شاهه جي ڪلام ۾ ايثار جو تصور
انگريزي شاعرن ڪلاسيڪل نظم لکيو آهي، وري رومانوي نظم لکيو آهي، جنهن مان منهنجو مطلب هرو ڀرو رومانوي قصن جو بيان ڪرڻ نه، پر قدرت جي حسين نظارن جو بيان، زندگيءَ جي اهم، پيچيده ۽ ابدي مسئلن جو تصور جي ذريعي ذڪر ۽ فڪر جو بيان شاعر جي پنهنجي شخصيت جي ذريعي سان ڪيل آهي. هنن مابعد الطبيعاتي (Metaphysical ) نظم لکيو آهي ته وري ويهين صديءَ ۾ ڪي نيون ايجادون ڪيون اٿن، جن جي خيال ۽ تصور ۽ طرز بيان ۾ فرق آهي، پر مان ڏسان ٿي ته شاهه جي ڪلام ۾ اهي ڪافي رجحان موجود آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي مون کي پروفيسر جميل واسطيءَ چيو ته ڪڏهن توهين شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي رومانوي عنصر تي ٿا لکو ته ڪڏهن وري چئو ٿا ته سندن ڪلام Metaphysical ، شاعرن جي ڪلام سان مشابهت رکي ٿو ، سو ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ پر اها حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف واقعي انهن سمورن نمونن جو ڪلام لکيو آهي.
شاهه عبداللطيف جو ڪلام مون ننڍي هوندي پنهنجي نانيءَ ۽ ماسيءَ کان ٻڌو. هو پنهنجي گفتگو دوران برمحل شاهه جا بيت چونديون هيون ۽ فرصت جي وقت ڳائينديون به هيون تن ڏينهن ۾ اسين پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ رهندا هئاسين ۽ ماسي جنهن کي جيجي ڪوٺيندا هئاسين، تنهن جي مڪتب ۾پڙهندا هئاسين. ستت ئي بابا سائينءَ جي بدليءَ جي ڪري وڃي ڪراچيءَ ۾ رهياسين ۽ اتي اسڪول ۾ داخل ٿياسين. مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي ڪاليج نه هئڻ ڪري لاهور جي ڪينئرڊ ڪاليج وڃڻو پيو ڇو ته بابا مخلوط تعليم (Co-education) جي خلاف هو. هڪ دفعي اردو ائڊيشنل جي ڪلاس ۾ پروفيسر مون کي چيو ته توهان پنهنجي ڪنهن سنڌي شاعر جو ڪلام ٻڌايو. بي اختيار زبان مان شاهه جو هيءُ بيت نڪري ويو.
واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه،
هي سر ساڙيهه سامهون منهنجو نج ميان،
مقامياڻي مارئين وڃي ٿر ٿيان،
ميا ئي جيئان جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
شاهه جي ڪلام جون من ۾ ميخون ته ننڍپڻ کان ئي لڳل هيون، پر حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ منهنجي دل ۾ تفصيلوار مطالعي ڪرڻ جو گهڻو ذوق پيدا ٿيو. ان جو هڪ عجيب سبب هو. هڪ موقعي تي ڪنهن ادبي سنگت ۾ شريڪ ٿيس جتي سشيلا مهتاڻيءَ کي نهايت عقيدت، احترام ۽ سڪ وچان رسالي جا شروع وارا بيت ڳائيندي ٻڌم.
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجيءَ قدرت سين قائم آهي قديم،
والي واحد وحده چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
هڪ هندو ڇوڪريءَ جي مٺي آواز ۾ ايتري سڪ ۽ ايترو احترام ڏسي مان حيران ٿي ويس. اهو آواز ۽ اهي لفظ منهنجي دل ۾ڄڻ ته ڇپي ويا. وري جڏهن نازو ڀڳت کان شاهه جي اها ڪافي ٻڌم:
ڪاتُ قريبن جي اڳيان ڪتيم ڪينيڪي، ڇا ٻڌايان؟
يا محمد ابراهيم جي سريلي ۽ مٺي آواز ۾ ٻڌم:
ڌوٻي من جا نه ميرا
سڪ جو گهاٽ وسائين
۽ عبدالغفور فقير کان:
مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو، ڪيچي ڪيچ وڃن.
ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اهي من موهيندڙ آلاپ ڪنهن اڳ ٻڌل آواز جو پڙاڏو هئا. مون تي انهن جو ايترو اثر پيو جو شاهه جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس ۽ انهيءَ جادوءَ جي اثر هيٺ مون ڪافي مضمون لکيا، هن وقت شاهه عبداللطيف جي جنهن تصور منهنجي ذهن ۾ گهر ڪيو آهي اهو آهي سندس ڪلام ۾ ايثار يا قربانيءَ جو تصور.
