لطيفيات

شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

پروفيسر امينہ خميساڻيءَ ادب جي ميدان ۾ پنھنجي تحقيقي ڪم ذريعي نالو ڪمايو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي موضوعاتي اھميت، شاھہ جي رسالي جي بنيادي حقيقتن، شاھہ جي شاعريءَ جي سماجي اثرن، شاھہ جي شاعريءَ ۾ ايثار ۽ روحانيت، شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور، رومانوي عنصرن،  شاھہ جي شاعريءَ جو انگريزرومانوي شاعرن سان تقابلو، سُر ماروي، سُر سامونڊي سميت ٻين موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آھن. ڪتاب ۾ڪجه متفرق مواد ۽ انٽرويوز پڻ شامل آھن.

Title Cover of book شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

منهنجي پياري استاد آپا امينه خميساڻي : گل محمد عمراڻي

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾1968ع کان 1972ع تائين چئن سالن جي علمي ياترا ۾ سڀ کان محترم ۽ مقتدر هستي ۽ استاد جنهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، اها هئي آپا خميساڻي. سندس اصل نالو آمنه چنا آهي، پر هوءَ پروفيسر آمنه عرف امينه خميساڻيءَ طور مشهور آهي ۽ سندس تعلق پاٽ شريف جي برگزيده علمي ادبي چنا خاندان سان هو.
مسز خميساڻيءَ شادي مسٽر جي.ايم خميساڻيءَ سان ڪئي، جيڪو سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ سان واڳيل هو ۽ ڊي. ايس. پي جي عهدي تي فائز رهندي سروس دوران ان وقت جي هوم سيڪريٽري مسٽر محمد خان جوڻيجي جي آفيس تغلق هائوس ۾ هڪ ميٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ميڊم خميساڻيءَ کي ٽي ٻار هئا ۽ هو بفضل الله زنده سلامت ۽ خوش و خرم آهن. سندس واحد ڌيءُ ڊاڪٽر ياسمين هاڻي آمريڪا جي شهري آهي ۽ سندس وڏو فرزند ڪيپٽن رياض خميساڻي پي. آءِ. اي. ۾ پائليٽ جي منصب تان رٽائر ٿي هاڻ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو ۽ سندس شادي حيدرآباد جي مشهور معروف سومرا خاندان ۾ ٿيل آهي، جن جو هڪ يادگار فاران هوٽل صدر حيدرآباد ۾ تمام گهڻو وقت مرڪز توجهه ۽ تفريح ڪاروبار رهيو. ڪجهه عرصو پهريون ان هوٽل کي ڊاهي هاڻي اتي شاپنگ سينٽر جي جُڙت ٿي رهي آهي. ڪيپٽن رياض خميساڻيءَ جي گهرواري پروين هڪ ڪار حادثي ۾ سپر هاءِ وي تي فوت ٿي وئي. ميڊم جو ننڍو پٽ مسٽر طارق خميساڻي آخري اطلاعن تائين ملٽي نيشنل ڪمپني برٽش پيٽروليم جو پاڪستان ۾ سربراهه چيف ايگزيڪيوٽو هو. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو آهي، الله سائين سندس مغفرت ڪري جواني ۾ عجيب البيلو انسان هو ۽ ماءُ جو لاڏلو فرزند.
ميڊم جو محترم والد صاحب خان صاحب علي بخش چنا صاحب، سنڌ جي ابتدائي ٻن چئن گريجوئيٽس ۾ شامل هو. 20 صدي ۾ برٽش راڄ ۾ پي. سي. ايس آفيسر هو ۽ نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. هن پنهنجي پياري ڌيءُ امينه کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لاهور جي مشهور ڪئنرڊ ڪاليج فار وومين ۾ بي. اي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، جتان محترمه امينه چنا صاحبه موٽي اچي مائٽن جي رضامنديءَ سان شادي ڪري گهر سنڀالي ويهي رهي ڪافي قيمتي سال گذرڻ کان پوءِ هن ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪئي، جنهن جا محرڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مدر ايلسا قاضي هئا. مون جڏهن 1968ع ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ته اتي ٻه خاتون پروفيسرز هيون: ميدم امينه خميساڻي ۽ ميڊم خالده سليم فاروقي. ميڊم فاروقي حال حيات آهي عمر تقريبن 70 کان مٿي هوندن، پر بظاهر خوش پوشاڪ ۽ سٺي صحت بيهڪ ۽ گفتار و رفتار سان آهن ڪڏهن هم ٽي. وي چئنل تي مذاڪرن ۾ ديدار اتفاقن نصيب ٿيندو آهي. ويجهڙائي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملاقات ٿي.
