پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو
“اِقرَا بِاسمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ”
(پڙهه پنهنجي خالقڻهار جي نالي سان)
اهڙي ريت هر مسلمان مرد توڙي عورت جو اهو اولين فرض آهي ته علم حاصل ڪري. ان ڳالهه کي وڌيڪ هيٺين حديثن ۾ واضح ڪيو ويو آهي.
“اطلبوا العلم من المهد إلي اللحد”
(پينگهي کان قبر تائين علم پرايو)
“طلب العلم فريضة على کل مسلم و مسلمة”
(علم پرائڻ هر مسلم مرد توڙي عورت لاءِ فرض ٺهرايو ويو آهي.)
قرآن پاڪ ۽ حديث، رنگ، مذهب، فرقي، مرتبي ياسماجي حيثيت جي ويڇن کي پري رکي علم حاصل ڪرڻ واسطي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ان کي جمهوري بنائي ڇڏيو آهي.
تعليم هڪ مسلسل، تخليقي، هڪ ٻئي تي اثر ڪندڙ ۽ هيڪڙائي آڻڻ وارو عمل آهي، جيڪو زندگيءَ جي معاملن جي صحيح پرک ۽ شناس پيدا ڪري ٿو، ۽ زندگيءَ جي صحيح قدرن کان آگاهه ڪري ٿو. تعليم اسان کي پنهنجي ماحول کي سمجهڻ جي لائق بنائي ٿي. ۽ اسين ان وسيع ڪائنات جي طرز عمل تي ٿورو گهڻو غور ڪري سگهون ٿا، جنهن جو اسين بلڪل ننڍو حصو آهيون.
تعليم ان بنيادي مهارت جي ڄاڻ جو عمل آهي. جنهن جي طفيل اسين هادي کي هڪ صورت مان ٻي صورت ۾ بدلائي پنهنجيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهون ٿا. تعليم فني مهارت ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ اهڙي ريت اسان جي رهنمائي ڪري ٿي جو اسان اقتصادي طور پاڻ ڀرا ٿي سماج جا ڪارآماد فرد بڻجي سگهون ٿا. اها نه رڳو سائنسي، صنعتي ۽ فني ترقيءَ ڏانهن گامزن ڪري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ اسان ۾ روحاني ۽ اخلاقي اتساهه پڻ پيدا ڪري ٿي، جنهن کانسواءِ جيڪر اسان جي سموري فني ۽ سائنسي ترقي بي معنيٰ ٿي پوي. تعليم هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو اسان کي اونداهي کان روشنيءَ ڏانهن، افراتفري کان ترتيب ڏانهن ۽ سماجي نابرابري سماجي انصاف ڏانهن رجوع ڪري ٿو. صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ “تعليم پوري تهذيبي زندگيءَ جو جوهر آهي.”
اسان جي زندگيءَ ۾ تعليم کي جيڪا اهميت آهي ان کي ڏسندي موجوده عوامي گورنمينٽ پهريون قدم اهو کنيو آهي ته اسان جي سماجي ڍانچي توڙي رخ ۾ انقلابي تبديلين پيدا ڪرڻ لاءِ تعليمي اصلاحات کي عمل ۾ آڻي رهي آهي. تعليم کي قومي ارتقا لاءِ موثر ۽ عام ڪرڻ جي خيال کان تعليم کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ پرائمري سطح تي ان کي مفت ۽ لازمي بنايو آهي.
