انساني تاريخ کي بدلائيندڙ مفڪر مارڪس
ھو جڏھن پيدا ٿيو ھو تڏھن هن جي پيء هئنرخ کي به خبر نہ هئي تہ اڳتي هلي انساني تاريخ جا رخ موڙيندو ۽ علم فڪر ۽ فلسفي جي ميدان تي ڪي نوان تاريخي ڪارناما ڪري دنيا جي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيندو نہ ئي هن جي ماء کي خبر هئي تہ هن جو ھي ٻار ائين مفلسي غريبي ۽ ڏکن جي زندگي گذاريندو جنهن جي لاء هن خواب ڏٺو هو تہ هي امير ماڻهو ٿي عيش آرام واري زندگي گذاريندو پر هي تہ انهن اميرن ۽ سرمائيدارن جو مخالف ٿي بيٺو هو، ۽ انهن غريبن ۽ پورهيتن جو ٿي بيٺو هو جن جو انهن ڦورو طبقن طرفان لکيل تاريخ ۾ پاٽ تي بہ نالو نہ هو ۽ هن چيو تہ انساني تاريخ جيڪا اڳتي وڌي آهي ۽ ترقي ڪئي اٿس تنهن جو سبب اهو مظلوم ۽ پورهيت طبقي جي محنت ۽ جفاڪشي آهي تنهن ڪري جيڪڏهن اسان کي هن دنيا کي هن سماج کي تبديل ڪرڻو آهي تہ ان تاريخ جي تخليقار پورهيت کي طاقتور ڪرڻ گهرجي ۽ سڄو ڪاروهنور انهن جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ۽ انساني تاريخ جو اهو يگانو ماڻهو هو جنهن چيو تہ هي نظام ٺڳي ۽ هڪ طبقي جي بالادستي تي ٻڌل آهي تنهن ڪري هي رهڻ لائق ناهي هن کي تبديل ڪرڻ گهرجي، هُو جيڪو هر قسم جي غلامي خلاف ھو ۽ هُن انسان کي آزاد ٿي ڪرائڻ ٿي چاهيائين ۽هن جو خيال هو تہ ازادي پورهيت جي جدوجهد سان ملي سگهي ٿي پاڻ لکيائين تہ “ صحيح معنائن ۾ انساني آزادي ”هر قسم جي غلامي کي ٽوڙڻ کانسواء ناممڪن آهي ۽ پورهيت سماج جيڪو سڀ کان وڌيڪ محروم ۽ محڪوم ۽ مظلوم حالت ۾ آهي . پورهيت سماج جي سڀني دائرن کي آزاد ڪرائڻ کانسواء پاڻ کي نجات نٿا ڏياري سگهن .
ان نجات جو دماغ فلسفو آهي ۽ ان جي دل پورهيت آهي .“
هئنرڪ مارڪس چواڻي هوُ ننڊي وحي ۾ ئي فضول علم مطلب ادب، شاعري ۽ ادبي تنقيد تي ڌيان ڏيئي رهيو هو جيڪو هن جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ جو سبب نٿي بڻجي سگهيو ھُن ننڊي وحي ۾ ئي ترقي پسند ادب، شاعري ۽ ناولن کي پڙهڻ شروع ڪيو هن کي شاعري سان تہ بي انتها عشق هو هڪ سال ۾ شاعري جا ايترا ڪتاب پڙهيائين اوترا شايد هڪ شاعر سڄي عمر نہ پڙهي سگهي پنهنجي محبوب جيني جي محبت ۾ لاجواب شاعري لکڻ سان گڏوگڏ بغاوت ۽ تنز سان ڀرپور شاعري لکيائين جيڪا ٻن ڊائرن جي صورت ۾ سانڊي رکيائين . ان مان هڪ نظم جنهن ۾ مارڪس جي اصول پرستي بغاوت نظر اچي ٿي جو ترجمو هي آهي تہ “
سمجهي ڇڏ چڱي طرح، مون کان ٿي نہ ٿو سگهي،
مان رنج ۽ تڪليف جي بدلي چاڪري ڪريان،
زئيس جو نوڪر اطائت گذار بڻجڻ کان،
مون کي جبل سان جڪڙيو رھڻ پسند آهي . “
هڪ ٻئي نظم جو ترجمو آهي تہ
” ڪئين مان مجهول ۽ بي پرواه رهان ان شيء کان،
روح خاطر جيڪا وڄ جي گاج،طوفان آهي،
