برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اُجاريو
هوءِ جي سور سڄن، سي مون پينگهي منجهه پرائيا،
سانڍياس سکن، سورن ڪارڻ سرتيون.
اسان سڀني ان قصي کي پنهنجي ليکي پڙهيو آهي، پر ان کي گڏجي ٿا ساريون ته جيئن موقعي جي مناسبت سان هڪ جذبو تخليق ڪري سگهون. اڄ جتي هي دڙو آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ پنهنجي خوشحالي ۽ واپار کان مشهور ٿيل هڪ سهڻو شهر ڀنڀور بيٺل هو. هتي رهندڙ هڪ برهمڻ، جنهن کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، تنهن کي سالن کان پوءِ هڪ نياڻي ڄائي. انهن ڏينهن جي رواج موجب هڪ نجوميءَ هن جي آئنده متعلق اڳ ڪٿي ڪئي ته هيءَ ڏاڍي سونهن ۽ سوڀيا واري ڇوڪري ٿيندي، پر سندس وهانءَ هڪ مسلمان سان ٿيندو. اڳ ڪٿيءَ کان ڊنل ۽ هيسيل مائٽن ڇوڪريءَ کي ڪاٺ جي هڪ صندوق ۾ وجهي سنڌو درياه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ اتان وهندي هئي. اها صندوق ڪجهه فاصلو پري محمد ڌوٻيءَ جي هٿ لڳي، جنهن جڏهن ان کي کوليو ته هڪ ننڍڙي خوبصورت ٻارڙي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندس نالو سسئي رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”چنڊ“. هوءَ جوان ٿي ته سندس سونهن سوڀيا پنهونءَ تائين پهتي، جيڪو واپار سانگي آيل هو. پنهون، مڪران جي حاڪم جو پٽ هو، جنهن کي ڪل چار پٽ هئا، پر پنهون سڀني کان پيارو هوس. خبر ملڻ تي پنهونءَ جي تصور کي باهه لڳي وئي، ۽ چوري مشڪ ۽ عطر جو قافلو ڀرائي ڀنڀور روانو ٿي ويو. جڏهن ڀنڀور واسين کي ان قافلي جي خبر پئي، ته سسئي پنهنجي سئوٽ مريم سان گڏجي مشڪ خريدڻ لاءِ آئي. پنهون هن کان ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ هن سان شادي ڪري سندس هٿ وٺڻ لاءِ محمد کي خوش ڪرڻو هوس، سو پاڻ کي ڌوٻي جو روپ وٺڻو پيس. هن جي اڻ ڄاڻ هٿن سبب ڌوئجڻ وارا ڪپڙا ڦاٽي ٿي پيا، جنهن تي پنهون انهن تي سونا سڪا ٽاڪي ڇڏيا. ڪنهن به سندس شڪايت ڪونه ڪئي، جنهن ڪري محمد مطمئن ٿيو ۽ سسئي جي پنهون سان شادي رچائي ڇڏيائين.
مڪران جو حاڪم، جنهن کي اسان جو شاهه رسالي ۾ ”آري ڄام“ ڪوٺي ٿو، سو پنهنجي پياري پٽ جي ڊگهي عرصي تائين غير موجودگيءَ ڪري پريشان ٿيو ۽ پٽن کي حڪم ڏنائين ته پنهونءَ کي ڳولي واپس گهر وٺي اچن. ڀائرن اچي ظاهر ڪيو ته هو گهمڻ آيا آهن ۽ پنهون کي پرڻيل ڏسي خوش ٿيا آهن. هڪ رات پوئين پهر جڏهن سسئي ننڊ جي الوٽن ۾ هئي، ڀائرن بي خبري ۾ پنهون کي نشو سنگهائي، ٻڌي کڻي اُٺ تي وڌو ۽ گهر ڏي راهي ٿيا. جڏهن سسئي جاڳي ۽ پاڻ سان ويساهه گهاتي ٿيل ڏٺائين، اٺن جا پيرا کڻي پٻ جبل جي سلسلي ڏانهن وڌي. سسئي جي زبردست ڏک ڀوڳڻ کي اسان جو شاعر هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
ڏونگر! ڏوراپو، پهريون چونديس پرينءَ کي،
پهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
رحم نه پئي روح ۾ قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديس وو، مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
رڳو جبلن جي ئي دشمني نه هئي جيڪا سهي سگهجي، ٻيون به گهڻيون ئي رنڊڪون ٿيون.
اُٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير ،
چوٿون ويري واءَ ٿيون جنهن لٽيا پنهونءَ جا پير،
پنجون ويري سج ٿيو جنهن اُلهي ڪئي اوير ،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سنوان نه ڪيا سير،
ستون ويري چنڊ ٿيو جو کڙيو نه وڏيءَ وير ،
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين!
هڪ هيکلي ۽ ڏجهايل خوبصورت عورت کي ڏسي هڪڙي ڌنار جون گناهه جي نيت سان اکيون وڌيون ۽ سسئي بچاءُ لاءِ خدا کي ٻاڏايو. ڌرتي ڌڏي، ڦاٽي پئي ۽ سسئي کي سموئي ڇڏيائين، پر رئي جو پلاند ٻاهر رهجي ويو.
