لطيفيات

شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

پروفيسر امينہ خميساڻيءَ ادب جي ميدان ۾ پنھنجي تحقيقي ڪم ذريعي نالو ڪمايو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي موضوعاتي اھميت، شاھہ جي رسالي جي بنيادي حقيقتن، شاھہ جي شاعريءَ جي سماجي اثرن، شاھہ جي شاعريءَ ۾ ايثار ۽ روحانيت، شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور، رومانوي عنصرن،  شاھہ جي شاعريءَ جو انگريزرومانوي شاعرن سان تقابلو، سُر ماروي، سُر سامونڊي سميت ٻين موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آھن. ڪتاب ۾ڪجه متفرق مواد ۽ انٽرويوز پڻ شامل آھن.

Title Cover of book شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

شاهه جي شاعريءَ تي هڪ نظر

هڪ وڏي شاعر جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هو عام انسانن جي مقرر ڪيل ناقص حدن کي ٽوڙي، ساري مخلوقات کي پنهنجي دائره تخيل ۾ آڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو عام ماڻهن کان وڌيڪ احساس وارو آهي ۽ کيس ٻين کان وڌيڪ ڏسڻ، پسڻ ۽ پروڙڻ جي ڏات آهي. انهيءَ ڪري هو زندگيءَ جي اهم، پيچيده ۽ تلخ مسئلن ۽ آزمائشن تي گهري سوچ ڪري، تخيل جي درياه ۾ ٽٻي هڻي، اهي بي بها گوهر ۽ موتي انسان جي آڏو پيش ڪري ٿو، جن جي نه رڳو خوبصورتي، رنگا رنگي ۽ چمڪ پنهنجي وقت جي توڙي ايندڙ نسلن کي حيران ۽ مخمور ڪري ڇڏي ٿي، پر هڪ اهڙو سرمايو پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڏانهن توجهه ڪرڻ سان هر انسان، هميشه فائدي ۾ رهي ٿو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهو عظيم شاعر آهي، جيڪو امير جي محل ۽ غريب جي جهوپڙيءَ کان، مذهب ۽ ذات پات جي ٻنڌڻن کان، مغرب ۽ مشرق جي فرقيوارانه ور کان، سود ۽ زيان جي هڪ اکي منظر کان اوچو، پنهنجا مرهم جهڙي خاصيت رکندڙ، پَرَ سڄي ڪائنات مٿان پکيڙي ٿو. سندس ڪلام پنهنجي پيغمبرانه تخيل جا تاثرات، جاذب لفظن ۾ نمايان ڪري انساني زندگيءَ ۾ سڪون ۽ موافقت آڻي ٿو.
شاعرن پنهنجي تخيل مطابق گهڻن ئي قسمن جو شعر چيو آهي، ڪن شاعرن کي قومي شاعر سڏيو وڃي ٿو ته ڪن کي وري مذهبي، ڪن کي رزمي ته ڪن کي بزمي. ڪن شاعرن جو ڪلام اهڙو آهي جيڪو وقت جي سياسي پس منظر جو نقشو چٽيندو آهي. اهڙي قسم جو شعر جنهن وقت لکيو وڃي ٿو، ان وقت ڏاڍو مقبول رهي ٿو پر ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ٿي رهي. انهن جي برعڪس شاهه جي عظيم شخصيت جو ڪلام پنهنجي نسل لاءِ توڙي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مشعل راه آهي. هر ايندڙ نسل پنهنجي حالتن مطابق سندس ڪلام جو مفهوم ڪڍي ٿو. اهڙي پيماني جي شاعر جي ڪلام جو هر نسل ترجمان آهي، ڇاڪاڻ ته اهو شاهه جي شعر ۾ پنهنجن مسئلن جو جواب انهيءَ نموني ۾ لهي ٿو، جنهن انداز ۾ هو خود سمجهي ۽ سوچي ٿو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ايتريون ته نفسي معنائون رکيل آهن ۽ انهن ۾ ايتري ته گهرائي آهي جو هر نسل پنهنجي ضرورتن ۽ سمجهه آهر ان معنيٰ خيز ڪلام کي تسليم ڪري ٿو، ۽ پنهنجو مستقبل ان مطابق تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
شيڪسپيئر، ان ڪري عظيم شاعر ليکيو وڃي ٿو، جو هن جي ڪلام ۾ عالمگيريت جو عنصر موجود آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به انهيءَ ساڳئي سبب جي ڪري هڪ عظيم شاعر ليکيو وڃي ٿو، جو سندس ڪلام ۾ به هڪ لاثاني عالمگيريت جو جزو نظر اچي ٿو. منهنجو اهو مطلب نه آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيڪسپيئر جو ڪلام اصلاحي طور يا ڪنهن ٻئي نقطئه نظر کان مشابهت رکي ٿو، پر منهنجي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته شيڪسپيئر جي ڪلام ۾ اهي احساس، جذبات ۽ خيالات موجود آهن، جيڪي روز اول کان وٺي انسان ذات جي فطرت ۾ درج ٿيل آهن، جي هن لاءِ قابل فڪر و ذڪر آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ به اهو ئي ساڳيو منظر اسان جي پيش نظر آهي: انهيءَ ڪري ٻنهي شاعرن جو ڪلام پنهنجي پنهنجي جاءِ تي عالمگيريت جي اعليٰ عناصر سان پُر آهي. شاهه صاحب جي عالمگيريت جي اها ڪيفيت آهي جو جڏهن پنهنجي وطن لاءِ دعا گهري ٿو ته سڄي عالم کي به نٿو وساري ۽ فرمائي ٿو:
