سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

مقامِ امام حسن رضه

اڄ 13 جون 2019ع اڱاري جو ڏينهن هيو. گرمي پد نجف ۽ سنڌ جو گھڻي ڀاڱي برابر آهي. اڄ قافلي کي مقامِ امام حسن رضه جي زيارت لاءِ روانو ٿيڻو هيو. هيءَ جاءِ يا کڻي ڳوٺ چئجي، نجف کان چاليهارو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ساڳيون بسون ساڳيا مسافر مگر سفر نئون هيو. اسان کي گرميءَ جو احساس صرف عام ماحول ۾ گھمڻ وقت ٿئي پيو. باقي ته هوٽلون ايئرڪنڊيشنڊ، بسون ۽ زيارتون به ايئرڪنڊيشنڊ هيون. هن سفر جي رستي وارو روڊ مناسب هيو. آسپاس کجين جا باغ ۽ ويران غير آباد علائقا جام آهن. بسن جي رفتار سان هلندڙ کجين جا اڳيان ايندڙ وڻ اسان ڏي ائين ڊوڙي رهيا هئا ڄڻ اسان سان ملڻ لاءِ آتا هجن ۽ گذرندڙ وڻ ائين پيو لڳي ڄڻ اسان کان گسائي گوهي ڏئي ويندا هجن. وڻن ۾ کجيون، ڪونوڪارپس ۽ ڪٿي ڪٿي ٻير نظر اچي رهي هئي. ٻوٽن ۾ گل ٻوٽا گھٽ هئا، باقي سِم وارا نڙ، ننڍو لئو، ڪانڊيرا ۽ لاڻي جا ٻوٽا جام هئا. ڪٿي ڪٿي ٽيوب ويلن تي سبزيون به پوکيل هيون، جن ۾ڀينڊيون واضح نظر اچي رهيون هيون، باقي ڀاڄين جو بسن جي رفتار ۾ پتو نه پيو. هتي گھرن، گھٽين، دوڪانن، روڊن، چؤسولن، دفترن تي نالا يا تحريرون سڀ عربيءَ ۾ هيون. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي انگريزيءَ ۾ لکيل بورڊ نظر اچي پيو وڃي. مقام امام حسن رضه تي پهچڻ سان پتو پيو ته هي هڪ عام ڪچو پڪو ننڍو ڳوٺ آهي. هن جاءِ تي هڪ مقبرو اڏيل آهي، جنهن لاءِ مقامي روايت آهي ته امام حسن رضه نجف ڏي ايندي ويندي مسافريءَ دوران هتي منزل ڪندا هئا. ان ڪري مقامي آباديءَ لاءِ هڪ کوهه کوٽرايائون ۽ وري گڏوگڏ ٻيو کوهه به آهي، جنهن جي نسبت به امام حسن رضه سان ٻڌائي وئي. هن وقت اهي ٻئي کوهه ته موجود آهن مگر انهن مان هڪ مٺو ۽ ٻيو کارو آهي. مٺو کوهه پيئڻ لاءِ ۽ کارو هٿ منهن ڌوئڻ ۽ وضو ڪرڻ لاءِ آهي. انهن کوهن مان موٽرن سان پاڻي ڪڍيو پئي ويو.کاري کوهه جي پاڻيءَ لاءِ اها روايت ٻڌائي وئي ته ان جو پاڻي ڪينسر جي مرض لاءِ شفا ڏئي ٿو. ان لاءِ زيارتين جي سهولت خاطر پلاسٽڪ جي ننڍين وڏين بوتلن جو دڪان هيو. اسان جي بسن جي زيارتين به خالي بوتلون وٺي اتان تبرڪ طور پاڻي ڀريو، جيڪي بوتلون سموري سفر ۾ سندن همسفر هيون. اتي ٻپهريءَ جي نماز پڙهي سي ۽ نوافل ادا ڪياسي. هتي به هڪ ڪٻٽ تي مشتمل هڪ لائبريري هئي، جنهن ۾ اڪثر مذهبي ۽ تاريخي ڪتاب هئا ۽ عربي ٻوليءَ ۾ هئا. ڪتاب ۽ علم مڪمل عربي زبان ۾ آهي.
هتي عراق جي مقامي وقت مطابق منجھند جو سوائين ٻارهين وڳي ٻپهريءَ جون اذانون اچي وڃن ٿيون. مقامِ امام حسن رضه تي ڏيڍ ڪلاڪ کن ترسڻ بعد واپس نجف هلڻ جو اعلان ٿيو. سڀئي مسافر اچي بسن ۾ ويٺا. بسن نجف ڏي واپسيءَ جي ڊوڙ شروع ڪئي. ڪلاڪ کن ۾ اچي هوٽل الخيام تي پهچايائون. ٻنپهرن جي ماني تيار هئي، جنهن سان ٻه ٻه هٿ ڪري آرام ڪيوسي. آرام کانپوءِ زيارتن لاءِ سڏ ٿيو.