تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسفو، سائنس ۽ ادب

ھن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت چونڊ ڪتابن تي تجزيا شامل آھن. ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي. ٻيو ڀاڱو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سوانح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرن تي مشتمل آھي، جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن. اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ آھي. ھن قسم جي تعارفي سلسلي جو ھڪ سبب سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آھي.

Title Cover of book فلسفو، سائنس ۽ ادب

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو _1

مغربي فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني فلسفو _1

فلسفو ھن ڪائنات، فطرت ۽ سماج ۾ ٿيندڙ لقائن جو مشاھدو ۽ اڀياس ڪري ٿو فلسفو ھن ڪائنات، فطرت ۽ سماج بابت ٺھيل ٺڪيل ۽ فرسودا خيالن تي شڪ ڪري،انھن تي سوال اُٿاري انھن کي چيلينج ڪري ٿو تنھن ڪري انساني جي فڪري تاريخ ۾ فلسفي جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي اھو فلسفو ئي ھو جنھن انسان کي شين تي شڪ ڪرڻ، انھن تي سوچڻ ۽ انھن تي سوال ڪرڻ ۽ انھن کي دليل ۽ منطق سان ثابت ڪرڻ جي سگھ ڏني، انساني جي فڪري تاريخ ۾ جيڪا روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ سيڪيولر خيالن آيا انھن کي اڳتي وڌائڻ ۾ بنيادي ڪردار دنيا جي مفڪرن ۽ فلسفين جو آھي جڏھن تہ ڪوبہ سماج،فلسفي جي بنيادي خيالن کي سمجھڻ کانسواءِ نہ وڌي سگھندو، اڄ جو جديد دور جتي ھڪ طرف ٽيڪنالاجي جي حڪمراني آھي انسان لاءِ ھر ڏکي کان ڏکي ۽ ناممڪن شيءِ ٽيڪنالاجي سبب ممڪن ۽ آسان ٿي پئي آھي انسان وٽ ڄاڻ جي رسائي تمام گھڻي سولي ۽ گھڻائي ٿي پئي آھي،اُتي ٻئي طرف انسان وٽ ان ڄاڻ جي اصل پرک ۽ڄاڻ جي صحيح ۽ غلط جو سوال پڻ ذھن ۾ اُڀري رھيو آھي، ڄاڻ جي گھڻائي، ٽيڪنالاجي جو منفي استعمال انسان کي وائڙو ۽ بتال ڪري رھيو آھي ۽ انسان کي ھن سماج ۾ ويڳاڻو ۽ مفاد پرست ڪري رھيو آھي تنھن ڪري ھن صورتحال ۾ فلسفي جي خيالن، سوچن، حقيقي دليل جي تمام گھڻي ضرورت پوي ٿي . فلسفو ئي ھن سماج ۽ ھڪ فرد کي ان صورتحال مان ڪڍي سگھي ٿو .
فلسفي جي تاريخ:
اوائلي زماني ۾ جڏھن انسان ھن ڪائنات جي لقائن تي حيرانگي کائڻ، انھن تي سوچڻ ۽ انھن تي پنھنجا خيال پچائڻ ۽ ڌُڪا ھڻڻ شروع ڪيا تڏھن فلسفي جي شروعات ٿي چڪي ھئي، جڏھن تہ فلسفي تاريخ جي حوالي فلسفي جي دنيا ۾ مغربي نقطہ نظر مطابق فلسفي جي تاريخ يونان جي ڏاھي ٿاليس کان شروع سمجھي وڃي ٿي ۽ دنيا ۾ جيڪي فلسفي جي تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا آھن انھن ۾ انھي