ھڪ جينئس جي ڪٿا
منهنجي پسند جي مضمونن ۾ فلسفو ادب .سياست سان گڏوگڏ ماڻھن جون زندگيون بہ آھن منهنجي سدائين ڪوشش رهي آھي تہ دنيا جي عظيم شخصيتن جون آتم ڪهاڻيون ۽ ان تي لکيل ڪتاب پڙهان ۽ اهو ئي سبب آھي ته منهجي پسند جي ڪتابن ۾ بہ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي،هوچي منھ جي آتم ڪهاڻي،ڏاهپ جو جنم،رسل جي آتم ڪهاڻي جهڙا ڪتاب آھن جيڪي مون کي تمام گهڻا وڻيا آهن انهن ئي ڪتابن پڙهڻ کان پوء معلوم ٿئي ٿو تہ انهن ماڻھن پنهجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لآ ڪيڏي وڏي جدوجهد ڪئي ڪيڏا نہ غير معمولي ڪم ڪيا . .تازو اسان جي بي انتها محنتي گهڻ پڙهئي دوست ۽ ليکڪ“ اياز علي“ جو“ مارڪس “تي لکيل ڪتاب پڙھڻ لاء مليو جيڪو مون ٻن ٽن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو . سنڌي م مارڪس جي زندگي تي لکيل هي ٻيو ڪتاب آھي پهريون ڪتاب“ ڍاڪٽر محبت ٻرڙي“ جو ترجمو ڪيل ڪتاب“ ڏاهپ جو جنم“ آھي پر تحقيقي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آھي .هن ڪتاب م اياز مارڪس جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ تمام سٺي نموني مارڪس جي زندگي ۽ ان جي نظريعي جو تعارف ڏ نو آھي .
اياز علي جو هي ڪتاب پنجن بابن ۽ ٻن مضمون تي مشتمل آھي جيڪو مارڪس جي زندگي جو احوال ۽ ان جي نظريعي ۽ علمي ۽فڪري ڪم جو بنيادي ۽ مختصر تعارف آھي اچو تہ پاڻ هن ڪتاب جو جائزو وٺو ن .
هن ڪتاب جو پهريون باب “مارڪس جي پئدائش ۽ تعليم “ جي عنوان سان آهي جنهن ۾ مارڪس جي پئدائش، ان جي يونيورسٽي جي تعليم .هيگل جي مطالعي، فلسفي ڏانهن چاه ڌنڌي جي چونڍ ۽ مارڪس جي لکيل پهرين مقالعي جو احوال آھي جنهن مان هيٺيون ڪجھ ڳالهيون سمجهي سگهجن ٿيون
مارڪس جو سڀ کان وڏو فڪري ڪارنامو اهو هو تہ هن پاڻ کان اڳ جي مفڪرن ۽ ڏاھن جي فڪري ۽ فلسفي کان پڙهڻ کان پوء نتيجو ڪڍيو تہ هيستائين دنيا جي ڏاهن صرف انهي سوال تي سوچيو آھي ته ڪائنات ڇا آھي؟ ڪائنات ڪٿان آئي؟ پر اصل سوال اهو ناهي،اصل سوال اهو آھي ته ڪائنات کي تبديل ڪئين ڪجي .
مارڪس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن باقاعدا سائنسي انداز ۽دليلن ۽ بي انتها فڪري پورهئي سان اهو نتيجو ڪڍيو تہ“دنيا جي هر برائي،ڀڇڙائي،اميري،غريبي ۽ غلامي جو سب طبقاتي سماج آهي ۽ ان طبقاتي سماج کي تبديل ڪرڻ کان سواء دنيا ۾ انسانيت جو اڪثريتي طبقو سک،چين ۽ آزادي نٿو ماڻي سگهي .
)واڌو قيمت(surplus vaue وارو نظريئي جي ذريعي مارڪس سرمائيداري نظام جي پورهيت دشمن پاسي کي وائکو ڪيو جيڪو مارڪس جو هڪ وڏي ۽ عظيم سائنسي ايجاد هئي جنهن تي اياز علي لکي ٿو تہ “دراصل،واڌو قيمتsurplus value وارو نظريوبہ، مارڪس جي هڪ وڏي سائنسي ايجاد هئي ۽ آھي جنهن سرمائيداري کي رد ڪندڙ سوشلسٽ نظام جي فتح ۽ ڪاميابي کي نہ رڳو سائنسي جواز فراهم ڪيو،پر بنيادي طور تي ان جي فتح ۽ ڪاميابي کي اڻٽر ۽ يقيني بہ بڻائي ڇڏيو .مان ڀانيان ٿو تہ اهو مارڪس جو وڏو ڪارنامو رهيو آھي جيڪو دراصل،مارڪسي فڪر ۽ تعليمات جو اصل ڳر آھي .