لطيف سائين جي رسالي جي هڪ عجيب خوبي اها آهي ته زندگيءَ جي اڪثر مسئلن بابت بلڪل موزون بيت چيا اٿس جي هڪ ته انسان جي فردي ڪيفيت جا احساسات بيان ڪن ٿا ته وري ان سان گڏوگڏ سندس رهنمائي به ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا موزون بيت ماڻهن ياد ڪري ڇڏيا آهن، جي هر موقعي مطابق هر دهرائن ٿا ۽ ڳائين ٿا. لطيف جي اپٽار جو تصور به ان طريقي سان ڏنل آهي. اها ڳالهه روز روشن وانگر ظاهر آهي ته ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيسين قرباني نه ٿي ڏجي تيسين اهو Cause اڳتي نه ٿو وڌي. دنيا ۾ ازل کان ٻن قوتن جو پاڻ ۾ تصادم هلندو آيو آهي انهن کي توهين حق ۽ باطل جي نالي سان سڏيو يا دين ۽ ڪفر جي نالي ساڻ سڏيو يا ويهين صديءَ جي زبان ۾ استحصال ڪندڙ ۽ استحصال زده سڏيو. انهيءَ چئلينج جي مقابلي ڪرڻ خاطر هميشه قرباني ڏني ويئي آهي. ساڪريٽس (سقراط) کي جهالت جي انڌيري مان علم جي روشنيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش جو اجورو اهو مليو جو کيس زهر جو پيالو پياري ماريو ويو. حضرت عيسيٰ جڏهن دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ته کيس صليب تي چاڙهي هڪ بيحد اذيتن وارو موت ڏنو ويو. منصور حلاج کي Orthodoxy کي چئلينج ڪرڻ ۽ مذهب جي صحيح روح کي سمجهائڻ جو عيوضو اهو مليو جو کيس سوريءَ تي چاڙهيو ويو، پر انهن شخصيتن جي قرباني ۽ ايثار جي ڪري ئي ماڻهن ۾ علم ۽ ڄاڻ جي جوت جلي ۽ ان سان گڏ کين به ابدي زندگي ملي ۽ اها انسان ذات جنهن سندن جسماني زندگي ختم ڪئي، کين ياد ڪري رهي آهي، کين خراج تحسين ڏئي ٿي ۽ سندن دائمي احسانمند آهي. اهو هڪ قدرت جو اڻ ٽر ۽ ابدي قاعدو آهي ته جيسين پاڻ ۾ ايثار جو مادو پيدا نه ٿو ڪجي ۽ قربانيون نه ٿيون ڏجن تيسين مقصد اڳتي نٿو وڌي. شاهه صاحب ايثار جو تصور خاص ڪري سر ڪيڏاري ۾ بيان ڪيو آهي ۽ سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ پڻ ڪيو آهي، پر انهن ٽن سرن کان علاوه به رسالي ۾ گهڻن هنڌن تي ان جذبي جو ذڪر ڪيو اٿس، توهان سڀني کي خبر آهي ته سر ڪيڏارو امامن جي شهادت بابت آهي، پر هڪ عظيم شاعر جي ڪلام جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هر ايندڙ نسل، وقت ۽ حالتن جي تقاضا مطابق پنهنجي زندگيءَ جي دور جي مسئلن جو آئينو ۽ انهن جو حل ان ۾ ڀائي ٿو. بشرطيڪ اهي مسئلا عارضي نه پر ڪائناتي هجن ڇاڪاڻ ته هڪ عظيم شاعر انسان جي عالمگيريت (Universal) وارن مسئلن سان پاڻ کي وابسته رکي ٿو. هو وقتي يا عارضي مسئلن کان گهڻو مٿاهون آهي. جيڪڏهن عارضي ۽ وقتي مسئلن جو ذڪر ڪري ٿو ته به صرف ان لاءِ ته ان سان عالمگيريت (Universal Implications) وارا نتيجا ڪڍيا وڃن.
ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبي جو جيڪو مثال اسان جي سامهون لطيف سائين رکيو آهي. اهو نهايت اعليٰ ۽ ارفع آهي ۽ اهو مثال آهي امامن جي شهادت جو. ايثار جي تصور کي پيش ڪرڻ لاءِ لطيف سائين ٻه علامتون ڪم آنديون آهن هڪ امامن جي شهادت ٻيو سوريءَ چڙهڻ.
