشينن ذريعي پاڻي کنيو وڃي ٿو. روضي تي هر وقت هزارين زائرين جو هجوم رهي ٿو. القاعده ۽ داعش سان مقابلن ۾ ماريل فوجين جا فوٽن وارا بينر جڳهه جڳهه چؤسولن تي سندن نالن سان لڳل آهن. هتي هر شيءِ عربيءَ يا ٿوري گھڻي فارسيءَ ۾ لکي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. اردو ۽ انگريزيءَ جو نالو نشان به ڪونهي. روضي کان بس اڏي جي وچ ۾ ڪجھه ننڍيون گاڏيون به هلن ٿيون، جيڪي سرڪار يا ٽرسٽ پاران مفت ۾ مسافرن کي آڻين ۽ نيئن ٿيون. روضي جي صحن ۾ وڏا ايئرڪولر به لڳل آهن.
صبح جو تيار ٿي نيرن ڪري زيارت وداع بعد ٻاهر آياسي ته روضي ٻاهران ڪوسٽر تيار هئا، جن ۾ چڙهي ٻاهر بسن تائين آياسي. اڳتي پوئتي هجڻ ڪري باقي دوستن جو انتظار ڪرڻو پيو. صبح جي وقت آبهوا ڏاڍي وڻندڙ هئي. آخر ستين وڳي سڀني جي اچي وڃڻ کانپوءِ اڳتي جي سفر لاءِ الله تو آهر ڪئي سي. ٻن ڪلاڪن جي سفر بعد نوين وڳي اچي ڪاظمين بغداد پهتاسي. ڪاظمين ۽ بغداد آبادي وڌڻ ڪري گڏجي ويا آهن. اسان جي رهائش ڪاظمين جي هوٽل “الرياح” ۾ هئي. سامان هوٽل جي ڪمري ۾ رکيوسي. اڳ ۾ ئي پڪي نيرن تيار هئي، ان ڪري کاڌي هال جو رخ ڪيو سي. کاڌا ڏاڍا صاف سٿرا، ذائقي دار پاڪستاني يا ايشيائي بورچين جا تيار ڪيل هئا. اڄوڪو ڏينهن آرام جو هيو، ان لاءِ وهنجي سهنجي آرامي ٿياسي. اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ سُتَت ئي اچي سنگت ڪئي. منجھند جو ڏيڍ وڳي مانجھاندي جي سڏ تي سجاڳي ٿي ته کاڌي هال اچي ڏوپهرو ڪيوسي. چانهن پي وري به آهلي پياسي. لڳي پيو ته قافلي سان هجڻ ڪري ذائقيدار کاڌن ۾ فرق نه هيو. ٿي سگھي ٿو ٻين لاءِ يا اڪيلي مسافر لاءِ کاڌي جي ذائقي جو مسئلو هجي ۽ مقامي ماڻهن جو ذائقو الڳ هجي. رستن تي ننڍا ننڍا ڇاپرا ۽ ڪيبنيون به هيون، جتي ڪباب، برگر، چپس ۽ ٻين ڀاڄين وارا کاڌا به ملن ٿا. آرام ڪرڻ بعد رات جو امام موسيٰ ڪاظم جي زيارت لاءِ وڃڻو هيو ڇو ته حفاظتي اپائن جي ڪري هي روضو رات جو يارهين وڳي بند ٿي ويندو آهي.