شاھ لطيف جي شاعري: ڪثير معيارن جي اڻت
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳهه ان جي.
جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته شاھ لطيف بنيادي طور ھڪ روحاني شاعر، بزرگ ۽ صوفي آھي. جيتري قدر ھن جي خيال، تخيلي ادراڪ (vision)، تشبيھن ۽ استعارن جي استعمالي قوت (imagery)۽ ٻولي تي مڪمل عبور ھئڻ جي ڳالهه آھي ته ھو اعليٰ پائي جو شاعر آھي. سڀ کان وڌ ته ڪي ٿورا ئي ھن جي غنايت يا نغگمي کان مٿي ھوندا، جنھن جو ثبوت ھن جي شاعري کي ڳائيندڙ گائڪن جي مقبوليت آھي، جيڪي ان ذميواري کي ڪاميابي سان پورو ڪن ٿا ۽ نه صرف سنڌ ۾ پر دنيا جي ھر حصي ۾، جتي به ھو پنھنجي گائڪي پيش ڪن ٿا، اتي ٻڌندڙن پاران زبردست داد ۽ تحسين وصولين ٿا.
خاص طور تي لطيف سائين جي رسالي ۾ اھڙا شعر آھن، جيڪي خدا جي ذات ۾ غرق ڪنھن شخص جي سگھارين احساسن جو پاڻ ھڙتو اٿل آھن. ھي انھن وجد ۽ بود وارين گهڙين جو رڪارڊ آھي، جڏھن ھو خدائي قربت ۾ پاڻ کي ويجهو ڀانئي ٿو، يا نراسائي، پيڙا، ۽ سخت اداسيءَ جي گھڙين ۾ جڏھن ھو خدائي قربت کان محروم ٿيندو آھي. ذھن جي انھيءَ آخري حالت کي مغربي روحانيت پرستن ”روح جي اونداھي رات“ سڏيو آھي. ھن جو خدا سان، جيڪو سڀني سرن ۾ سندس معبود آھي، پيار ۽ تڙپ شديد آھي. ھو اسان کي ھن دنيا ۾ اچي رھڻ واري بنيادي مقصد جي يادگيري ڏياري ٿو ۽ پنھنجي خالق سان ناتن تي روشني وجهي ٿو. ھن جو پيغام اھو آھي، جيڪو قرآن پاڪ ۾ شامل آھي.
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلاسين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين
ايڇ ٽي سورلي پنھنجي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾ لکي ٿو: ”ھن جي شاعري روحاني ۽ صوفي شڪل ۾ اسلامي سکيا جو اتساهيندڙ پيغام آھي.“
عظيم استاد جو پيغام رب جي ڳولا ۽ جستجو هوندو آھي، پر اعليٰ درجي جو شاعر ھوندي، ھو اھم سچائين کي تمثيلن ۽ اھڃاڻن وسيلي اظھاري ٿو، ڇو ته عام اڳيان انھن کي سڌي نموني پيش نٿو ڪري سگھجي، جيڪي نڪي سمجھي سگھن ھا ۽ نه ئي مناسب ردعمل ڏئي سگھن ھا. وڌيڪ ته مبلغ ۽ شاعر ۾ فرق اھو آھي ته ھڪ سڌو سنئون چئي ڏئي ٿو، جيڪو کيس چوڻو ھوندو آھي، پر شاعر ڪلام، لفظن ۽ ھيئت تي مشتمل خوبصورتي وسيلي پنھنجو سچ تجويز ڪري ٿو. ان مقصد واسطي ھو لوڪ ڪھاڻين کي عام ماڻھو جي روزاني زندگي مان ورتل اھڃاڻن ۽ تمثيلن طور گهڻو استعمال ڪري ٿو.
اھو چوڻ ته لطيف جي شاعري رڳو سنڌ تائين محدود آھي، انتھائي غلط ۽ اڻڄاڻائي وارو رايو آھي. ڇا خدا لاءِ پيار ۽ سڪ رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ لطيف مذھب جي رسمي ڳالھين جي انڌي تقليد بجاءِ درست عملن تي زور ڏئي ٿو. ڇا اھو رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ اعليٰ زندگي ڏانھن ڏاڪي به ڏاڪي وڌڻ جي لاءِ ڪوشش ۽ جدوجھد ڪرڻ، پاڻ ۾ خدائي خاصيتون پيدا ڪرڻ، جامع شخصيت جو مقصد رکڻ، ڇا اھي سڀ خاصيتون سنڌ تائين محدود آھن؟ ڇا عالمي ڀائپي، انسانذات لاءِ پيار ۽ ڳڻتي، غريبن سان ھمدردي ۽ سنڀال، انھن جي حالتن جي سڌاري لاءِ طور طريقا اختيار ڪرڻ، سخاوت، صبر ۽ خدائي قانون جي آڏو سر جھڪائڻ جھڙين خاصيتن کي پيدا ڪرڻ رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ جيڪر ائين آھي ته پوءِ سنڌ ته دنيا جو ڪو پسنديده علائقو ھوندو، ڇو ته لطيف جو تمثيلون اھڙيون ئي آھن.