ڳالهه جو محور آهي ميڊم خميساڻي ۽ سندس ساروڻيون اڳ هڪ عدد داستان ۾ مان يوسف جکراڻي مرحوم جا ڪامريڊي مڪالما، ميڊم خميساڻي سان تفصيلن بيان ڪري آيو آهيان يا وري لکندس. جنهن ۾ ميڊم خميساڻي جکراڻي صاحب کي تنبيهه ڪندي ائين چيو هو ته “هي يونيورسٽي هڪ (مقدس) جاءِ آهي.” ۽ جکراڻي صاحب وري ديسي انگريزي ۾ ان کي secret يعني مخفي يا ڳجهي جاءِ ڪري سمجهيو ۽ ميڊم خميساڻيءَ کي چيائين ته آپا يونيورسٽي secret جڳهه ڪانهي ۽ ان کي هر عام ۽ خاص لاءِ کليل درسگاهه سمجهيو آهي. ميڊم جي انگريزيءَ جي رفتار ڪنئرڊ ڪاليج واري هئي، جتي انگريزيءَ سان گڏ فرينچ زبان پڙهڻ به لازمي هوندي هئي ۽ آهي ۽ ڪامريڊ يوسف جکراڻي جي سمجهه کان گهڻو ڏکي هئي.
ميڊم خميساڻيءَ جا ڪجهه پراڻا ۽ يادگار فوٽو گراف هاڻي ڀٽ شاهه جي ميلي جي انهي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن وارن ڪتابن پيغام لطيف ۽ ارمغانِ لطيف ۾ ڇپيل اوهان کي ملندا، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪري رهيو آهي ۽ اسٽيج تي سيڪريٽريءَ طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم نظر اچي ٿو بلي! ڇا ته زمانو هو. بلوچ صاحب جڏهن اسلام آباد بدلي ٿي ويو ته اسان جو هڪ ٻيو محترم استاد سائين الله بخش نظاماڻي پرنسپال نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ سيڪريٽريءَ جا فرض انجام ڏيندو هو. هاڻ ته عجب تماشو ۽ سرڪس لڳو پيو آهي. ميڊيا جو زمانو آهي، نه رهيا آهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا محقق، دانشور ۽ عالم ۽ نه رهيا آهن الله بخش نظاماڻيءَ جهڙا تعليمدان جنهن کي ثقافت جي وزارت چونڊي. موجوده وقت ميلي تي فنڪاريءَ جو آهي ۽ اهو فنڪار صاحب پي. ٽي. وي اسٽائيل ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو، بلڪه اداڪاري ڪندي نظر ايندو آهي. نالا کڻڻ جي منع آهي.
ميڊم خميساڻيءَ جا پراڻا يادگار فوٽو گرافس انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ به لڳل هئا، جتي پراڻن سالن جي فائنل ايئر جون الوداعي فريم ٿيل تصويرون جليل صاحب جي آفيس ۾ خوبصورتي سان ٽنگيل هونديون هيون ۽ جيڪي اڄڪلهه جي صاحبن الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سانڍي ڇڏيون آهن. اڄڪلهه ڊپارٽمينٽ جي جاءِ تي انگريزي زبان ۽ ادب جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيل آهي. جنهن جي سربراهي هڪ پي. ايڇ .ڊي ڊائريڪٽر ڪري ٿو.