هيگل جو گهرائي سان مطالعو ڪرڻ کان پوء مارڪس انهي نتيجي تي پهتو ته سماجي تبديلي جو اصل محرڪ خيال،تصور يا سوچون نہ پر متضاد معاشي حالتون آھن .
هن ڪتاب جو ٻيو باب “جلاوطني ۽ اينگلس سان واقفيت “ جي نالي سان آھي جنهن م هيٺيون ڳالهيون بحث آيل آھن
مارڪس پنهجي جواني م تمام گهڻي شاعري جو مطالعو ڪيو ۽ پاڻ بہ پنھنجي محبوب جيني تي شاعري ڪئي هئس انهي ڪري مارڪس شاعرن تي راء هئي تہ شاعرن جي پنهنجي مخصوص دنيا هوندي آھي انهي ڪري انهن تي سخت تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي ۽ جڏهن اينجلس هن جي هڪ شاعر دوست تي تنقيد ڪندو ھو تہ مارڪس پنهجي شاعر دوست هائني جو بچاء ڪندو هو . مارڪس جي انهي رويي تي اياز هن ڪتاب م لکي ٿو تہ “بحرحال اها حقيقت آھي تہ مارڪس هائني جو بطور شاعر تمام گهڻو خيال رکندو هو ان مان اها ڳاله ظاهر ٿئي ٿي تہ مارڪس آرٽ جو قدردان هو .اسان وٽ مارڪسي فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن تي اهو بہ الزام لڳندو آھي ته اهي آرٽ،ادب،شاعري،موسيقي وغيرا جي خلاف هجڻ سان گڏ انفراديت پسندي کي رد ڪندڙ رهيا آھن پر مان ڀانيان ٿو تہ اهڙو الزام بلڪل ئي بي بنياد آھي اصل ۾ کاٻي ڏر جا ماڻهو ڪڏهن به ادب آرٽ،شاعري يا موسيقي وغيرا جي خلاف ناهن رهيا .البت آرٽ .ادب،شاعري ۽ موسيقي ۾ سوين سالن کان هلندڙ ظالم طبقاتي سماج جي آثر هيٺ،جئين تہ هميشہ مٿئين شاهوڪار ۽ڦورو حڪمران طبقي جي ترجماني ٿيندي رهي آھي،ان ڪري مارڪسي صرف انهي عام رواجي عوام دشمن طبقاتي مفادن ۽قدرن جي نمائندگي ڪندڙ عوام ۽ پورهيت دشمن آرٽ،ادب،شاعري ۽ موسيقي کي رد ڪري پورهيت ادب،پورهيت آرٽ،ادب،شاعري۽ موسيقي ۽ پورهيت ثقافت کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن .“37
مارڪس جرمن ماديت پسند فيورباخ، خيالي سوشلزم ۽ برطانيا جي اقتصادي ماهرن آڍم سمٿ ۽ ڍيوڍ رڪارڍو جي اقتصياديات جو مطالعو ڪرڻ کان پوء سائنسي سوشلزم واري نظريئي جا سائنسي بنياد رکيو .اياز علي مارڪس جي انهن ٽنهي علمن جي مطالعي کي مارڪس جا وڏا تجربا ڪوٺيو آھي،
مارڪس جي ويڳاڻپ واري نظريعي کي سمجهڻ کان سواء مارڪسزم کي نہ سمجهي سگهبو انهي ڪري مارڪس جي ويڳاڻپ واري نظريعي کي سمجهڻ ضروري آھي .مارڪس جو ويڳاڻپ واري نظريعي مطابق اها ويڳاڻپ ئي آھي جيڪا هڪ پورهيت کي ھي سماج ڍاهي هڪ نئون سماج اڏڻ لاء اتساهي ٿي .ان کانسواء هن باب ۾ مارڪس جي جگري دوست اينجلس جو مختصر تعارف بہ آھي .
