تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسفو، سائنس ۽ ادب

ھن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. پھرين ڀاڱي ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت چونڊ ڪتابن تي تجزيا شامل آھن. ان کانسواءِ ھڪ مضمون ۾ ھندستاني فلسفي جي خيالن جو جائزو ورتو آھي تہ ھڪ مضمون ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج تي تاريخ جي مختلف نظريئي تي بحث ڪيل آھي. ٻيو ڀاڱو مختلف شخصيتن جي آتم ڪٿائن ۽ سوانح عمرين جو جائزو آھي ۽ ڀاڱو ٽيون مختلف ناولن ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي لکيل تبصرن تي مشتمل آھي، جن ۾ تنقيد جو پاسو نہ ھئڻ برابر آھي ۽ نہ ئي تنقيدي مضمون آھن. اھي صرف تعارفي تبصرا آھن جن جو مقصد صرف ھڪ تخليقڪار جي پورھئي کي ساراھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ آھي. ھن قسم جي تعارفي سلسلي جو ھڪ سبب سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ واري رحجان کي وڌائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آھي.

Title Cover of book فلسفو، سائنس ۽ ادب

اعلي گُڻ: جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندڙ ڪتاب

اعلي گُڻ: جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندڙ ڪتاب
جديديت پُڄاڻان جو دور اڄ جي انسان لاءِ وڏي مونجهاري جو دور آهي ڇوتہ هن دور ۾ هر شيءَ جو تصور تبديل ٿي ويو آهي بلڪہ هٿ سان مصنوعي طور تي تبديل ڪري انسان کي ڪوڙا تصور ڏنا ويا آهن اڃ جي دور ۾ خوشي، پيار، چاهت، سچائي، ايمانداري، انصاف، پيار ۽ وفا، ديانتداري ۽ اهڙن ٻين انساني جذبن جي صحيح پرک ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي تنهن ڪري اڄ دور ۾ انهن جذبن کي وري ٻيهر عقلي ۽ سائنسي طور تي سمجهڻ جي سخت جي ضرورت آهي .
فرينچ مفڪر آندري ڪونت جو ڪتاب “آعلٰي گُڻ “ پڻ انسان جي اِنهن جذبن ۽ گُڻن کي سمجهڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش آهي جنهن جو ترجمو سنڌ جي گهڻ پڙهئي ليکڪ، صحافي ۽ ترجمينگار جاويد راڄپر ڪيو آهي . هن ڪتاب جو بنيادي مقصد انسان جي ٽن بنيادي سوالن کي سمجهڻ جي ڪو شش آهي جيڪي هي آهن .
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اسان کي ڇا هجڻ گهرجي؟
اسان کي ڪئين جيئڻ گهرجي؟
بقول ليکڪ جي تہ “انسان جي انهن بنيادي سوالن کي سمجھڻ لاءَ اسان کي اخلاقيات جي اهم پاسي “انساني گُڻن “ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي .“ هاڻي سوال آهي ته گُڻ ڇا آهي؟ ليکڪ پنهنجي مهاڳ ۾ ان سوال تي لکي ٿو تہ ” اها هڪ قوت آهي جنهن جو ڪو اثر هجي يا ٿي سگهي ٿو . يا هڪ شيءَ يا وجود جو گُڻ اهو آهي جيڪو ان جي قدر ٺاهي ٿو، ٻين لفظن ۾ ان جي منفرد خوبي کي ٺاهي ٿو .“ يا وري مونٽين لکيو“ تہ ڪابه شيءَ ايڏي عمدي ۽ ايڏي واجبي ناهي جيڏو ماڻهوءَ جو سهڻي ۽ مناسب نموني هلڻ “ ائين ڪرڻ پنهنجو پاڻ گُڻ آهن .
هاڻي جڏهن پاڻ ڄاڻي ورتوسين تہ گُڻ هڪ خوبي آهي جنهن ذريعي اسان پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهون ٿا ۽ ٻين سان سٺي هلت هلي سگهون ٿا . تڏهن سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ اهي گُڻ فطرت طرفان انسان کي ملن ٿا يا پنهنجي پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا؟ ان سوال تي جئين تہ ليکڪ ماديت پسند آهي تنهن ڪري هن جو جو خيال آهي تہ ”جيتوڻيڪ فطري گُڻ طور اهڙي ڪابہ شيءَ نہ آهي.“ پر اهُي گُڻ ڪوشش سان ۽ خواهش سان حاصل ڪري سگهجن ٿا . ۽ انهن کانسواءَ اسان اڻپورا آهيون بلڪہ اُهي گُڻن حاصل ڪرڻ سان ئي اسان مڪمل انسان ٿينداسين .