اسان جي عوام ۾ وسيع پئماني تي سجاڳي اچي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پاڪستان جون عورتون پڻ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو وقار بلند رکي قوم کي نئين سر سنوارڻ جي عظيم ڪم ۾ اهم حصو وٺي رهيون آهن. 1959ع جي تعليمي ڪميشن اها ڳالهه مڃي آهي ته اسان جي عورتن قومي توڙي عالمي زندگيءَ جي اعليٰ سطحن تي قابل رشڪ مرتبو حاصل ڪيو آهي. ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهو بيحد ضروري آهي ته سندن جانثاري ۽ سرگرمي کي اهڙي راهه تي لڳايو وڃي، جتي اهي بيحد مفيد ثابت ٿي سگهن. ڏٺو وڃي ته اسان جي اڳيان سڀ کان مکيه ڪم پاڪستان جي تعليمي ترقي آهي. اهو ضروري آهي ته مرد توڙي عورتون ان مان برابر فائدو حاصل ڪن ۽ ان ڏس ۾ پنهجو ڀرپور حصو ادا ڪن. اڄ اها ڳالهه اسان تي بلڪل واضح ٿي چڪي آهي ته ڪنهن قوم يا ملڪ جي لاءِ تيستائين صحيح معنيٰ ۾ ترقي ناممڪن آهي جيستائين ان جون عورتون خود تعليم يافته نه هجن ۽ هو تعليم جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ادا نه ڪن. روس، چين ۽ ترڪيءَ جي موجوده دور جي وڏن مفڪرن اهو محسوس ڪيو آهي ته عوام جي اڪثريت کي ايستائين سڌارڻ ناممڪن آهي، جيستائين ان جي اڌ جيتري حصي کي جهالت جي ديوارن پٺيان بند رکيو ويندو. انهن ملڪن نهايت سخت مخالفت جي باوجود عورتن جي لاءِ زبردست اصلاحات عمل ۾ آندا ۽ پنهنجي سڄي متواتر سماجي جوڙجڪ کي نهايت تيز ۽ مثالي ترقي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪنه آهي ته مسلمانن جي لاءِ عورتن جي تعليم کي اهميت ڏيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.
اسان جي سونهري دور ۾ باڪمال عورتون ٿي گذريون آهن. ڪيتريون عورتون مشهور شاعر، نامور موسيقار، خطيب ۽ عالم هيون. جيڪي هر موضوع جهڙوڪ تاريخ، ادب، فقھ ۽ حديث تي عالمانه تقريرون ڪري سگهنديون هيون. هو جيتريون حسن ۽ عقل مند هيون اوتريون بهادر هيون. هو جنگ جي ميدان ۾ عورتن جي مهندار ي ڪنديون هيون، يا جڏهن سندن مرد ميدان جنگ ۾ ويندا هئا ته هو شهري قلعي جو بچاءُ ڪنديون هيون. پنهنجن انهن گوناگون خوبين جي ڪري هو ڏسندڙن جو ڌيان ڇڪائينديون هيون. سندن اهڙي رتبي ۽ آزاديءَ جي باوجود هو پنهنجي طور طريقي ۽ لباس ۾ مردن جي تقالي ڪرڻ بدران وڌيڪ باحيا ۽ نيڪ سيرت هيون ڇاڪاڻ انهن اها ڳالهه محسوس ٿي ڪئي ته اهي خوبيون سندن ذات جو صحيح زيب هيون،جنهن جي طفيل هو هر هنڌ عزت ۽ مان حاصل ڪنديون هيون. ماضي جي روايتن ۽ وقت جي تقاضائن پٽاندر پاڪستان جي عورتن پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾ پنهنجو عملي ڪردار بخوبي ادا ڪيو آهي. پڙهيل ڪڙهيل عورتن جي تعداد ۾ هر سال قابل ذڪر واڌارو ايندو نظر ٿو اچي. جيتوڻيڪ اهو لازمي نه آهي ته سموريون تعليم يافته عورتون ڪو پيشو اختيار ڪن. تڏهن به صرف سندن پڙهيل هجڻ ئي وڏي اهميت رکي ٿو. اهو چيو ويندو آهي ته هڪ عورت کي تعليم ڏيارڻ سان اسين پوري قوم کي تعليم ٿا ڏيون. نيپولين جو چوڻ آهي ته “مونکي هڪ تعليم