پنهون هوش ۾ ايندي ئي پوئين پيرين ڀڳو ۽ سسئي جي ڌرتي ۾ وڃڻ واري هنڌ تي پهتو ۽ ان هنڌ تي روئي، سسئي سان ملڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. هن جي دعا اگهامي ۽ ڌرتي وري ڦاٽي ۽ هو ٻئي وڃي هڪ ٿيا.
هن قصي ۾ شاهه لطيف روح کي ابديت ۽ خدا جي ڳولا ۾ ڏيکاريو آهي. سسئي روح آهي. رسالي ۾ پنج سر هن قصي کي ڏنا ويا آهن. سر سسئي آبري، سر معذوري، سُر ڪوهياري، سر ديسي ۽ سر حسينيءَ ۾ ڀنڀور جو گهڻو ذڪر آهي. اسان جو شاعر ڌرتيءَ تي انياءَ، ڪٺورتا، ناانصافي، ظلم، ڪيني ۽ ڏوهه جي حالت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
سسئيءَ کان چوايو ٿو وڃي:
ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
مُون سين تَنِهين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
وري:
ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو،
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
داستان جي دنيا کان هاڻي وري قديم آثارن ۽ تاريخ واري ڀنڀور ڏانهن ورڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت قديم آثارن جا ماهر ۽ مورخ، کوٽاين تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ان خيال جا آهن ته ڀنڀور ئي اهو ديبل جو قلعو آهي، جنهن 5 ۽ 13 عيسوي صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ مشهوري حاصل ڪئي. قديم آثارن وارا ماهر ٻڌائين ٿا ته ڀنڀور جي کوٽائي 1920ع، 1930ع، 1951ع ۽ خاص طرح سان 1958ع ۾ ٿي ۽ گهري کوٽائي ذريعي پهرين صدي قبل مسيح کان تهذيب جي ٽن ڌار ڌار زمانن جا ڏس مليا آهن. اهي ٽي دور آهن: سٿيو- پارٿين، هندو- ٻڌمت ۽ اسلامي. کوٽائي 25 کان 30 فوٽن تائين سم جي سطح تي ٿي آهي، جتي چمڪدار ٿانو به لڌا ويا آهن.
کوٽاين منجهان جيڪو ثبوت مليو آهي ان موجب ٻيو دور، اسلامي دور کان اڳ هندو-ٻڌمت جو آهي،. هن دور ۾ مٽيءَ جي سرن سان جوڙيل ڀتيون مليون آهن ۽ پٿرائين جوڙجڪ واريون شيون به لڌيون ويون آهن.
اسلامي دور جي شروعات 712ع ۾ ٿي، جڏهن محمد بن قاسم ديبل وٽ راجا ڏاهر کي هارايو. قديم آثارن جي ماهرن موجب ڀنڀور قلعه بند ٿيل هو ۽ گهٽين ۽ رستن جي لحاظ کان سٺي رٿابندي ٿيل هئي. نائين ۽ ڏهين عيسوي صدي ۾ اتي اموين ۽ عباسين جو راڄ هو. شهر جي اتر-اوڀر واري پاسي کان هڪ چڱي وڏي ڍنڍ هئي، جتي پيئڻ لاءِ برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو.
اسلامي دور جي عمارتن ۾ هڪڙيون اڌ گولائي ۾ نالن سميت ٺهيل عمارتون هيون، جيڪي گهڻو ڪري انتظامي مقصد لاءِ ٺهيل هيون. بچاءَ واري ڀت لڳ ڀڳ 19 فوٽ اوچي هئي. اها گهڻو ڪري اموي دور ۾ جوڙي وئي هئي، پر ان جي مرمت جو ڪم عباسي دور ۾ ڪيو ويو هو. اها هڪ ڀيرو ٻيهر جوڙي وئي هئي، پر ڪجهه ننڍي ڪئي وئي هئي. شهر کي ٽي پاڻيءَ وارا رستا هئا ۽ اوڀارو پاسو ڍنڍ سان ڳنڍيل هو. اتر ۾ ڍنڍ هئي. کاريءَ جي ڪناري تي ڏاکڻئين پاسي وارو دروازو وڌيڪ وڻندڙ هو، جيڪو شهر جي مکيه رستن سان ڳنڍيل هو.
وڏي مسجد، جيڪا شهر جي وچ تي آهي، سا گهڻو ڪري ننڍي کنڊ جي سڀ کان گهڻو اوائلي مسجد آهي. جتان تاريخ لڳل سڪا به لڌا ويا آهن، جيڪي ان کي واضح ڪن ٿا. ڪوفي جي مسجدن وانگر هتي به مسجد ۾ محراب ڪونه هو. اها مسجد 670ع ۽ 707ع جي وچ ۾ ٺاهي وئي هئي. ان ۾ اندر وڃڻ جا ٻه دروازا ڏکڻ ۽ اوڀر پاسن کان آهن. وڏي دلچسپي جي ڳالهه وڏي ٿلهي رسي جي آهي، جنهن تي بلو ڪاري پاڻياٺ جا نشان آهن. شايد اهي گليءَ جا نشان آهن.
(ڀنڀور ۽ ديبل (ڀنڀور نيشنل سيمينار 83ع ۾ پڙهيل مقالا، مرتب عبدالقادر منگي،ٿر پبليڪيشن، مٺي، 1993ع تان ورتل)