نقطہ نظر مطابق لکيا آھن جڏھن تہ انھن ڪتابن ۾ مشرقي فلسفي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آھي، جيتوڻيڪ اھو سوال وري بہ اھم آھي تہ دنيا جو ان پھريون ڏاھي بہ پنھنجي فلسفي جا بنيادي خيال مصر ۽ عراق مان کنيا ھئا ۽ پنھنجي زندگي ۾ علم جي حاصلات لاءِ عراق ۽ مصر جا سفر پڻ ڪيا ھئا تنھن ڪري وري بہ ٿاليس جي فلسفياڻيا خيالن جي پيرا مشرق ڏانھن وڃن ٿا، بلڪل ائين يونان جي ھڪ ٻئي ڏاھي پيٿاغورث جي فلسفي جو بنياد ئي ھندستاني،فلسفو ۽ تھذيب آھي ھن پنھنجا صوفياڻا خيال، ھندستان جي قديم مذھب مان ئي کنيل آھن جن جو اظھار مغربي ليکڪ پڻ ڪن ٿا، ۽ ھن جامريٽري ۽ تصوف جي علم جي حاصلات لاءِ ھندوستان جو پڻ سفر ڪيو ھو تنھن مان پڻ ھندستان تھذيب جي علمي حيثيت جي خبر پوي ٿي . تنھن ڪري فلسفي جي تاريخ جي حوالي سان ھندستان جي علمي حلقن ۾ ھڪ ٻيو نقطہ نظر پيدا ٿيو جن ھندستان جي فلسفي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انھن فلسفي جي تاريخ مغربي نقطہ تي پنھنجا اعتراض اٿاريا ۽ فلسفي جو مشرقي نقطہ نظر پيش ڪيو جنھن مطابق يونان کان اڳ ھندستان ۾ فلسفي جي شروعات ٿي چڪي ھئي جنھن تي لکيو ئي نہ ويو آھي انھي حوالي سان ھندستاني ليکڪ راڌا ڪرشنا “ھندي فلسفي جي تاريخ “ تي ٻہ جلدن ۾ ڪتاب لکيو آھي ان کانسواءَ ابوڪلام آزاد بہ ھندستاني فلسفي تي بہ پنھنجا خيال پيش ڪيا آھن ۽ ھندستان فلسفي اوسر ۽ ارتقا تي تفصيلي بحث پڻ ڪيو آھي جنھن مان پاڻ ھتي ھڪ ڊگھي مضمون ” فلسفي جي تاريخ،پرک ۽ ارتقا “ جو جائزو وٺنداسين جيڪو نواز خان زئور پاران ابوڪلام آزاد جي فلسفي تي لکيل مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو ويو آھي .
ھن مضمون ۾ مولانا آزاد سڀ کان پھرئين فلسفي جي وصف ۽ ان جي مقصد تي پنھنجا خيال ونڍي ٿو ان کانپوءِ فلسفي جي تاريخ تي پنھنجو نقطہ نظر پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا جو خيال آھي تہ ارڙھين صدي تائين يورپي مورخن ۾ جيڪي فلسفي جون تاريخون لکيون آھن انھن جو انداز فلسفياڻيا ھجڻ بدران فلسيوفن جي زندگي جا تذڪرا ھئا ۽ اھو انداز وچئين دور جي عرب مورخن اختيار ڪيو جنھن کي اڳتي ھلي ٻين يورپي مورخن پڻ اختيار ڪيو، جڏھن تہ فلسفي جي تاريخ کي مختلف شعبن ۾ ورھائي، موضوع وار لکڻ جي ضرورت آھي، جئين تہ مولانا جي اھا راءِ تمام اھم آھي ان حوالي سان انگريزي توڙي اردو ۾ پڻ ڪم ٿيو آھي جنھن ۾ قاضي قيصراسلام جو فلسفي تي لکيل ڪتاب پڻ اھم آھن.
مضمون ۾ مولانا آزاد جو خيال آھي تہ يونان جي ڏاھپ ۽ فلسفي تي مصر ۽ عراق جي تھذيب جو تمام گھڻو اثر آھي يونان کان اڳ مصر ۽ عراق جون تھذيبون پنھنجي عروج تي ھيون اھوئي سبب آھي يونانن جي گھڻن ڏاھن انھن تھذيبن جي شھرن ڏانھن سفر ڪيو ۽ انھن جي علمي خزاني مان فيضياب ٿيا پر بدقسمتي سان انھن تھذيبن جا گھڻا علمي خزانا لکت ۾ محفوظ نہ ٿي سگھيا پر انھي ساڳئي دور ۾ ھندستان جي تھذيب بہ پنھنجي عروج تي ھئي جنھن جو گھڻو ڪجھ ريڪارڊ تي پڻ آھي جنھن کي صرف ڇنڍڻ ڇاڻڻ جي ضروت آھي جڏھن تہ يوناني فلسفو ان کانپوءِ جي آھي تنھن ڪري فلسفي جي تاريخ ابتدا ھندستان کي ٿيڻ گھرجي ۽ فلسفي جي تاريخ کي ان انداز ۽ ان پس منظر ۾ مطالعو ڪرڻ گھرجي، پنھنجي انھي نقطہ نظر کي ثابت ڪرڻ مولانا مضمون ۾ ڳوڙھو بحث ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا يوناني فلسفي جي تاريخ ۽ ھندستاني جي تھذيب ۽ ان جي فڪري ۽ علمي ورثي جي پاڻ ڀيٽ ڪري ٿو جنھن ۾ مولانا صاحب دليل ڏي ٿو تہ دنيا جو پھريون فلسفي ٿاليس حضرت عيسي کان ڇھ صديون اڳ ۾ 585 ق،م ۾ پيدا ٿيو جڏھن تہ ھندستان ۾ ان کان اڳ ۾ فلسفي شروعات ٿي چڪي ھئي ۽ اھو فلسفي جو عروج جو زمانو ھو جنھن وقت يونان ۾ ٿاليس پيدا ٿيو ان ئي زماني جين درم ۽ ٻڌ ڌرم جو جنم ٿيو ۽ گوتم ٻڌ ۽ مھاوير پيدا ٿيا،جن خدا ۽ انسان بابت فلسفياڻا سوال اٿاريا تنھن ڪري مولانا صاحب مورخن کي ان ڳالھ ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿو جنھن پس منظر ۾ ا ھي ٻہ عظيم ڏاھا پيدا ٿيا ۽ جنھن علمي فڪري ورثي گوتم ٻڌ ۽ مھاوير کي متاثر ڪيو ان پس منظر کي سمجھڻ جي ضروت آھي . جئين تہ گوتم کي فڪري تاريخ ۾ ھڪ صوفي ليکيو وڃي ٿو ھن جا گھڻا خيال صوفياڻا ھئا پر مولانا جي گوتم ٻُڌ جي باري ۾ ھڪ جدا موقف آھي ھُو ھن کي ھڪ فلسفي سمجھي ٿو ۽ ھن جي فڪر کي ٻڻ جملن ۾ ھن طرح سمجائي ٿو ”ھن مُفڪر جي نظر ۾ انساني جدوجھد جو معراج ئي اھو آھي تہ زندگي جي گُٿي کي سُلجھايو وڃي ۽ اھو مقصد غيبي طاقت کانسواءِ حاصل ڪري سگھجي ٿو . .ائين مھاوير پڻ گوتم گوتم ٻڌ وانگر ديوتائن جي وجود تي ايمان آڻڻ بنان ئي زندگي جي اسرار جي حل ڳولڻ لاءِ پنھنجا فڪري ڪوئنتل ڪُڏيا . “ ص94.
ھتي مولانا آزاد جو خيال آھي گوتم ۽ مھاوير کان اڳ بہ فلسفي جو ھڪ فڪري پس منظر ھو جنھن مان انھن مفڪرن جي فڪر جي اوسر ٿي تنھن ڪري ان فڪري پس منطر کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت اھي ا ن فڪري پس منظر مان مراد ھندستان جو اپشندي فلسفو آھي جنھن جو بنياد گوتم ٻڌ ۽ مھاوير کان اڳ رکجي چڪو ھو مولانا صاحب مطابق اھي اٺين صدي قبل مسيح ۾ سھيڙيا ويا جڏھن تہ ٿاليس ڇھين قبل مسيح جو فلسفي آھي ۽ انھن ۾ گھڻن مفڪرن دنيا جي مادي تعبير ڪئي تنھن ڪري اسان کي جڏھن ھندستاني فلسفي جي آغاز جي تاريخ ھڪ ھزار قبل مسيح تائين ڪري سگھون ٿا تنھن ڪري جڏھن اسان يوناني ۽ ھندستاني فلسفي جي آغاز، ارتقا ۽ عروج جي دورن جي ڀيٽ ڪنداسين تہ اسان ان نتيجي تي ضرور پھچنداسين تہ فلسفي جي تاريخ جي شروعات يوناني ٿاليس کان اڳ ھندستان ۾ ٿي .