فلسفي جي تاريخ
انسان لاء هن ڪائنات جا لقاء سدائين حيرت ۾ وجهندڙ رهيا آهن ۽ اوائلي انسان ته هن ڪائنات ۽ان جي لقائن بابت بلڪل اڻ ڄاڻ هو تنهن ڪري ھُو ان بابت عجيب قسم جا خيال رکڻ سبب گهڻو ڪري مصيبتن، تڪليفن ۽ اذيتن کي منهن ڏيندو هو، ۽ انهن تڪليفن کان ڇوٽڪاري لاء ڪي رسمون ڪي رواج، ڪي دعائون پڙهي پنهنجي جان آجي ڪرڻ لاء ڪوششون ڪندو رهندو هو انسان جي ان سڄي روئداد جو ذڪر اسان کي جادو ۽ سائنس جهڙن ڪتابن ۾ ملي ويندو، پر نيٺ انهن ڌڪُن، انهن غلط، خيالن، غلط سوچن مان ئي ڪي ڪجھ بهتر خيال پيدا ٿيڻ لڳا انهن غلط خيالن ۽ سوچن کي چيلينج ڪري وارا شخص پيدا ٿيا جن هن ڪائنات جي لقائن جو عقلي تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين فلسفي جو علم انهن وهمن ۽ وسوسن مان ڦُٽي نڪتو، اُن فلسفي جي بنياد ۽ ان جي تاريخ جي حوالي سان اسان وٽ مختلف رايا آهن هڪڙن جو خيال رهيو آهي ته ان جي شروعات هندستان جي چارواڪ فلسفي کان ٿئي ٿي ته ٻين جو خيال آهي ته ان جي شروعات يونان جي ڏاهي ٿاليس کان ٿئي ٿي،۽ ائين هر ڌر وٽ پنهنجا خيال آهن پر وري جيڪا فلسفي جي جيڪا تاريخ لکي وئي آهي ان ۾ يونان جي خيالن کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ائين فلسفي جي تاريخ تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ اڃا لکجن پيا، فلسفي ۽ ان جي تاريخ تي بحث ٿين پيا اسان سنڌي به ان حوالي سان اڳتي وڌيل آهيون جو اسان وٽ به فلسفي جهڙن علمن تي بعث ٿئي ٿو ان تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا . تازو ئي سنڌي ۾ فلسفي جي تاريخ تي فلسفي ڊيپارٽمينٽ جي استاد نويد سنديلو جو ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ ” آيو آهي نويد سنديلو جو آئنسٽائن تي سنڌي ٻولي ۾ تمام بهترين ڪتاب لکيل آهي تازو هي ڪتاب آيو اٿن جنهن جي ارپنا به فلسفي جي ٻن عظيم ذهنن فريدالدين شيخ ۽ جاويد ڀُٽي جي نالي آهي، هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون حصو يونان جي قديم فلسفي جو احوال ڏي ٿو ته ٻيو ڪلاسيڪل فلسفي تي مشتمل آهي . جئين هي ڪتاب فلسفي جي تاريخ جو ڪتاب آهي جنهن ۾ انساني تاريخي جي بنيادي خيالن ۽ تصورن تي بحث ڪيو ويو آهي تنهن ڪري انهن کي بار بار پڙهڻ انهن تي سوچڻ سان اُهي سمجھ ۾ اچي سگهندا تنهن ڪري فلسفي جي ڪنهن بہ ڪتاب کي پڙهڻ ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ انتهائي ڏکيو معاملو آهي تنهن ڪري پاڻ هن ڪتاب جو صرف سراسري جائزو وٺي سگهنداسين ۽ ڪي چند خيال هن تبصري ۾ ڏئي سگهنداسين . اچوتہ ان جو جائزو وٺون
جئين تہ اڄوڪي دور کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور سڏيو وڃي ٿو، اڃ ٽيڪنالاجي جا ڪارناما عروج تي آهي انسان لاء هر شيء ممڪن ٿي وئي آهي،دنيا جي هر شيء اسان جي جي کيسي ۾ پئي آهي، بٽڻ دٻائڻ سان منٽن ۾ حاضر ٿيو وڃي، پر ان ٽيڪنالاجي انسان کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي اهو انسان جيڪو ڪنهن دور ۾ ڏاهپ جو متلاشي هو جيڪو ڪائنات ۽ ھن سماج جي لقائن کي حيرت سان ڏسندو هو انهن تي سوال اُٿاريندو نوان ڪي عظيم خيال ڏيندو هو وڏا ڪي بعث ڪندو هُو ان وٽ زندگي جو عظيم مقصد هو هن ڪائنات کي سمجهڻ جي هورا کورا هوندي هئي اهو پوري طرح هيئر ٽيڪنالاجي جي رحم ڪرم تي آهي ان وٽ پنهنجا ڪي به خيال ناهن ٽيڪنالاجي جا خيال هُن تي حاوي آهن هُو فضول شين ۽ ڳالهين ڊوڙ ۾ آهي ۽ انهي ڊوڙ ۾ جڏهن پوئتي ٿئي ٿو هي انسان ويڳاڻو ٿئي ٿو مايوس ٿئي ٿو چڙچڙو ٿئي ٿو ۽ بيزار ٿئي ٿو، تنهن ڪري انهي بيزاري کي منهن ڏيڻ لاء انهي حالت مان نڪرڻ لاء وري به فرد کي ڏاهپ ڏانهن ورڻ گهرجي، فلسفي ۽ عظيم خيالن ڏانهن ورڻ گهرجي . ان سڄي صورتحال کي نويد سنديلو صاحب هن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو ته “زندگي ۽ ڪائنات بابت ڪيترائي پراڻا اخلاقي معيار ۽ تشريحون هيڻيون يا ناس ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لاء زندگي گهارڻ جو نئون دڳ ڳولڻ يا بنياد رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي جديد دور جي ماحول ۾ وڌندڙ تباهي جو احساس، ننڌڪائي، تحفظ جو اڻ لڀ بي وسي ۽ لاچاري وڌنڌڙ ذهني دٻاء،تباهي ۽ فنائيت ۽ جذباتي انتشار موجود آهي ائين لڳي ٿو ڄڻ اسان اڻپوري زندگي گهاري رهيا آهيون،اسان پنهنجون اشتهائون تہ وڌائي رهيا آهيون پر اسان پنهنجي مقصدن کي بُک ماري رهيا آهيون اسان جو ڌيان وڏين پگهارن،ٽيليويزن جي پردن جي مهانگين ڪارن،ديو ڪامت عمارتن ۽وري هاڻي اوچن خيالن ۽ تصورن جي بدران جن تي اسان جي حقيقي حياتي ۽آزادي جو انحصار آهي ڀاري ميزائلن ڏانهن آهي،تهذيبي هئڻ مان مراد وڌيڪ مادي شين جو هئڻ نہ،پر اها تہ ڪٺو ڪيل ڪن عظيم نظرين ۽ جٽادار سوچن سان ئي آهي انهي لاء اچو ڏاهپ ۽ فڪر جي واٽ وٺون ۽ انهن سوالن جا جواب تلاشيون جن لاء صدين کان دنيا جا ڏاها سرگردان ۽ حيران رهندا آيا آهن (20).“ هن ڪتاب جي وڏي خاصيحت اها آهي تہ ليکڪ يوناني فلسفي جو احوال ڏيڻ کان اڳ يونان جي مذهبي ڏند ڪٿا ۽ ادبي روايتن جو تفصيلي احوال ڏنو آهي جن يونان جي فلسفي کي متاثر ڪيو ۽ ان جي اُسرڻ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي . يونان جي مذهبي تصورن ۽ ادبي روايتن جو پس منظر پيش ڪرڻ کان پوء هن ڪتاب ۾ “ڏاهپ جو مقصد ۽ بنيادي سوال “ جي موضوع تي ”فلسفو ڇا آهي؟