ميڊم خميساڻيءَ اسان کي آنرز جي ٽئين سال ۾ رومانوي شاعري Romantic Poetry پڙهائي. جنهن ۾ ڪالرج، ورڊس ورٿ، ڪيٽس، شيلي ۽ لارڊ بائرن کي پڙهڻ لازم هو . 19هين صديءَ جي رومانٽڪ شاعري دراصل مصنوعي ڪلاسڪ شاعري جي خلاف علم بغات آهي. جيڪو تصنع، لافزني واري لفظي ٺاهه جوڙ، جڳاڙي تجنيس حرفي واري جادوگري ۽ بناوٽي اظهاريت ۽ هٿرادو گهاڙيٽن جي مقابلي ۾ ٺيٺ عوامي ۽ آزاد ٻوليءَ ۾، اندر جي اڌمن جو بي ساخته اقرار ۽ من اڇل آهي. ميدم خميساڻيءَ جو پڙهائڻ وقت موثر انداز، تز تشريح ۽ استدلالي تعبير ڪرڻ وارو لهجو عالماڻو ۽ بصيرت آميز هوندو هو. هن وٽ شاهه لطيف جو عميق مطالعو ۽ مشاهدو، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جا مثال ائين زبان تي هوندا هئا، ڄڻ ته ورڊس ورٿ ۽ شيلي به شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر کان متاثر هجن. اهڙو تقابلي جائزو ۽ اپٽار، شاگردن لاءِ امرت ڌارا هوندو هو، ڪٿي مغربي ادب جا سرچشما ۽ ڪٿي خالص مشرقي شاعري سا به سلوڻي سنڌيءَ مان پلٽائي انگريزي ۾ پيش ڪرڻ جو ميڊم خميساڻي وٽ انوکو ڏانءُ ۽ ڏس هوندو هو. جنهن سان هوءَ ڪلاس ۾ تخليق، فلسفياڻي ۽ مبهم موضوعن کي سلاست، رواني ۽ فراست سان آسان ڪري بيان ڪندي هئي. هن عالم خاتون وٽ شاهه لطيف جو مرتبو ۽ مان غالب، اقبال، شيڪسپيئر ۽ گوئٽي کان مٿانهون هو. سندس لکيل انيڪ مضمون شاهه لطيف تي مون پاڻ انگريزي اخبارن ۾ پڙهيا هئا ۽ سندس وڏو ڪارنامو ۽ تحفو، شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي. جنهن کي پهريائين ته هڪ زبان يعني انگريزيءَ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن 1992ع ڇپايو هو، پوءِ وري منهنجي ايامڪاري 2002ع ۾ ميڊم جي پُرزور اصرار تي مون پاڻ ان کي ايڊٽ ڪري انگريزي ۽ سنڌي ۾ آمهون سامهون مضمون رکي خوبصورت يادگارDeluxe وڏي ايڊيشن ۾ ڇپايو، جنهن لاءِ پاڻ ضعيف العمريءَ ۾ مون وٽ آفيس هلي آئي هئي ۽ چيو هئائين ته هي منهنجي آخري خواهش آهي ۽ توتي بحيثيت منهنجي شاگرد رشيد ۽ موجوده سيڪريٽري ڪلچر هجڻ جي ناتي هڪ اخلاقي فرض آهي ته هاڻي ان کي ديوان غالب ۽ ڪلياتِ اقبال جيان شايع ڪرائين.
انگريزي ترجمو ته موجود هو، پر ان جي سامهون سنڌي بيت ڳولهي رکڻ اهو ڏکيو ۽ تحقيق طلب ڪم هو، جيڪو بهرحال مون پاڻ بقلم خود هڪ ساٿي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قيوم لالائيءَ جي مدد سان نيٺ الحمدلله ڪري، ناتوان ميڊم جي اها خواهش پوري ڪري ڏيکاري. اسان وارو اهو يادگار ڊيلڪس ايڊيشن هاڻي بازار ۾ اڻ لڀ آهي. ڇاڪاڻ ته ان جا ڪيترائي نسخا ٻاهر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ سنڌي ڀائرن کي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA طرفان ڊاڪٽر اسد لاڙڪ خريد ڪري موڪليا هئا.
ڊاڪٽر اسد لاڙڪ به انگريزي ڊپارٽمينٽ جو هڪ پراڻو استاد آهي ۽ اهو اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو ۽ تقريبن ويهه پنجويهه سال آمريڪا ۽ جرمني ۾ رهي آيو آهي سندس هڪ Talented ڪزن ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ صاحب به سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق ڊين فيڪلٽي آف آرٽس رهيو آهي ۽ هو به ميڊم جو نهايت پيارو شاگرد ۽ ڊپارٽمينٽ جو پراڻو استاد ساٿي ۽ رفيق آهي. ڊاڪٽر ڪي. ايم لاڙڪ انگريزي ادب ۾ برنارڊشا تي پي ايڇ ڊي، ميڊم خميساڻيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي آهي ۽ هاڻي هُو به ڪراچيءَ ۾ مستقل ڪنهن خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو، اهڙا قابل ۽ اورچ استاد سڀ ميڊم خميساڻيءَ جي شاگرديءَ جي هام هڻن ٿا. باقي رهيو منهنجو ذڪر ته من آنم ڪ من دانم مان ڇا آهيان اها مون کي ئي خبر آهي. مطلب ته هيءُ فقير ڪنهن به ذڪر جي قابل هرگز نه آهي ۽ نه هو.
