تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسفو، سائنس ۽ ادب

ھن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت چونڊ ڪتابن تي تجزيا شامل آھن. ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي. ٻيو ڀاڱو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سوانح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرن تي مشتمل آھي، جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن. اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ آھي. ھن قسم جي تعارفي سلسلي جو ھڪ سبب سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آھي.

Title Cover of book فلسفو، سائنس ۽ ادب

انسان جي سماجي ارتقا

انسان جي سماجي ارتقا

جنھن وقت ڊارون ارتقا جو نظريو ڏنو ھو تڏھن ھر عام توڙي خاص ماڻھو کي ھن ڪائنات، سماج ۽ انسان بابت پنھنجن ابن ڏاڏن جي ڏنل خيالن، سوچن ۽ نطرين تي يقين ھو ۽ جڏھن ڊارون پنھنجو ارتقا جو نظريو پيش ڪيو تڏھن ڪند ذھن ۽ پراڻ پسند ماڻھن ھڪڙو وڏو ممڻ مچائي ڇڏيو ھو پر وقت ڊارون جو نظريو صحيح ثابت ڪيو .ڊارون پنھنجي نظريئ جو بنياد،جانورن ۽ انسان تي رکيو پر اڳتي ھلي ٻين سائنسدانن ڊارون جي نظريئي کي اڳتي وڌايو ۽ ان ۾ واڌارو ڪيو ۽ جديد دور جا سائنسدان انسان جي سماجي ارتقا تي پڻ ڪم ڪري رھيا آھن . ھن ڌرتي تي زندگي جي شروعات ڪئين ۽ ڪڏھن ٿي؟ ھن ڌرتي تي انسان جو وجود ڪڏھن ٿيو؟ انسان جي شروعاتي زندگي ڪئين ھئي؟ ان جي رھڻي ڪھڻي، خوراڪ ڪھڙي ھئي؟ انھن سماج ڪئين اڏيو؟ اوائلي انسان وٽ شعور ۽ عقل ڪئين آيو؟ ۽ ان پنھنجي ارتقا جي ڪيترا ڏاڪا تھ ڪيا؟ ۽ ان ڪھڙن مصيبتن کي ڪئين ۽ ڪھڙي طريقي سان منھن ڏنو؟ اھڙا ٻيا ڪيترا ئي سوال آھن جن تي دنيا جا اينٿرو پالجسٽ ۽ تاريخدان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ انسان جي بڻ بنياد ۽ان جي ارتقا تي پنھنجا خيال پيش ڪري رھيا آھن جنھن ۾ ان موضوع تي يووال نوح حراري جي ڪتاب بہ لکيل آھن جن تي پڻ ھڪ وڏو بحث ٿيو جيڪي پڻ انسان جي ماضي، حال ۽ مسقبل جي سماجي ارتقا تي بحث ڪن ٿا سنڌي ۾ سائنس جي اھڙن موضوع تي ڊاڪٽر سڪندر مغل جا سٺا ڪتاب لکيل آھن جنھن “ ارتقا جي ڪھاڻي، رنگ رنگي بڻايا، زندگي، ازلي حقيقت جو ڳولا ۽ ڏاھپ جو اڀياس لکي اسان کي سائنس جي اھم موضوعن تي بنيادي ڄاڻ ڏني تازو ان جو انسان جي سماجي ارتقا جي موضوع تي لکيل نئون ڪتاب “ انسان جي سماجي ارتقا “ آيو آھي، جنھن جا ٽوٽل ڇھ باب آھن جن ۾ ڊاڪٽر صاحب انسان جي سماجي طور ارتقا ڪئين ٿي؟ ۽ ان ارتقا دوران انسان ڪھڙا ڏاڪا تھ ڪيا؟ ۽ انھن ارتقائي ڏاڪن دوران انسان ۾ ڪھڙيون تبديليون آيون؟ ان جا شروعاتي مذھبي عقيدا ھئا ۽ انھن عقيدن جي اوثر ڪئين ٿي؟ ھيلتائين دنيا جا ڪھڙا وڏا مذھب رھيا آھن؟ انھن مذھبن جي ماڻھن جي ڪھڙا عقيدا رھيا آھن ۽ انھن عقيدن ڪئين ارتقا ڪئي؟ مذھبن ۾ ھڪجھڙائي، گاڊ جين جو تصور جھڙن سوالن تي سائنسي بحث ڪري ٿو جيڪو تمام اھم آھي جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جي پڻ ضرورت آھي پر پاڻ ھن مضمون ۾ صرف ان جي پھرئين باب انسان جي سماجي ارتقا جو جائزو وٺنداسين .
پھرئين باب ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل انسان جي سماجي ارتقا جي تاريخ کي سائنسي انداز سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ھن باب ۾ ليکڪ انسان جي ارتقا جا ٻہ ڏاڪا اھم ٻڌايا آھن جنھن ۾ پھريون ڏاڪو يا منزل شڪاري _ميڙيندڙ منزل آھي .
ھن ڏاڪي دوران انسان پنھنجي زندگي الڳ ٿلڳ گذاريندو ھو ۽ ھن جو گذران جھنگ مان ٻوٽا ۽ فروٽ ميڙڻ ۽ پکين جو شڪار ڪرڻ تي ھو ھن منزل دوران انسان گھڻي ۾ گھڻو وقت آفريقا ۾ گذرايو جيڪو تقريبن 50،60 لک سالن جي لڳ ڀڳ آھي .
شڪاري منزل دوران انسان جانورن جي شڪار ڪرڻ لاءِ پٿر جا اوزار ٺاھڻ جي شروعات ڪئي جنھن سان انسان کي باھ ايجاد ڪرڻ جو تجربو ٿيو جنھن انساني ارتقا ۾ ھڪ وڏي تبديلي آندي، باھ جي استعمال سان نہ کائي سگھجندڙ ٻوٽا انسان جي کائڻ لائق ٿي ويا جنھن سان انسان جي جسم ۾ وڏي تبديلي رونما ٿيڻ لڳي انسان جي آنڍي ۽ دماغ جي سائيز ۾ تبد يلي اچڻ لڳي،ان کانسواءِ ھن منزل دوران انسان ٻولي جي ايجاد ڪرڻ جي پڻ ڪئي جنھن انسان جي تصور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي سگھ وڌائي .
شڪاري _ميڙيندڙ منزل واري ڏاڪي تي پوري دنيا ۾ انسانذات جي ٽوٽل آبادي تقريبن ٻن لکن تائين ھئي .
جڏھن انسان موسمياتي تبديلي سبب شڪار ڪرڻ يا وري جھنگلي ٻوٽن ۽ ميون کي ھٿ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي تہ انسان باغباني ڪرڻ جي شروعات ڪئي ٿي جنھن سان انسان زراعت جو ھنر سکيو ۽ انساني سماج ۾ زراعت جي شروعات ٿي جڏھن تہ ان باغباني جي شروعات عورتن ڪئي ڇوتہ عورت کي باغباني ۾ ايڏي مشقت نٿي ڪرڻي پوي ۽ مشقت وارو ڪم مردن جي حوالي ھوندو ھو، انساني ارتقا جي ھن ڏاڪي يا منزل کي ھڪ زرعي انقلاب سمجھيو وڃي ٿو جنھن نہ رڳو انسان پر پوري انساني سماج کي تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو تقريبن اڄ کان ڏھ ھزار سال اڳ ھن ڌرتي تي رونما ٿيو، جنھن انساني سماج ۾ ھيٺيون اھم تبديلون آنديون .
زرعي انقلاب سان انسانن ھڪڙي جڳھ تي مستقل تي رھائش لاءِ گھر ٺاھڻ شروع ڪيا ائين ڳوٺ ۽ شھر اڏجڻ شروع ٿيا جنھن سان انسان طرفان زاراعت ذريعي اُپايل شين جي تجارت ٿيڻ لڳي .