امامن جي شهادت ته تاريخي حقيقت به آهي ته علامت به آهي سندن شهادت جو ذڪر ڪندي لطيف سائين چوي ٿو:
سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز قضيو ڪربلا جو.
شهادت جي سختي ته الله طرفان هڪ ناز هئو، هڪ عنايت هئي ڇاڪاڻ ته جيسين اهي سختيون نه سهبيون، قرباني نه ڏبي، تيسين ڪاميابي ميسر نه ٿيندي، ۽ نه ئي منزل مقصوده (Cause )اڳتي وڌندو. اها سختي لازمي آهي.
ڪربلا لفظ جي معنيٰ اهي ڪَربُ يعني مصيبت ۽ بلا معنيٰ آفت- ڪربلا جو ميدان جنهن ۾ امام حسين عليھ السلام ذوالجناح گهوڙي تي سوار هو ۽ ذوالفقار تلوار ٻڌل هئس، اهو ميدان سختين، تڪليفن ۽ اذيتن جي هڪ وڏي علامت بڻجي چڪو آهي جيئن ته اهو قدرت جو اڻٽر ۽ ابدي قانون آهي ته ڪوبه مقصد بنا تڪليفن سهڻ جي ۽ بنا ايثار جي جذبي جي حاصل ٿيڻو ناهي. ان ڪري سچ کي ڪوڙ مٿان، حق کي ناحق مٿان، انصاف ۽ رحم کي بي انصافي ۽ ظلم مٿان فروغ ڏيڻ لاءِ ايثار لازمي آهي. ان ايثار جي جذبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ امام سڳورن لطيف سائين جي لفظن ۾:
ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون
جهيرو يزيد سامهون جنبي جوڙيائون
منهن نه مورڙيائون پسي تاءُ ترار جو.
سُر ڪلياڻ ۾ ساڳئي مفهوم کي لطيف سائين هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو:
سوريءَ سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون!
وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳنهن جي.
وري فرمائي ٿو:
سوري جنين سيج مرڻ تن مشاهدو.
سوريءَ تي اُهي ئي چڙهندا، تڪليفون ۽ اذيتون اُهي ئي سهندا جن هڪ مقصد پنهنجي سامهون رکيو آهي، ۽ ان خيال کي حاصل ڪرڻ جي شوق کي عشق ۽ نينهن سڏيو ويو آهي. اهي جڏهن سوريءَ تي چڙهندا تڏهن ئي سندن مقصد اڳتي وڌندو، يا تڏهن ئي خيال حاصل ٿيندو.
امام حسين عليھ السلام ۽ سندس ساٿين کي پوري طرح ڄاڻ هئي ته ان تصادم ۾ کين تمام گهڻيون تڪليفون درپيش اينديون ۽ شايد جان جي به قرباني ڏيڻي پوندي. اهو سڀ ڄاڻي ٻجهي به هنن اهو چئلينج قبول ڪيو ۽ واپس وڃڻ جو ڪوبه خيال نه ڏيکاريو. اهڙي مستحڪم ۽ بيڊپي ارادي کي ڏسي ساري ڪائنات لرزش ۾ اچي اثر پذير ٿئي ٿي:
ڪامل ڪربلا ۾ آيا جنگ جوان
ڌرتي ڌٻي لرزي ٿرٿليا آسمان،
ڪرهه هئي ڪانه هو نظارو نينهن جو.
وري سر ڪلياڻ ۾ لطيف سائين چوي ٿو:
سوري آهه سينگار اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ ۽ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي.
انسانن جي انبوهه ۾ اهي سختيون چند سورمائي شخصيتون ئي سهڻ جي قابل آهن، نه ڪي عام ماڻهو هر ڪو ايرو غيرو ان منزل جي اپٽار جي دهشت نه ٿو جهلي سگهي. اهڙن ماڻهن جو شاهه صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو.
ڪوفين قهر ڪيو ٿيا جماعتي يزيد سين،
پليتن کي پڙ ۾ ورنهه ور پيو،
سڌرهون سيهو شير شهادت کي رسيو.
اهڙي قوت تي سورمائي شخصيتن ۽ بزدل ۽ منافق انسانن جو پتو پئجي وڃي ٿو. ڪوفي امام حسين عليھ السلام کي دوکو ڏيئي پري ڀڄن ٿا. اهڙي طبيعت جا انسان اپٽار جي لائق نه آهن. ايثار جي لائق ته الله جا خاص چونڊيل ۽ پيارا ٻانها آهن. سورمائي شخصيت جا مالڪ ئي هن ايثار جي قابل آهن.