ها ميڊم جي هڪ ٻي استادانه ۽ شفيق حجت يا خواهش بلڪه آرزوءَ جو ذڪر به ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جو اظهار سال 1972ع ۾ ائين ٿيو، جڏهن مان ايم.اي فائنل ۾ هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ويٺو هئس ۽ پاڻ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن هئي. هڪ پٽيوالو چاچا عبدالله دروازي تي اچي بيٺو ۽ مون کي اشارو ڪري سڏيائين مون کي ٿوور اچرج ٿيو، ڇاڪاڻ ته اسان شاگردن لاءِ پٽيوالا به آفيسرن ۾ شمار ٿيندا هئا ۽ هُو اسان کي لفٽ ڪونه ڪرائيندا هئا. مان اکيون مهٽي وري ڏٺو ته هن جو اشارو ۽ آواز منهنجو نالو وٺي رهيو هو. ڄڻ ڪنهن وڏي عدالت جو سڏ هجي ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو حاضر ٿئي!
نيٺ هلندڙ ڪلاس مان اٿي پٽيوالي جي پويان روانو ٿيس، جنهن چيئرپرسن جي آفيسر جي دروازي تي اچي ڇڏيو اندر داخل ٿيس ته ميڊم خميساڻيءَ مشڪندي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڪجهه دير بعد جڏهن ساهه پٽيم ته پيار ۽ پاٻوهه مان مون کي چيائين ته مسٽر عمراڻي! مون کي خبر آهي ته توهان انگريزيءَ ۾ طبعزاد لکندا آهيو ۽ اوهان جي شاعري مون ڊپارٽمينٽ جي سالياني تحقيقي رسالي ايريئل ۾ پڙهي آهي. هاڻ وائيس چانسلر محترم حسن علي عبدالرحمان جو هڪ نادري حڪم هن خط ۾ آيو آهي ته انگريزي ڊپارٽمينٽ وارا رڳو پيا انگريزن جا لکيل ڊراما ۽ ناول پڙهائين. پنهنجو تخليقي ادب ڇو نٿا سرجين! اسان جي ڊپارٽمينٽ جي عزت جو سوال آهي ته اسان وائيس چانسلر صاحب کي هڪ عدد طبعزاد انگريزي ڊرامو لکي ڏيون. بلڪه ناٽڪ کي اسٽيج به ڪريون مون کي يقين آهي ته اوهان وٽ اهو فطري هنر آهي جو اوهان اهو ڊرامو هفتي اندر انگريزي زبان ۾ لکي ڏيکاريندا ۽ ان جي هفتي ۾ ريهرسل ڪري آرٽس فيڪلٽي آڊيٽوريم ۾ اسٽيج تي پيش ڪندا. هاڻي پندرهن ڏينهن لاءِ توهان ڪلاس ۾ بلڪل نه اچو ۽ توهان جي غير حاضري کي حاضريءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ اوهان جو فقط هڪ ئي ڪم آهي ته انگريزي ڊرامو لکو ۽ موزون اداڪار ڳولهي ريهرسل ڪري انهن کي اسٽيج تي پيش ڪريو ته جيئن ڊپارٽمينٽ جي ناماچاري ٿي سگهي.
اهو حڪم ٻڌندي ئي منهنجي هٿن مان اڻ ڏٺل طوطا اڏامي ويا ۽ مان لاجواب ٿي ويس ۽ اهو وقت ياد ڪرڻ لڳس، جڏهن هڪ ڏينهن ماضي قريب ۾ هڪ انگريزي مباحثي ۾ اڳوڻي چيئرمين پروفيسر جليل الدين احمد صاحب منهنجو زوريءَ اوچتو نالو پنج منٽ اڳ ڏنو هو ۽ جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان ڏڪندڙ ٽنگن سان اسٽيج تي چڙهڻ بدران ٻاهر بيٺل بس ۾ ٽپ ڏئي چڙهي يڪدم حيدرآباد جو رخ رکيو هو ۽ آخر تائين منهنجي ڪنن ۾ منهنجو نالو اعلان ڪندڙ جو گونجندڙ آواز ٻُرندو رهيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه شرمندگي ٿي هئي اصل ۾ ڏوهه منهنجو گهٽ ۽ پروفيسر جليل جو وڌيڪ هو، ڇاڪاڻ ته هن جو اعتماد ڪجهه سرس هئو هو مون کي هر فن مولا سمجهي چئي رهيو هو ته بيٽا چڙهه جا سولي پر، رام ڀلي ڪريگا.
ميڊم کلي چيو ته ”مسٽر عمراڻي پراڻيون ڳالهيون وساريو، ڇاڪاڻ ته اهو اعلان ته اوچتو هو، هاڻي توهان کي پورا پندرهن ڏينهن پيا ڏيون. مهرباني ڪري اهو ڪم قبول ڪري، ها ڪريو ته جيئن وي سيءَ کي ڏيکاريون ته اسان وٽ به ڪهڙا هر فن مولا ويٺا آهن.“
مون چيو، “بسم الله”