خدا سان پيار جو اعليٰ اظھار، انسانذات جي ڳڻتي ۽ خدمت آھي. صوفي ۽ ساڳئي وقت ھڪ شاعر ھوندي، لطيف جيڪو ڏٺو ٿي، تنھن تي وٽس احساساتي ردعمل ھو. ھن وٽ تيز فھم ۽ مشاھدو ڪندڙ اک ھئي، جنھن ھن کي پنھنجي آسپاس ۾ موجود گوناگون انسانذات کان لاتعلق نٿي ڪيو. ھو عام ماڻھن جو شاعر ھو، جيڪي ملڪ ۾گھڻائي ۾ ھئا. ھن جو پيغام انھيءَ اڪثريت تائين پھچائڻو ھو، جنھن جي لاءِ ھن وٽ تمام گھڻي ھمدردي ۽ اون ھئي. ھو انھن جي ڏکيائين، انھن جي غربت، انھن جي ابتر حالتن ۽ انھن جي تڪليفن کان لاتعلق نٿي رھي سگھيو. اسان ماڻھن جي سماجي زندگي، بشمول سندن ايمان، وھمن، انھن جي ريتن ۽ رواجن، انھن جي خوشين ۽ غمين، خواھشن، سندن کاڌ پيت ۽ روزانو جي زندگي متعلق ڪافي سکون ٿا. ھو خاص طور تي بيواھن ۽ غريب عورتن جي حالتن تي ڳاراڻي ۾ ورتل آھي. سر سامونڊي ۾ ھي تمثيلي طور ھن ڌرتي تي ماڻھو جي زندگي کي ناکئي (sailor) جي زندگي سان ڀيٽي ٿو.
سامونڊي سفر جي نتيجي ۾ ناکئي کي جيڪي خطرا ۽ نقصان درپيش اچن ٿا، تن کي تفصيل سان بيان ڪري، پوءِ ھن غريب ناکئي جي گھر ڌياڻي ڏي وري ٿو، جنھن جو ور کانئس ھڪ وڏي عرصي کان پري آھي ۽ سندس ڪو ٻيو واھي ڪونھي. ھو چوي ٿي:
اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا،
منهن ڏئي مون آيا، سمهان سيارا،
نڪرن شوڪارا، پسئو وَرَ ٻين جا.
سر سارنگ ۾ اسان وري غريب، ھيڪلين ۽ بي وس عورتن جي تڪليفن ڀري زندگي لاءِ لطيف جي ھمدردي ۽ ڳاراڻي واري ھڪ ٻئي مثال سان ملون ٿا. ھو وسڪاري جي قدرتي تياري جي منظر ڪشي کان شروع ٿئي ٿو، کنوڻن جي چڪماٽن، ڪڪرن جي مختلف رنگن جھڙي شڪلين ۾ جڙڻ، ۽ ٿڌڙي ھير لڳڻ کي بيان ڪري ٿو. مينھن جو پوڻ خدا جي ھر جاءِ موجودگي، ۽ ان جي رحم ۽ سخاوت جي يادگيري ڏياري ٿو. سڀ خوش آھن، ڇو ته انھي وسڪاري سان آسودگي ۽ ٿڌڙي ھير اچي ٿي، پر ھن غريب عورت لاءِ ڇا ڪجي؟
اوڇڻ گهرجي آجڪو، جهوپو سهي نه سيءُ،
سڻائـــج سُـــوَڙَ کي، حال منهنجــي هـــــيءُ،
اڱڻ آيو ٿــــــيءُ، ته ڍوليا! ڪنهن ڍنــــگ ٿيان.
مارئي وڌيل انساني خودي جي تمثيل آھي، جيڪو پنھنجي اعليٰ زندگي جي ادم ۾، ھر لالچ ۽ لوڀ سان مھاڏو اٽڪائي ٿو، جيڪي کيس سامھون اچن ٿيون ۽ ھو نيٺ انعام پائي ٿو. لوڪ ڪھاڻين جو استعمال ڪندي، ٿر جي ماڻھن جي تڪليفن کي ھيٺين لفظن ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪي ھو مارئي واتان چورائي ٿو:
ٿانوَرَ اُٿي پَسُ، ڏيهه کنودي وڄڙي،
مَنُ کُلي باغ ٿيو، هينئڙي لَٿي ڪَسُ،
تَني ڪارڻ وَسُ، جن وَرَ مٽائي ڀائرَ ڪِئا.