هن ڪتاب جو ٽيون باب “فڪري ڪم جي شروعات جي نالي سان آھي ۽ آئون سمجهان ٿو ڪتاب جي هي باب تمام اهم آُهي جنهن ۾ اياز مارڪس جي ڪتابن جو مختصر تعارف ۽ تبصرو ڪيو آھي اچو تہ هن باب جو مختصر جائزو وٺو .
داخليت پسند فلسفي برونو بائر جو خيال هو تہ تحريڪون ناڪام انهي ڪري ٿينديون آھن ڇوته انهن ۾ عوام جو حصو هوندو آھي، ۽ هيگل جي بہ اهو ئي ساڳيو خيال هو برونو ۽ ھيگل جي انهن عوام دشمن خيالن کي رد ڪرڻ لاء مارڪس ۽ اينجلس گڏجي هڪ ڪتاب “مقدس خاندان لکيو جنهن ۾ انهن اهو موقف اختيار ڪيو تہ تاريخ عوام ٺاهي ٿي اها ڪن عظيم شخصيتن جي پيداوار ناهي .اياز علي مارڪس ۽ اينجلس جي انهي ڪتاب تي راء ڏيندي لکي ٿو تہ “ڇاڪاڻ تہ مقدس خاندان “اهو پهريون دستاويز آھي جنهن ۾ سائننسي سوشلزم جي بانيڪارن پنهجي بنيادي فڪر ۽ ويچارن کي وضاحت سان پيش ڪيو مثال طور هن ڪتاب ۾ مارڪس ۽ اينجلس وارن پهريون ڀيرو تاريخ جي خيال پسند فلسفي بدران تاريخ جي مادي فلسفي،سماج جي ارتقائي سفر ۾ معاشي پيداوار جي فيصلائتي ڪردار هجڻ ۽ سماجي انقلاب ۾ عوام جي بنيادي ڪردار وارن معاملن تي تفصيل سان لکيو ۽ اها ڳاله سمجهايائون ته تاريخ عوام ٺاهي ٿي، اها ڪن نامور ماڻھن جي پيداور ناهي .
جڏهن فرينچ دانشور پروڌان “غربت جو فلسفو “ ڪتاب لکيو تہ مارڪس کي خط لکي پنهجي راء ڏيڻ جو چيائين ۽ جڏهن مارڪس ان جي رد ۾ فلسفي جي غربت“ ڪتاب لکيو تہ پروڌان توائي ٿي ويو ۽ مارڪس سان دوستي ختم ڪري ڇڏيائين .
پروڌان جي انهي ڪتاب تي اياز لکي ٿو تہ پروڌان پنهجي ان ڪتاب ۾ اهو پٽڪو پٽيو تہ انساني سماج مان برائي، ظلم،ناانصافي ۽ ڦرلٽ وارو ڌندو تڏهن ختم ٿيندو جڏهن سماج جي خراب پاسن جي گهربل اصلاع ڪري انهن سڌارو آندو وڃي .ائين هن سرمائيدار سماجي نظام جي باري ۾ موقف هو تہ ان کي پاڙ کان پٽڻ يا مورڳو تبيديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي،پر ان ۾ گهربل سڌارو آڻي،ان کي بهتر بڻايووڃي . جئين تہ مارڪس اهڙي موقف کي فڪري وائڙپ ٿي سمجهيو،ان ڪري انهي موقف جي کل لاهڻ لاء کيس تنقيدي ڪتاب “فلسفي جي غربت “ لکڻو پيو،جنهن ۾ موقف رکيائين تہ ڪنهن بہ طبقاتي سماج ۾ ڦرجندڙ طبقو (پورهيت طبقو)پاڻ کي ڦريندڙ طبقي (سرمائيدار يا جاگيردار طبقي) کان ان وقت تائين آزاد نہ ڪرائي سگهندو جيستائين هو سڄي سماج کي ڦرلٽ ۽ احتصال کان نجات نٿو ڏيارائي “61
بحرحال هنن ٻن ڪتابن کان سواء هن باب ۾ مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن “ڪميونسٽ پدرنامو،جرمن آئيڍيالاجي۽ اينجلس جي پهرئين مقالعي“برطانيا ۾ پورهيت طبقي جي حالت “ تي مختصر ۽آسان تبصرو ڪيل آھي آئون سمجهان ٿو هي باب تمام گهڻي گهرائي سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آھي .
