منهنجي امڙ
منهنجي ماءُ جي 19 ورهين جي عمر ۾ شادي، منهنجي والد علي بخش سان ٿي، جو ڪلريءَ جو رهاڪو ۽ سندس مائٽ پڻ هو. هو کانئس 14 ورهيه عمر ۾ به وڏو هو. هو جهوناڳڙهه مان تعليم پرائي، روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. سندس وڏا پڻ چڱا عالم فاضل ليکيا ويندا هئا. والد صاحب جي نوڪرين جي سلسلي سان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جتي به بدلي ٿيندي هئي، منهنجي امڙ به ساڻس گڏ ويندي هئي.
امڙ جي واتان هيءَ دلچسپ ڳالهه ذڪر ڪرڻ موذون سمجهان ٿي. امڙ ٻڌايو ته ”مان اڃا 12 ڏينهن جي ڄاول مس هئس ته بابا جي بدلي مٺي ٿرپارڪر ٿي وئي. اوڏانهن وڃڻ لازمي سمجهي، امڙ مٺيءَ ڏانهن رواني ٿي. قدرت اهڙي ٿي جو ٽاڪ منجهند جو گاڏي خراب ٿي وئي ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ مٺيءَ جي تتل وارياسي ريلوي ٽريڪ تي گذارڻو پيو. گرميءَ جي ڪري مون دانهون ڪوڪون پئي ڪيون. آخر سفر پورو ڪري بنگلي تي آياسين ته مون کي پيٽ جي سخت تڪليف ٿي پئي. ڪنهن ڏاهيءَ امڙ کي ڏس ڏنو ته بادامين جا گورا، گگر ۽ مصري وٺي، گهوٽي مون کي پياريو وڃي. ائين ڪرڻ سان مان ٺيڪ ٿي ويس. منهنجي جان امڙ جي اڻ ٿڪ محنت سان بچي وئي، پر هاضمي جي ڪمزوري اڃا هلندي اچي ۽ اڪثر پرهيزي کاڌو کائيندي آهيان.
1928ع ۾ والد صاحب جي بدلي ڪراچيءَ ۾ ٿي. انهيءَ عرصي کان پوءِ اسان کي مسلسل ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو. ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ اسان کي داخلا وٺائي وئي. اسان ڇوڪرين کي انڊين گرلس اسڪول ۾ موڪليو ويو، جتي صبح سان اسيمبليءَ ۾ ”بندي ماترم“ ۽ ”جن گن ادي نايق“ ڳايا ويندا هئا. امڙ کي اهو اسڪول صحيح ڏسڻ جو موقعو آيو. ڪراچيءَ ۾ اچي سندس اٿڻي ويهڻي انگريزي، پارسي ۽ ٻين مسلمان وڏن وڏن آفيسرن سان ٿي ۽ سندس پوشاڪ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ گهڻو فرق اچي ويو. پاڻ ڪوشش ڪري، اسان کي سينٽ جوزف اسڪول ۾ داخلا وٺائي ڏني. انهن تبديلين جي ڪري اسان جي انگريزيءَ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. امڙ کي اهو شوق ٿيو ته پاڻ اسان کان انگريزي پڙهڻ لڳي. قرآن شريف ۽ سنڌيءَ ۾ اڳ ئي ماهر هئي جو سندس ڀيڻ عائشه جنهن کي سڄو ڳوٺ جيجي عائشه چوندو هو، انهيءَ جي مڪتب ۽ اسڪول ۾پڙهي هئي.
امڙ جي مرضي مطابق مئٽرڪ پاس ڪري، مان ڪئنرڊ ڪاليج لاهور جي ڊگري حاصل ڪري واپس ڪراچيءَ آيس.
شاديءَ کان پوءِ امڙ جي همت ۽ مدد سان مون انگريزي ادب ۾ ايم.اي پاس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچراريءَ جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ برٽش ڪائونسل جي اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي وڃڻ ٿيو، جتان ٽن مهينن جو ڪورس ڪري وطن واپس آيس. اهو سڀ انهيءَ ڪري، ڪري سگهيس جو امڙ منهنجا ٽي ٻار ۽ منهنجو گهر سنڀاليو. مطلب ته يونيورسٽيءَ واري دور ۾ جڏهن ضرورت پوندي هئي ته امڙ پنهنجو گهر ڪراچيءَ ۾ ڇڏي، منهنجا ٻار ۽ منهنجو گهر سنڀاليندي هئي. سندس مدد ۽ نگرانيءَ جي ڪري مان هڪ ڪامياب يونيورسٽي پروفيسر ٿي سگهيس ۽ منهنجو اولاد به سٺي تعليم حاصل ڪري سگهيو. منهنجو پٽ رياض PIA ۾ فلائيٽ انجنيئر آهي. ٻيو نمبر طارق برٽش پيٽروليم (British Petroleum ) جو پريزيڊنٽ آهي ۽ منهنجي نياڻي ياسمين آمريڪا ۾ دل جي علاج جي ڊاڪٽر (Cardiologist) آهي.
امڙ جي مدد سان گڏ، منهنجي همسفر غلام محمد خميساڻيءَ جي محبت ۽ اولاد جي بهتريءَ کي مان وساري نه ٿي سگهان. انهن ٻنهي هستين جي نهايت شڪرگذار آهيان. انهن ٻنهي هستين جي مدد ۽ همت افزائيءَ ۽ پيار اسان جي زندگيءَ ۾ڦيرو آندو.