شھر اڏجڻ جي ڪري پورھئي جي ورھاست ٿيڻ لڳي شھرن ۾مزور، لوھار، واڍا، دڪاندار، سونار، ڪاريگر طبقو پيدا ٿيڻ لڳو .
زرعي انقلاب سان انسان جي جسماني ۽ جنياتي تبديليون اچڻ لڳيون ۽ انسان ۾ گھڻيون شين کي ھضم ڪرڻ جي طاقت وڌي وئي .
زرعي انقلاب سان ڪڻڪ جي پيداور ٿيڻ لڳي ۽ ان جا ذخيرا گڏ ٿيڻ جي حرس پيدا ٿي جنھن سان طبقاتي سماج جي شروعات ٿي جنھن وٽ گھڻي ڪڻڪ ھوندي ھئي اھو ٻين انسانن تي حاوي ھوندو ھو تنھن ڪري زمينن تي قبضا ڪري ذاتي ملڪيت وڌائڻ جي شروعات ٿي ائين طبقاتي سماج شروعات ٿي، انسان ۾ ٻئي تي حڪمراني ڪرڻ جو تصور پيدا ٿيو ۽ انساني تاريخ ۾ غلامي جي شروعات ٿي ۽ اصل محنت ڪندڙ ھاري جي محنت جو احتصال ٿيڻ لڳو ائين حڪمران ڪندڙ انسان وڌ ۾ وڌ دولت گڏ ڪرڻ ۽ شاھوڪار ٿيڻ لڳا تنھن ڪري ليکڪ جو خيال آھي زراعت ھڪ وڏو انقلاب تہ ھو پر ان انقلاب انسانن کي غلام بنائي ڇڏيو جنھن جو اظھار صفعي 22 تي ھن ريت ڪري ٿو ” چيو وڃي ٿو تہ زرعي انقلاب ( انسان سان ) تاريخ جو ھڪ وڏو ڌوڪو ھو . ان جو ڪير ذميوار ھو؟ نہ بادشاھ،نہ پادري،نہ واپاري،ان جا ڏوھاري ھئا چند ٻوٽا، ڪڻڪ،چانور ۽ پٽاٽا . ھنن ٻوٽن انسانن کي پنھنجو پالتو بڻائي ڇڏيو،نہ ڪي انسان انھن کي پالتو بڻايو ھو .
ليکڪ جي مطابق زرعي انقلاب ھڪ وڏو معاشي انقلاب ھو جنھن سان سماج ۾ نوان سماجي رشتا پيدا ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻھن جا نوان مذھبي عقيدا پيدا ٿيڻ لڳا جنھن مذھبي انقلاب جي راھ ھموار ڪئي . زرعي منزل تي ئي انسان جانورن کي پالڻ شروع ڪيو جنھن سان انسان اقتصادي فائدا ٿيڻ لڳا پر جانور انسان لاءِ وڏيون مصيبتون بنجڻ لڳا ڇوتہ جانورن مان ڪيتريون ئي بيماريون انسان ۾ منتقل ٿيڻ لڳيون جن ۾ ماتا، فلو، ٽي بي، مليريا، پليگ، ارڙي، ڪالرا ۽ بيڪٽريل بيماريون جيڪي پھرئين جانورن جون بيماريون ھيون پر اھي ارتقا ڪري انسانن ۾ شامل ٿي ويو آھن جنھن ڪري جڏھن اھي بيماريون ڪنھن ھڪ انسان کي لڳڻ کانپوءِ اھي پوري قبيلي ۾ وچڙي وينديون ھيون جنھن ڪري ھزارين انسانن جو موت واقع ٿيندو ھو اسرائيلي سائنسدان يووال نوح ھراري بہ پنھنجي ڪتاب ” انسان جي مسقبل جي تاريخ ۾ پڻ اھو ئي نقطو رکي ٿو تہ انسان جي تاريخ ۾ بيڪٽريل بيمارين سبب جيترا انسان اجل جو شڪار ٿيا آھن تنھن جي اڳيان مھاڀارين لڙاين ۾ قتل ٿيل انسان جو ڪوبہ مقابلو ناھي ھڪڙي جراثيمي بيماري جي لھر لکين ماڻھو ماري وجھندي ھئي، ھن ڪتاب ۾ بہ ليکڪ ان نقطي جي پٺڀرائي ڪري ٿو تہ ماضي ۾ اھي فوجون فاتح ھونديون ھيون جن وٽ ٻين ۾ ڦھلائڻ لاءِ جراثيمي ھٿيار ھوندا ھئا .