“لنڍن۾ جلاوطني ًهن ڪتاب جو چوٿون باب آھي جنهن ۾ مارڪس جي لنڍن ۾ جلاوطني، مارڪس جون گهريلو پريشانين، مارڪس جي پٽ ۽ ڌي جي وفات ۽ مارڪس جي نوڪري جي ڳولا جو ذڪر آھي جنهن کي پڙهڻ کان پو ۽ ماڻهو مارڪس جي هيڏين پريشانين جي هوندي پنهجي ڪم ۾ ثابت قدمي تي سلام ڏيڻ کان سواء نٿو رهي سگهي هن باب ۾ مارڪس، اينجلس ۽ جيني جا لکيل هڪ ٻہ خط بہ شامل آھن جن کي پڙهڻ کان پوء ماڻهو ڏڪيو وڃي .
هن باب ۾ ليکڪ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ “ُ مارڪس جي جون گهريلو حالتون بنھ خراب رهيون .ان وچ ۾ مارڪس مالي پريشانين کان تنگ ٿي نوڪري وغيرہ ڳولهڻ پڻ شروع ڪئي،هڪ هنڌ ريلوي ۾ نوڪري ملڻ جي آڇ ٿيس،پر لکڻي بنھ خراب هجڻ سبب کيس نوڪري بہ نہ ملي سگيهيس جنهن سبب مايوس ٿي وري پنهنجي فڪري ڪم تي ڌيان ڏنآئين،گهر ۾ بک بدحالي ۽ تنگدستي بدستور برقرار رهيس،84
هن ڪتاب جو آخري باب “آخري دور“ جي نالي سان آھي جنهن ۾ پورهيتن جي پهرين عالمي تنظيم مارڪس ۽ اينجلس جي سياسي سرگرمين پئرس ڪميون، مارڪس جي ڪتاب سرمايو ۽ جيني ۽ مارڪس جي وفات جو احوال ڏنل آھي، مارڪس جي ڪتاب “سرمايو“تي اياز علي لکي ٿو تہ مارڪس جو اهو ڪتاب،عالمي انساني فڪري تاريخ جو نهايت هڪ اهم ۽ تاريخ تي گهرا اڻ مٽ ڇڏيندڙ تاريخ ساز ثابت ٿيو ان ڪتاب۾ دنيا جي عظييم پورهيت انقلابي استاد پاران نہ صرف سرمائيداري سماج ۽ نظام جي منطقي تباهي ۽ عالمي انقلابي پورهيت سماج جي اوسر ۽ بنياد جا سائنسي ثبوت مهيا ڪيا ويا،پر اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ يعني انقلاب آڻڻ ۽ ان واسطي عملي جدوجهد ڪرڻ جي حڪمت عملي پڻ واضع ڪري ڏني “99
هن ڪتاب جي آخر ۾ ٻہ مضمون جن مان هڪڙو مارڪسي فلسفو ڇا آھي؟ ۽ ٻيو مارڪس جي نياڻي جو لکيل يادگيرن جو ترجمو آھي جيڪو تمام اهم ۽ انتهائي اتسهائيندڙ آهي هن مضمون ۾ مارڪس جو انتهائي دلچسپ ڳالهيون آھن . اياز علي جي هي ڪتاب مجموعي تمام بهترين ۽ مارڪس تي بنيادي ڪتاب آھي هون ئي جدليات تي سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آھن پر مارڪس تي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب آھن ئي ڪونہ . جنهن جي ڪري تمام گهڻي ضرورت هئي تہ ڪو مارڪس ۽ ان جي زندگي ۽ فڪر تي ڪو ڪتاب لکي اياز علي مارڪس تي هي ڪتاب لکي انهي کوٽ جي ڪافي حد پوراءُ ڪيو آھي ۽ اسان کي اميد آھي تہ اياز مارڪس جي فڪر تي ڪو تفصيلي ڪتاب لکندو۽ منهجي تہ خواهش آھي سنڌ جو هر نوجوان مارڪس جهڙي يگاني ڪردار کان واقفيت رکندو هجي ۽ ان کي اياز علي جو هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي .