سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

علامه بشير حسين نجفيءَ سان ملاقات

تيار ٿي هيٺ لهي هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسي. سڀ دوست گڏجي قافلي جي صورت ۾ اڳيان مرد ۽ پويان عورتون علامه بشير نجفيءَ جي رهائش گاهه ڏانهن روانا ٿياسي. سندس رهائشگاهه ڏانهن ويندڙ ساڳي گھٽي هئي ۽ تقريباً فرلانگ ڏيڍ جو فاصلو هيو. جيڪو هلندي طئي ڪري پهچي وياسي. رهائشگاهه واري گھٽي ٻن لوهي ناڪن سان بند هئي. اتي حفاظت لاءِ موجود عراقي رينجرس سڀني جي تلاشي ورتي. استقباليه تي انتظاميا طرفان چيو ويو ته ڪپڙن کان علاوه سڀ شيون، موبائيل، منڊيون، واچون، تسبيحون، چاٻيون، دوائون سڀ دخل تي جمع ڪرائي ٽوڪن وٺي پوءِ اندر وڃو. ان سڄي اوچتي عمل جي پوئيواري ۾ ڏهه پندرهن منٽ لڳي ويا. هي سڀ حفاظتي قدم هئا، ڇو ته علامه پاڪستان سان گڏ ايران، عراق جو هڪ وڏو عالم آهي. سندس تعلق شيعه فقه سان آهي. مٿس ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن، ان ڪري سندس لاءِ سخت حفاظتي بندوبست ٿيل آهي. علامه بشير نجفي بلتستان پاڪستان ڄائو آهي. نجف ۾ بقول سندس رهندي کيس پنجاهه سال ٿي ويا آهن. مولاٰ علي رضه عليه السلام جي ضريح مبارڪ جي قلف جي چاٻي وٽس آهي. علامه اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي روانيءَ سان لکي پڙهي، سمجھي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو. اسان استقباليه تان واندا ٿي ٿورو اندر جتيون لاهي هڪ هال ۾ عورتون مرد وٿيءَ سان ويهي رهياسي. علامه جي خليفي اسان کي قلم ۽ ڪاغذ ڏنو ۽ چيائين ته جنهن کي جيڪي سوال پڇڻا آهن، اهي سوال پني تي لکي، ان سان گڏ پنهنجو فون نمبر ۽ ٽپال جو پتو لکي ڇڏيو. اوهان کي جواب ملي ويندو. اهو ان ڪري ته علامه وٽ وقت تمام گھٽ آهي. سوال جواب ۽ ملڻ ۾ وقت ضايع ٿيندو، ان ڪري علامه سان ملڻو به ناهي. يعني موڪلائڻ وقت هٿ ملائيندا وڃجو. سوال جمع ڪرائي ڇڏيو. سڀ ڪنهن سوال لکي جمع ڪرايا. مون هڪ سوال لکي جمع ڪرايو. سوال هي هيو ته “موجوده حالتن ۾ اسلامي دنيا کي متحد ڪيئن رکي سگھجي ٿو؟” ان جو چوٿين ڏينهن مختصر جواب علامه پاران واٽس ايپ تي ملي ويو ته “امامِ زمانه جي ظهور بعد اهو اتحاد ٿي ويندو.” منهنجي ان جواب سان تسلي ان ڪري نه ٿي جو منهنجو سوال حال جو هيو ۽ علامه صاحب جو جواب مستقبل سان لاڳاپيل هيو. خير! هينئر ان ڳالهه کي اتي ٿا ڇڏيون، هلون ٿا علامه جي اوطاق تي. ٿوري دير کانپوءِ خليفي چيو ته مرد حضرات اندر ڪمري ۾ هلي ويهو ۽ عورتون اتي ئي ويٺيون رهن. اسان سڀ مرد اندرئين ڪمري جي فرش تي ويهڪ تي اچي وياسي. ڪمرو مختصر هيو جنهن ۾ هڪ ڪنڊ علامه جي ويهڻ جي جاءِ هئي. سامهون وڏيون ڪيميرائون هيون، جنهن ذريعي ٻاهر ويٺل عورتون علامه کي گفتگو ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي سگھن پيون. مون به هڪ ڪرسي سيري ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ ورتي. چند گھڙين ۾ هڪ صحت مند عمر رسيده بزرگ اڇي پڳ پاتل، جبو ويڙهيل السلام عليڪم چوندي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ٿانيڪو ٿيو. علامه گفتگوءَ جو آغاز ڪندي چيو ته “دوستو آئون به پاڪستاني آهيان، پنجاهه سالن کان هتي نجف اشرف ۾ رهان ٿو. اوهان منهنجا مهمان آهيو. جيڪڏهن آئون اوهان کي سچ جا جملا چوان ته ناراض ته نه ٿيندؤ؟ اهو جملو علامه ٽي دفعا دهرايو ۽ پوءِ چيائين ته ماشاءَ الله شيعا سني هتي گڏجي آيا آهيو ته پوءِ عام حالتن ۾ ان محبت سان ڇو نٿا رهو؟ مسلمان، حيدري، حسيني ۽ پنجتني سڏرايو ٿا مگر نه ڏاڙهي رکو ٿا، نه روزو رکو ٿا، نه نماز پڙهو ٿا، صدقو ۽ زڪوات به نٿا ڏيو. نامحرم عورتن کي گھوري گھوري ٿا ڏسو، سچ نٿا ڳالهايو، حقوق العباد ادا نٿا ڪريو، سادگي اختيار ڪري ڏيکاءُ کان پاسي نٿا ٿيو. ان تي اوهان کي شرم نٿو اچي!” علامه صاحب اهو سڀ ڪجھه ڳنڀيرتا سان هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو. اسان سڀني جون اکيون واقعي شرم کان جھڪي ويون. علامه گفتگو جاري رکندي چيو ته “ايئن نه ڪرڻ جي باوجود به ضريحن سان منڍيون، تسبيحون، رومال، ڪپڙا گسائي، ڪربلا ۽ نجف مان ڪفن وٺي اتي دفن ڪرڻ جون وصيتون ڪرڻ ۽ ڇوٽڪاري جي سفارش واري اميد رکڻ اجائي آهي.” وري چيائين ته “اوهان کي ڪيئن خبر پوي ٿي ته زيارت قبول ٿي؟ جيڪڏهن هتان ڪا هڪ غلطي يا گناهه ڇڏي موٽي وڃي اهو نه دهرايو ته سمجھو ته توهان جي زيارت قبول ٿي. ورنه اوهان صرف سير سفر ڪيو، زيارت نه ٿي. الله اوهان جي سفر زيارت واري مقصد کي پورو ڪري، خدا حافظ...” اسان واري واري سان علامه سان هٿ ملائيندا ٻاهر نڪرڻ لڳاسي. دروازي تي خليفو هر هڪ کي هڪ هڪ دُرِ نجف علامه طرفان تحفي طور ڏيندو ويو.