لطيف جو بزرگانه ۽ حساس روح، جڏھن ھو انسانذات، خاص ڪري غريبن جي اھنجن ۽ آزارن کي ڏسي ٿو ته ڪنبي وڃي ٿو. اھڙن منظرن جي نتيجي ۾ ھو ھنن دل ڀڄائيندڙ سٽن کي سرجي ٿو:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻها،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
سخت غربت ۽ بيوسي جي حالتن جي مقابلي ۾ وري سر مومل راڻي ۾، جيڪي ماڻھو جي پنھنجي غلطي جي ڪري خدائي رحمت مان نڪرڻ جي تمثيل آھي، دولت ۽ خوشحالي جا ڀڀڪيدار منظر آھن:
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش،
پسيو سونهن سيد چئي نينهن اچن نيش.
مومل ۽ ان جي ڀينرن جو پاڻ کي سينگارڻ، سنوارڻ ۽ لباس پائڻ وارو فن، اسان جي جديد عورتن جي شادي جي تقريب ۾ تياري ڪرڻ وانگيان آھي:
جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سايون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چَندن،
سُنهنِ رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪئائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪيس من، ته سوڍي سين سنڱ ٿيو.
فضول خرچ ۽ اجائي ٺٺ ٺانگر جي مظاھري جو ھيٺين سٽن ۾ بيان ڪيو ويو آھي:
سون ورنيون سوڍيون، روپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن،
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيليون ٻڌيون، پسيو سونهن سڙن.
ضروري نه آھي ته ”انسانيت جي اڃان توڻي درد ڀري موسيقي“ ھميشه سخت يا اڻ وڻندڙ ھئڻ گھرجي، ڇوته ان وٽ مات ڪرڻ ۽ سڌارڻ جي چڱي سگهه آھي. لطيف اميد جو شاعر آھي، سر نوري ۽ بلاول سماجي نظام، مساواتي نظام، ڏانھن اشارو ڪن ٿا. ھي سورن ۾ ورتل انسانذات جي لاءِ عالمي ڀائپي، برابري، مساوات، سھپ جي جذبي، ذھني ڪشادگي، بغير ڪنھن سماجي حيثيت جي سنڌي رکڻ جي پنھنجي ماڻھن لاءِ بي لوث خدمت ۽ پيار جو احساس، جيئن سر نوري ۾ اھڃاڻي طور پيش ٿيو آھي، اسلامي قدر پيدا ڪرڻ وارو ترياق لھي ٿو. اھڙي سڌاري آڻڻ جي ھڪ ٻئي طريقي ۾، لطيف ھڪ آدرشي حاڪم جي ساراهه ڪري تجويز ڪري ٿو، جيڪو ڪھل، انساني ٽھل ٽڪور، سخاوت جو مجسم نمونو آھي، ۽ ھو آسوندن جي سڏ کي فوري طور اونائي ٿو. ھو پنھنجي غريب رعايا تي ڪو محصول يا ٽيڪس نٿو مڙھي. ڪافي جاين تي غريبن لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آھي. اھڙي حاڪم جا ڪافي نالا آھن. ھي جادم جکرو، ابڙو، سمو ۽ راءِ راھو آھي، جيڪو پنھنجي رعايا سان ڏي وٺ ڪندي، اسانجي نبي سڳوري حضرت محمد صلعم جي پوئيواري ٿو ڪري.
ابڙو اگهامن ۾، ڀرجهلو ڀاري،
سمي سوالين کي، ويل نه وساري.
اھڙي حاڪم جي ھڪ ٻي خصوصيت ھر ھڪ، ننڍي وڏي، بشمول غريب غربي کي آزاد ۽ دل گھري نموني ٻڌڻ به آھي، جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو:
هٿان جادم جکري، وٿي پوءِ مَ وِچَ،
اچو آيا نچ، سمين وائي وات ۾.
شاھ لطيف جي شاعري متعلق ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو. ”ھن جيڪا شاعري لکي آھي، سا ان لائق آھي ته عوام جي گھڻائي وٽ پھچي، پر اھا اڃان ايتري پيماني تي انھن کي پاڻ ڏي ڇڪي نه سگھي آھي“، ڇاڪاڻ ته ھو ماڻھو جي زندگي جي اخلاقي ۽ روحاني پھلوئن تي ويچاري ٿو. ان کان علاوه، سڄو رسالو فطرت لاءِ احساس سان ڀريل آھي، بيتن ۾ صحرائن ۽ پھاڙين، سمنڊن ۽ دريائن، ٻيلن ۽ پوٺن، ڀنڀرڪي ۽ سج، چنڊ ۽ ستارن، بھار جي گلن، وسڪاري، ڪڪرن، طوفانن، اٺن ۽ ڪانگن، ڪونج ۽ ھنج، وڻن ٽڻن ۽ جانورن واري زندگي جو ڀرپور ذڪر آھي. سڀ کان وڌ ته، ان ۾ پراچين وقت جي دانائي جو آواز ٻُري رھيو آھي.
(مترجم: محمد حبيب سنائي)