يافته ماءُ ڏيو ته مان توهان کي هڪ تعليم يافته قوم ٺاهي ڏيکاريندس. “اها ماءُ جي هنج ئي آهي جيڪا ٻار جي مستقبل کي سنواري يا بگاڙي ٿي. ماءُ جي هنج ٻار جو پهريون ڪتاب آهي. ٻار هڪ اهڙو حساس دور آهي جنهن ۾ ٻار هر خيال کي ذهن نشين ڪندو ۽ اهو ئي دور آهي جنهن ۾ ماءُ ٻار جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرائمريءَ کان اڳ واري تعليم در اصل پوءِ جي تعليمي ترقيءَ جو ضد آهي. هن دور ۾ ئي ٻار جي وسيع لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. “اهو ئي سبب آهي جو ٻار جي تعليم سندس ڄمڻ سان گڏ شروع ٿئي ٿي“ واري فلسفي جنم ورتو. هڪ تعليم يافته ماءُ تعليم يافته گهر ۽ تعليم يافته قوم کي پيدا ڪري ٿي. پڙهيل عورتون گهر ۾ ٻار جي ڄمڻ ۽ نپائڻ کان وٺي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻالڪپڻي وارن شروعاتي سالن ۾ ٻار جي ترقيءَ ۽ سنڀال ۾ وڏو اهم حصو وٺن ٿيون. قوم جي تشڪيل قوم جي تعليمي نظام تي منحصر آهي. ڪنهن ملڪ جي بقاءُ يا سندس مستقبل جي تشڪيل جو دارومدار ان تعليمي ڍانچي تي آهي جنهن تحت مستقبل جي شهرين کي تربيت ڏني وڃي ٿي، اهڙي ريت عورتون قوم جي ترقيءَ يا منزل جون سڌي يا اڻ سڌي طرح ذميوار آهن. ٻار کي شروعاتي تربيت ڏيندڙ جي حيثيت سان، عورتون مستقبل جي نسل جي تعمير جو حيرت انگيز ڪارنامو سر انجام ڏين ٿيون. انهيءَ ڪم ۾ قوم ۽ انسانيت جي بي غرض جان نثار سچي ۽ پروقار خدمت جو صحيح روح سمايل آهي. اها عورت ئي آهي جيڪا ٻار کي پاڪيزگي، سچائي، ايمانداري ۽ سهڪار جا اعليٰ قدر ذهن نشين ڪرائي ٿي ۽ ان سان گڏ نه رڳو پنهنجو پاڻ کي، پر قوم کي سڌارڻ جو اتساهه پڻ جاڳائي ٿي.
پاڪستان جي عورتن جو قوم ڏانهن اهو بهترين فرض آهي جيڪو کين پورو ڪرڻو آهي، سندن ٻيو فرض اهو آهي ته هو اسڪول ۾ گهري دلچسپي وٺن. عورتن کي مائٽ، استاد، انجمن، اسڪول صلاح ڪار ڪاميٽيءَ ۾ حصو وٺڻ گهرجي. ان کان علاوه کين اسڪول جي ڪم جي وراڻي گهر ۾ ڪرڻ کپي. جيئن ته اسان جي تعليمي توڙي قومي مسئلن جو قطعي حل ”سوچ ۽ فڪر جي اندر” ۾ انقلابي تبديلين پيدا ڪرڻ ۾ موجود آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته مائرون ۽ تعليمي ادارا هڪ ٻئي جي تعاون سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عورتون ٻار جي ڪردار جي ترقيءَ ۽ سندس زندگيءَ جي شروعاتي سالن دوران صلاحيتن کي اڀارڻ جي لاءِ پرائمري تعليم ۾ اهم حصو وٺي سگهن ٿيون، موجوده وقت ۾ اعليٰ ترقي جا تعليمي ادارا پرائمري سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڙهائڻ جي لاءِ عورت استادن کي مقرر ڪن ٿا، جيئن وڌيڪ ماسترياڻيون مهيا ٿينديون وينديون تيئن پرائمري ۾ گڏيل تعليم وڌندي ويندي ۽ جلد ئي سمورن اسڪولن ۾ اوائلي ٽن ڪلاسن تائين ٻارن کي پڙهائڻ جي ذميواري عورتون پاڻ تي رکنديون. تازو عورتن هوم اڪنامڪس جي سائنس، جيڪا ڇوڪرين توڙي عورتن جي تعليم ۾ خصوصي اهميت رکي ٿي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ خاصو پاڻ ملهايو آهي. علم جي هيءَ ڄاڻ، هنر ۽ سوچ جو نئون انداز مهيا ڪري کين ڪامياب زالن۽ مائرن بڻجڻ لائق بنائيندي ۽ کين پنهنجي توڙي ڪٽب جي صحت، خوشحالي ۽ عام ڀلائي مهيا ڪري ڏيندي. ان کان سواءِ هي مضمون عورتن جي ذريعي معاش لاءِ کين ڪم ۽ پيشي جا ڪيترائي موقعا ميسر ڪري ڏئي ٿو. هو ٻارن جي ڀلائي جون اسپتال، اسڪولن ۽ ٻين وڏن تنظمين ۾ ملندڙ موافق، صحتمند ۽ قوت بخش غذا جون ماهر، ڳوٺ سڌار پروگرام جون ڪارڪن ڳوٺ سڌار پروگرام ۾سپروائيزر،عورتن جي هاسٽلن جون منتظم، نرسري اسڪولن جون سپروائيزر ٿيڻ کانسواءِ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي خانگي صنعتي ادارن ۾ پڻ نوڪريءَ جون مستحق ٿي سگهن ٿيون. هوم اڪنامڪس جي اصليت کي چڱي طرح سمجهڻ کانپوءِ ان کي وڌ کان وڌ شاگردياڻيون پڙهي رهيون آهن. ان ڪري نه رڳو ثانوي سطح تي، پر اعليٰ سطح تي وڌ کان وڌ هوم اڪنامڪس جي استادن جي ضرورت آهي. اعليٰ سطح تي ان مضمون جي خصوصي شاخن کي اڀياس ڪرڻ جا موقعا پڻ ملندا. انهيءَ ڏس ۾ ڪراچي جو “ڪاليج آف هوم اڪنامڪس” ۽ “گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد” جو هوم اڪنامڪس ڊپارٽمينٽ قابل قدر ڪم ڪري رهيا آهن. اها اميد آهي ته جلدي ملڪ جي مختلف حصن ۾ “هوم اڪنامڪس پوسٽ گريجوئيٽس اسٽڊيز” ۽ ريسرچ سينٽر پڻ کوليا ويندا. جيئن ته هيستيائين عورتن جي پيشور تعليم رڳو پڙهائڻ ۽ ڊاڪٽريءَ جي پيشي تائين محدود رهي آهي. هاڻي عورتن ۾ مردن سان برابري جي بنياد تي جن پيشن جهروڪ؛ قانون، نرسنگ، واپار، انجنيئرنگ، فن تعمير ۽ ٻين پيشن ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش گهڻي وڌي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته سندن هن علمي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ کين مطلوب موقعا مهيا ڪري ڏنا ويندا. موسيقي، فن ۽ حرفت وغيره اڄ ڪالهه اسان جي اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري رهيا آهن. اهي مضمون فرد جي تخليقي اظهار جو سبب آهن، اهي مضمون زندگيءَ ۾ توازن، هم آهنگي، خود اقتصادي ۽ انفراديت پيدا ڪن ٿا، ۽ معياري ۽ دستڪاري جي صحيح قدرن جي پرک ڏين ٿا. اهي مضمون پاڪستان جي مستقبل ۾ حقيقي طور اهم ڪردار ادا ڪندا، ڇو ته اهي ئي قوم لاءِ صحتمند وندر مهيا ڪن ٿا. ان کانسواءِ اهي مضمون عورتن جي تعليمي تجربن جو مک جز آهن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان عورتن ۾ بيحد دلچسپي ۽ صلاحيت آهي. اهو بيحد ضروري آهي ته ملڪ جي وسيلن جي تناسب سان فن ۽ حرفت جا وڌ کان وڌ شعبا کوليا وڃن. ۽ انهن ۾ محقق استاد مهيا ڪيا وڃن. پنجاب جي يونيورسٽي فن لطف ۾ ايم.اي جي ڊگري ڏيندي آهي، ۽ اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي پڻ فن لطف جو شعبو کوليو آهي. عورتون تعليم کي وڌائڻ ۾ وڏو حصو ادا ڪري سگهن ٿيون. اڻ پڙهيل عورتن جو تعداد اڻ پڙهيل مردن کان گهڻو وڌيڪ آهي، ان ڪري اهڙين پڙهيل عورتن جي اڳتي وڌي اچڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي قومي تعليم جي هن عظيم ڪم کي سرانجام ڏيئي سگهن.