، ڏاهپ ڪئين ماڻي سگهجي ٿي؟ فلسفو ڇو ۽ ڇا لاء؟ جهڙن سوالن تي بعث ڪري ٿو جنهن ۾ ليکڪ مختلف ڏاهن جا رايا پيش ڪري انتهائي آساني سان انهن سوالن کي سمجهائي ٿو،جئين هڪ ليکڪ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ ” ڏاهپ کي ماڻڻ جو صحيح دڳ اهو آهي تہ ڪي ڏاهپ ڀريا ۽ فلسفياڻا سوال ڪيا وڃن . (55) يا ٻئي هنڌ لکي ٿو ته “فلسفو سچائي ڏانهن وڃڻ جو رستو آهي “. ان کان پوء اُن ئي باب ۾ ليکڪ فلسفي جي شاخن ۽ ان جي نظرين تي بحث ڪري ٿو جنهن ۾ ليکڪ مغرب جي مختلف نظرين تي بحث ڪري ٿو جيڪو تمام اهم آهي ۽ ان کان پوء ليکڪ باب ٽيون کان باقاعدي سان يوناني فلسفي جي شروعات ڪري ٿو جنهن ۾ سڀ کان پهرين فلسفي جي ابي ٿاليس جو ذڪر اچي ٿو جنهن چيو هو تہ ” هي ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي .“ائين يونان جي هرڏاهي جي زندگي ۽ ان جي فڪر جو تفصيلي احوال آهي جيڪو پڙهڻ سان ۽ بار بار پڙهڻ سان ئي سمجهي سگهجي ٿو ۽ اُهي يوناني هئا جن جديد سائنس جو بنياد رکيو،تنهن ڪري اچو تہ پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن ڏاهن جي خيالن مان ڪجه خيال پيش ڪريون .
1) ٿاليس چيو ته هي ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي . اينڪسميندر چيو ته هي ڪائنات “هوا، مٽي، پاڻي ۽ باه لامعدود جوهر مان پيدا ٿيا آهن “ ۽ وري اينڪسي مينس چيو ته “سمورا آسماني جسم باه جا ٺهيل آهن “.
2) پيٿاگورس چيو ته “عدد “ئي هن ڪائنات جي ماهيت آهي “.
3 ) هيرا ڪليٽس جو خيال هو ته “ هر شيء تحرڪ ۽ تبديلي ۾آهي ” هر پل درياء ۾ هڪ نئون وهڪرو آهي “ تہ وري زينو فينس چيو ته ” هر صبُح جو اڀرندڙ سج ساڳيو ناهي .“
4 ) پارمينائيڊس چيو ته “اسان جا حواس اسان کي دنيا جي اڻپوري تصوير ڏيکارين ٿا“. ۽ وري زينو چيو ته ڪابہ ساڳئي شيء ٻن هندن تي نٿي ٿي سگهي .
5) مليس چيو ته“ ڪائنات “ ۾ ڪوبہ خالي پڻو ناهي “. .
ايمپيڊاڪليز چيو ته فطرت ۾ محبت ۽ جنگ ٻه جدا قوتون آهن . پروٽاگورس چيو ته سمورين شين جو پئمانو انسان آهي “.
ائين هي ڪتاب ڏ اهپ جي خزاني سان ڀريو پيو آهي جنهن ۾ يوناني ڏاهن جا عظيم خيال آهن جن تي ليکڪ تفصيلي بحث ڪيو آهي جيڪي انسان جي تاريخ اعلي ورثو آهن جنهن تي مارڪس جهڙو مفڪر به حيران هو تنهن ڪري اچو ته هن هڻ وٺ، هل هنگامي ۽ سوشل ميڊيا جي فضول مقابلي جي ڊوڙ مان نڪري ڏاهپ ڏانهن موٽ کائون اھڙا عظيم خيال پڙهي پنهنجي ذهن کي وري هن ڪائنات ۽ سماج جي وڏن توڙي ننڊڙين سوالن تي سوچڻ تي آمادا ڪريون ڇوتہ پوري انسانذات جي بقا ڏاهپ ۽ علم ۾ ئي آهي .