ان کانپوءِ پنهنجي مهاڳ ۾ گُڻن بابت بحث ڪرڻ کان پوءِ ليکڪ ارڙهن انساني گهڻن بابت بحث شروع ڪري ٿو جنهن جي شروعات ”فضيلت کان ۽ ختم پيار تي ڪري ٿو .
ليکڪ جو خيال آهي تہ سڀني گُڻن جو بنياد فضيلت آهي ۽ آئون پاڻ سمجهان ٿو تہ اڄ جي دور ۾ فضيلت کي سمجهڻ اهم آهي ڇوتہ ھن دور ۾ لفظن جي ردوبدل سان “ فضيلت “ تي تمام گهڻيو ڳالهايو ويندو آهي اڃ اسان کي موٽيويشن جي ڪتابن توڙي ٽي وي پروگرامن ۾ ان تي گهڻو بحث ملندو جنهن ۾ ماڻهو کي سيکاريو ويندو آهي تہ ماڻهن سان پنهنجو رويو ڪئين رکجي ماڻهن کي ڪئين متاثر ڪجي، ماڻهن کي ڪئين پنهنجو ڪجي، پنهنجو رويو ۽ سوچ مثبت ڪئين رکجي، مطلب تہ اُهي ڪتاب ۽ ٽي وي شو ماڻهو کي پوري طرح منافق ٿيڻ سيکاريندا آهن ۽ انهن جو خيال هوندو آهي ته مثبت رويي سان انسان دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو سُکن ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو پر اندري ڪونت فضيلت جي ان انداز کي رد ٿو ڪري ۽ ان تي پنهنجا منفرد خيال پيش ڪري ٿو جئين هڪ هنڌ چئي ٿو تہ ” نازي ۽ هٽلر جا پيروڪارڪيڏا بہ فضيلت وارا ٿي وڃن تڏهن بہ انهن جي وحشتن بابت منفي راءِ ۾ ڪوبہ بدلاءُ نہ ايندو .” ان جو وڌيڪ اظهار صفعي چار تي هن ريت ڪري ٿو ”نازين لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انهن مان ڪجھ اُن ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي ( مطلب ته فضيلت سان ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ ۾ مهارت .) اُها بربريت جيڪا ڪڏهن فضيلت ( واري ڏيک ) جي ڪري شايد وڌيڪ ملامت جوڳي، انجي انساني صورتن جي ڪري وڌيڪ غير انساني ۽ مذهب پڻي جي ڍونگن جي ڪري وڌيڪ بربريت واري هئي .“
تنهن ڪري ليکڪ اسان کي خبر دار ڪري ٿو تہ سڀ کان اول فضيلت هٿان بي وقوف نہ ٿجي . ڪوڙي ۽ منافقي واري فضيلت تي بحث ڪري ليکڪ وري ان نقطي تي اچي ٿو تہ آخر سڀني گُڻن کان پهرئين فضيلت گُڻ ڇو؟ ان سوال تي ليکڪ جو خيال آهي ته فضيلت ئي اُهو گُڻ آهي جيڪو هڪ فرد جي اخلاقي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن لاءِ ليکڪ هڪ ٻار کي سامهون رکي بحث ڪري ٿو تہ هڪ ٻار وٽ ڪي بہ اخلاقي معيار نه هوندا آهن ۽ انهن کي جڏهن اسان بُرن ڪمن کان روڪيون ٿا ته انهن کي اُها پابندي لڳندي آهي ڇوتہ سماج ۾ اُن ٻار جا مِٽ مائٽ، پاڙيوارا ۽ ٻيا فرد اُهي ساڳيا ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ٻار انهن جو نقل ڪندو آهي تنهن ڪري ٻارن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان وڏن کي ڏيکاءُ نہ پر عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان جي لاءِ صفعي اٺ تي ليکڪ ڪانٽ جو حوالو ڏي ٿو تہ ” جيڪو ڪم ٻار پاڻ نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ تہ هن وٽ ان لاءِ ڪابه جبلت نہ هوندي آهي ( اهي ڪم ) ٻين کي، هن لاءِ ڪرڻا پون ٿا ۽ ائين ئي ” هڪڙو نسل ٻئي نسل کي سکيا ڏئي ٿو .“
تنهن ڪري ليکڪ جو پڻ اھو خيال آهي تہ ايندڙ نسلن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي سُٺا گُڻ سکڻا ۽ انهن تي فرض سمجهي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ائين اسان هڪ بهتر ماڻهو ليکيا وينداسين ۽ جڏهن اسان اُهي فرض سمجهي عمل ڪريون ٿا تہ اُهي گُڻ اسان جي طبيعت مزاج ۽ لاڙي جو حصو ٿي وڃن ٿا تہ اسان جي زندگي بهتر ۽ با مقصد گذري ٿي،
بامقصد ۽ بهتر زندگي جي ڪوشش ڪرڻ ڏانهن فضيلت گُڻ ئي مائل ڪري ٿو تنهن ڪري سڀ کان پهرئين اسان کي پنهنجن ايندڙ نسلن کي ايماندارنہ فضيلت سيکارڻ گهرجي جيڪا هڪ اهڙي ننڍڙي شيءَ آهي جيڪا وڏين شين لاءِ رستو ٺا هي ٿي .“
پيار جنهن تي مختلف، مفڪرن ۽ نفسياتدانن تمام گهڻو لکيو آهي جنهن ۾ نفسيات جي ابي سگمنڊ فرائڍ جو خيال آهي ته پيار اصل جنس جي پيداوار آهن جڏهن هڪ مرد کي ڪا خوبصورت عورت وڻي ٿي جڏهن اهو انسان اُنهي عورت کي حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي يا ان سان جنسي عمل ڪرڻ جي خواهش ڪندو آهي ته هُو ان خواهش کي پيار جي ذريعي تڪميل تي پهچائندو آهي بلڪل عورت بہ ائين ئي ڪندي آهي ۽ ان جذبي کي اُهي پيار جو نالو ڏيندا آهن، پر آندري ڪونت جو پيار جي حوالي سان هڪ جدا نقطہ نظر آهي ليکڪ 312 صفعي تي پيار تي ڳالهائندي لکي ٿو تہ ” پيار جون پاڙون ٿي سگهي جنسيت ۾ ھجن جئين فرائيڍ سوچيو ۽ جئين مان مڪمل طور مڃان ٿو پر ان کي جنسيت تائين سوڙهو نٿو ڪري سگهجي . ڪنهن به ريت اهو اسان جي ننڊين ۽ وڏين شهوت پسند راحتن کان مٿانهان وڃي ٿو، جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ سان پيار نہ ڪريون ها ته اسان ڪئين ايڏا خود غرض يا پاڻ پسند ٿي سگهياسين پئي ! اسان ڪم ڇو ڪنداسين جيڪڏهن ڏوڪڙن، آرام يا پنهنجي ڪم سان پيار نہ ڪندا هجون، اسان فلسفو ڇو پڙهون جيڪڏهن اسان ڏاهپ سان پيار نہ ڪندا هجون؟ ۽ جيڪڏهن مان فلسفي سان پيار نٿو ڪريان تہ هي سڀ ڪتاب ڇو؟ . “
مطلب ته ليکڪ پيار جي هڪ وسيع معني ٻڌائي آهي اهو پيار ئي آهي جيڪو دنيا ۾ غير معمولي ڪم ڪرائي ٿو اهو پيار آهي جيڪو حسين تخليقون تخليق ٿو ڪرائي اهو پيار ئي هو جنهن ڪري سُقراط سچ ۽ ڏاهپ جي ڪري ذهر جو پيالو پيتو ۽ اهو پيار ئي هو جنهن مارڪس کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ هيڏو غير معمولي پورهيو ڪرايو. ليکڪ بہ هن ڪتاب ۾ سڀ وڌيڪ ۽ ڳوڙهو بحث پيار تي ئي ڪيو ويو آهي ۽ ليکڪ جو خيال آهي تہ پيار سڀني گُڻن جي ابتدا ۽ انتها آهي . ائين هن ڪتاب ۾ اسان کي انساني گڻن فضيلت، وفا، دانائي، ديانتداري، انصاف ۽ ٻين موضوٿن تي وڏو بحث ملي ٿو جيڪو اسان کي انهن تي سوچڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ پوءِ پنهنجي پاڻ ۾ کوٽن، ڪمزورين ۽ خاصيحتن جي سُڌ ڏي ٿو تہ جئين اسان پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي زندگي کي تبديل ڪريون . هي ڪتاب يقينن جاويد راڄپر جو هڪ غير معمولي پورهيو آهي جيڪو اسان کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو تنهن ڪري سنڌ جي هر ماڻهو کي هي ڪتاب بار بار پڙهڻ ۽ ان سمجهڻ گهرجي .