آرام وسيلي ۽ سستيء سان ڀلا مون کي ڇا وٺڻو،
مان اتي آهيان جتي طوفان آ،يلغار آ،
ڪا آرزو اڻپوري ئي نہ رهجي وڃي،
فضل ربي کي سمجهڻ لاء ڪري رهيو آهيان جستجو،
علم جي گهراين ۾ ڪَري رهيو آهيان جستجو،
عالم آهنگ وفن ۾ بار جو چاهيندڙ آهيان مان،
ڪاش جرئت ۽ همت هاڻي اسان جو ساٿ ڏي،
هي ناهي پنهنجو مقدر - صُلحُ ڪُل سڀ رضا،
اڃا ڪيترا ڏينهن رهنداسين بي زبان؟ بس ڪافي ٿيو،
پورو ٿيو بي عقل ۽ بيڪار جيئڻ پورو ٿيو،
اهو نہ ٿئي جو اسين ڀاڙين جيان هارايون،
ڏاڍ کان،اطاعت کان ڊڄ جي بار کان،
سَگَھ هر آرزو ء ۽ سَگھ سوچن ۽ عمل جي،
توهان کان شرمسار ٿي دل ئي دل ۾ رهي .”(ڏاهپ جو جنم،ص:54)
مارڪس کي فلسفي سان ايڏو چاه هئس جو 25 سالن جي عمر ۾ يوناني ڏاهي ايپيڪيوريس تي مقالعو لکي ورتائين ۽ فلسفي جو هڪ نئون نظام ڏيئي ويو جنهن سماج کي تبديل ڪرڻ جو ڏس ڏنو ۽ ان فلسفي انساني تاريخ کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ريسرچ جو ايڏو ڪوڏيو هو جو معاشيات تي لکيل ڪو بہ ڪتاب ڪونہ ڇڏيائين هر ننڊي توڙي وڏي ليکڪ جو ڪتاب پڙهي پنهنجي ڪتاب سرمايي ۾ انهن جا حوالا ڏنائين . جڏهن تہ هن پنهنجي غير معمولي ڏاهپ سان ڪي عظيم ڪارناما ڏنا جنهن ۾ هن کان اڳ علم فڪر ۽ فلسفي جي ميدان سوين بحث ٿيا فلسفين سائنسدانن، مفڪرن هن ڪائنات تي ڳالهايو پنهنجا خيال پيش ڪيا پر ڪنهن بہ ائين نہ چيو تہ هن ڪائنات کي تبديل ڪجي تنهن ڪري مارڪس انهن جي علم فڪر ۽ فلسفي کي چيلينج ڪري چيو تہ ڪائنات تي گهڻو ئي ڳالهايوسين پٽاڙ هئينسين پر اچو تہ سوچيون تہ ڪائنات کي تبديل ڪئين ڪجي،؟ هن جو خيال هو تہ هي ماڻهو جيڪو ناڪارا آهي جيڪو پاڻ کي غريب بي پهچ ڪُت مڇر سمجهي ٿو جيڪو سڄو ڏينهن پاڻ تي رحم کائي ٿو قياس کائي ٿو، ويڳاڻو ويڳاڻو رهي ٿو تنهن ڪري اسان جي سڀ کان وڏو چيليج آهي ته نئون ماڻهو تخليق ڪجي جيڪو پنهنجي تخليقي صلاحيت سان هڪ نئون سماج تخليق ڪري، مارڪس علمي ۽ فڪري تاريخ جو اهو پهريون مفڪر هو جنهن انهي پٽاڙ کي رد ڪيو تہ ماڻهو خراب آهي بڇڙو آهي ۽ سماج ۾ بڇڙائي، خرابي، ذلالتن ۽ بک، جو ذميوار فرد ۽ ڪا الهامي طاقت آهي تنهن ڪري فرد پاڻ کي تبديل ڪري سٺو ٿئي ته سڀ خرابيون ختم ٿي ويندو، پر هن چيو تہ انهن خرابين جو ذميوار ڪا الهامي طاقت ۽ فرد ناهي پر هي مدي خارج سماج آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ سان ئي هي ذلالتون ۽ ڀڇڙايون ختم ٿينديون، ھن جي انهن عظيم خيالن انساني تاريخ جي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ انسان جي فڪري تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي ويو آهي ۽ اڄ تائين ڪوبہ اهڙو مفڪر پيدا نہ ٿي سگهيو جيڪو مارڪس جي خيالن کي چيلينج ڪري ڪي متبادل خيال ۽ نظريو پيش ڪري سگهي .