سرڪار، تعليم جي زوردار مهم هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، ان صورت ۾ عورتن کي به ان ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙي مهم کان اڳ اسان جون تعليم يافته عورتون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ پيشي جون جوابداريون سرانجام ڏيڻ کانسواءِ رڳو ٽن عورتن کي پڙهائڻ جي جوابداريءَ کڻن تڏهن به جيڪر ملڪ مان جهالت جو خاتمو ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان پاڪستان ۾ تعليم عام ڪرڻ واري مهم کي وڏي هٿي ملندي ۽ هن صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين اسين انهيءَ مهم ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، جيئن ته اسين پنهنجي قومي گهرجن مطابق پنهنجي تعليم نظام ۾ تبديلي آڻي رهيا آهيون، تڏهن اسان کي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتابن لکڻ جي ضرورت پوندي.
پرائمري سطح تي ٻارن لاءِ ڪتابن لکڻ جو ڪم عورتن کي سونپڻ گهرجي. ان جا سبب اڳ ۾ ڄاڻايا ويا آهن. اهي عورتون جيڪي مٿين ڪلاسن جي لاءِ ڪتاب لکي سگهن ٿيون، تن کي پڻ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾عورتون ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سال به سال عورتن جو تعداد پرائمري ثانوي، ڪاليج يونيورسٽي سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سيکارڻ ۾ وڌي رهيو آهي. هن وقت رڳو حيدرآباد ۽ خيرپور ريجن ۾ 1048 پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ 1915 ماسترياڻيون 73533 شاگردياڻين کي پڙهائي رهيون آهن. 71 مڊل اسڪول آهن، جن ۾ 15610 شاگردياڻين کي 699 ماسترياڻيون پڙهائن ٿيون. 42 هاءِ اسڪول آهن جن ۾ 14327 شاگردياڻين کي 875 ماسترياڻيون پڙهائين ٿيون. هن ريجن ۾ انٽرميڊيئٽ ڊگري ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ اٽڪل پنج هزار نينگريون پڙهن ٿيون، تربيت يافته ماسترياڻين جو تعداد به تيزي سان وڌي رهيو آهي. سال 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 234 عورتن بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن سال 17 عورتن ٽي. ڊي ۽ 26 عورتن ايم ايڊ ۽ ايترين ئي عورتن بي ايڊ ڪئي.
سال 1971ع ۾ 199 عورتن ايم اي جو امتحان ڏنو ۽ 1972ع 242 عورتون ايم اي جي امتحان ۾ ويٺيون آهن. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ 20 عورتون ليڪچرار، 8 ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيون آهن اهڙي طرح وڌ کان وڌ عورتون اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين ۾ خدمت سرانجام ڏيئي رهيون آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بنايو ويو آهي. سچ پچ ته اسان کي اسلام آباد يونيورسٽي جي وائي چانسلر ڊاڪٽر ڪنيز يوسف تي فخر آهي. اسان کي اها پڻ اميد آهي ته پاڪستان طرفان“نيشنل ڪائونسل فار ايڊيوڪيشن” ۾ عورتن کي پڻ کنيو ويندو. اها “اسٽينڊنگ ائڊوائزري باڊي” هر سطح جي تعليمي ماهرن تي مشتمل آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته قومي تعليم جي لاءِ بنيادي اصول ٺاهيا وڃن، ترقيءَ جو اندازو لڳايو وڃي، تحقيقات ڪئي وڃي ۽ نون طريقن ۽ وسيلن کي عمل ۾ آندو وڃي.
(هفتيوار مارئي. حيدرآباد، جنوري، 1973ع تان ورتل)