”دوست ڪهائي دادلا محب مارائي
خاص خليلن کي سختيون سهائي
الله صمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي
انهيءَ منجهه آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.“
وري چوي ٿو:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهين منجهه ڪوٽن ڪڏهن واهي رڻ جا.“
انهن بي ڊپن سورمائي شخصيتن جو وري سر ڪلياڻ ۾ هيئن ذڪر ڪري ٿو:
پاٻوهيو پڇن ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيهن جي، پاس پاڻ نه ڪن،
عاشق اجل سامهون، اوچي ڳاٽ اچن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
انهن سورمائي شخصيتن کي اها چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته جيتري وڏي قرباني ڏبي اوترو ئي سندن مقصد وڌندو. انهيءَ ڪري هو خوشيءَ سان ۽ فخر سان ان لاءِ تيار آهن. جيئن شاهه سائين چوي ٿو:
ڪُهن تان ڪر لهن، ڪر لهن تان ڪُهن،
سيئي ماءُ مهن، سيئي راحت روح جي.
حق ۽ باطل جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اهڙن سورمائي شخصيتن جي ضرورت آهي جن ۾ قرباني ۽ ايثار جو جذبو هجي، جيڪي ذلت جي زندگيءَ کان عزت وارو موت بهتر سمجهن ٿا. دنيا جا يزيد اها ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ته اهو ڪهڙو جذبو آهي جنهن جي ماتحت هڪ سورمائي شخصيت جو مالڪ آسائش جي بدلي سختيون ملهه وٺي ٿو. انهن لاءِ اهي سختيون رحمت جي مينهن مثل آهن؛ ڇاڪاڻ ته اهي ئي سندن مقصد کي اڳتي وڌائينديون:
سختي شهادت جي مڙوئي ملار،
ذرو ٺاهه يزيد کي اي عشق جو آثار،
ڪسڻ جو قرار، اصل امامن کي.
يزيد انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر آهي ته اهي سختيون ئي مقصد کي اڳتي وڌائينديون، انهيءَ ڪري آهي رحمت جي مينهن برابر آهن، يزيد جو ظلم، ناحق ۽ استحصال جي علامت بڻجي چڪو اهي. ان کي شاهه صاحب چوي ٿو:
جهيڙو لاهه يزيد عليءَ جي اولاد سين،
سا نه پسندين عيد جا هوندي مير حسين سين.
يزيد ئي لعنتي ٿيو، خوار خراب ٿيو، مير حسين کي ته هن دنيا ۾ ئي حيات جاودان ملي ۽ سندن مقصد به اڳتي وڌيو.
حسن مير حسين کي رلو ٽن ٽولن،
گهر ماڙهئين جهنگ مروئين، اُڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،
الا شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.
وري شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ميڙي ۾ محمد جي مر مرڪي ماس،
تنهن سورهه کي شاباس جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.
ايڏي وڏي قربانيءَ کانپوءِ سندن ٽيڻو مقصد پورو ٿيو. پنهنجي لاءِ حيات جاودان مقصد، جو اڳتي وڌڻ ۽ پوين لاءِ فائدو:
ڪڪرا ڪربلا جا مادر ٿي ميڙياس،
ڦٽن تان رت ڦڙا عليءَ ٿي اُگهياس،
مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
کين جيڪو رتبو حاصل ٿيو، سو لطيف سائين هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
جنت سندن جوءِ فائق هليا فردوس ڏي،
فاني ٿيا في الله ۾، هوءَ سين ٿيا هوءَ،
رب ڏيکارين روءِ، انهن جي احسان سين.
خود خدا کي هنن سورمائي شخصيتن جي سختين تي افسوس ٿئي ٿو، پر انهيءَ اڻ ٽر اصول کان ڪير به بچي نه ٿو سگهي:
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو
چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان.
ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت کي ترجيح ڏيندي شاهه صاحب فرمائي ٿو:
مر مرين، آئون رئين موٽي آءُ م ڪانڌ،
ڪچيءَ وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
زال پنهنجي مڙس کي چوي ٿي ته زندگي کي ٿورا ڏينهن آهي، طعنن جا پلانڌ وڏا آهن. ڪانئر ٿي موٽي نه اچجانءِ، ڀلي ڪي بهادريءَ سان مرين ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ رئان.
لطيف سائين ورجائي ورجائي اسان کي چوي ٿو ته قرباني ۽ ايثار کان سواءِ ڪن حالتن ۾ ٻيو ڪو چاڙهو ڪونهي.
صوفيءَ صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو.
يا انهيءَ ڪري:
سورهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين.
(ڇهه ماهي، سنڌي ادب، سنڌالاجي، ڄامشورو، آڪٽوبر 1980ع)