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
شاهه صاحب هڪ صوفي هو، عام طور خيال ڪيو ويندو آهي ته صوفي سست ۽ ڪاهل ماڻهو ٿيندا آهن، جن کان دنيا جو ڪوبه ڪم ڪار نه ٿي سگهندو آهي، پر اهو خيال سچن صوفين سان لاڳو نه ٿو ٿئي. شاهه صاحب نه رڳو هڪ سچو صوفي هو، پر روحاني جدوجهد ۾ غرق رهندو هو. انهيءَ قسم جي جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ سستي يا ڪاهلي سڏي نٿو سگهجي. ٻيو ته جيڪڏهن شاهه صاحب صوفين کي روحاني جدوجهد جي تلقين ڏني آهي ته عام ماڻهن کي وري پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي راءِ ڏيکاري آهي. اهو مقصد جيتوڻيڪ هر شخص لاءِ جداگانه ٿي سگهي ٿو، پر ان کي ميسر ڪرڻ جا جيڪي طريقا آهن سي ساڳيا ۽ دائمي آهن. مطلب ته شاهه صاحب عمل جي زندگيءَ کي گهڻي ترجيح ڏني آهي ۽ رسالي ۾ بي انداز بيت ملندا جن جي ذريعي شاهه صاحب عملي زندگيءَ جي هدايت ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ ٻئي ڪنهن به موضوع تي شاهه صاحب جا ايترا شعر نه ملندا، جيترا زندگي کي باعمل بنائڻ تي چيل آهن، جيئن فرمائين ٿا:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
بيت ۾ سسئيءَ کي چيو ويو آهي ته تيز وک وڌاءِ ۽ هر حالت ۾ هلندي هل ۽ پنهون جا پير ڳوليندي هل، متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پنهون جا پيرا نه لهي سگهين. ساڳئي وقت ان جو مفهوم هڪ وطن پرست لاءِ، هڪ دنيوي انسان لاءِ، هڪ شاگرد لاءِ مطلب ته هر انسان لاءِ، جيڪو به ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي، ان لاءِ معنيٰ موجود آهي ته جيڪڏهن پنهنجي منزل حاصل ڪرڻي اٿئي ته صرف هيءُ طريقو آهي ته ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه.“ عملي زندگي آسان نه آهي، ان ۾ هزارين مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون:
سوريءَ چڙهڻ، سيج پسڻ، اِي ڪم عاشقن،
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان.
مطلب ته اهو ئي انسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهندو، جيڪو هر تڪليف کي خوشيءَ سان مُنهن ڏيندو، جڏهن سوريءَ تي چڙهندو، تڏهن سيج پسندو. ان هوندي به ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ارادو سامهون رکي هو سنئون هلي ٿو ۽ ان کان منهن نٿو موڙي. جڏهن ٻئي طرف توجهه ڪري ٿو ته شاهه صاحب جن فرمائين ٿا:
پتنگ چائين پاڻ کي، پَسي مچ مَ موٽ
سهائي سپرين جي، گهڙ ته ٿئين گهوٽ
اڃان تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
جيڪڏهن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻو اٿئي ته ڪوشش ڪر، پتنگ وانگر ٿيءُ، ائين نه ٻَر: ٻاهر جو مچ ڏسي ۽ تڪليفون پسي واپس موٽي نه وڃ، بلڪه مقصد ۾ اعتماد رکي اڳتي وڌ ته فتح ماڻين؛ ان راهه ۾ تون اڃان ناواقف آهين. اهي تڪليفون توکي ائين ئي پختو ڪنديون جيئن سرون کوري ۾ پوڻ سان پچي وڌيڪ ڪمائتيون ٿين ٿيون. عمل جي زندگي ۽ سُستي ۽ ڪاهلي ٻئي متضاد آهن، هڪ ٻئي جي برعڪس آهن. وري فرمائين ٿا:
ٻيڙائتا! ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهڙيون،
سڄيون راتيون سمهين، ڀرسکاڻ ڏيئي،
صباح سڀئي، پار پڇندء خبرون.
ڪاميابيءَ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ، ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ نهايت ضروري آهي:
سک نه ستا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين
ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.
جيڪي ماڻهو وڏو مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا، سي ڪڏهن به بي اونا ننڊ نٿا ڪن ۽ نه ڪڏهن آرام جي تلاش ڪن ٿا يا غفلت ڪن ٿا، هو هر تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ڪلهن کي به ڪپائڻ لاءِ تيار آهن. اهي شخص عزت جي لائق آهن، جن پاڻ پتوڙي، تڪليفون وٺي دنيا ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريو:
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو ان جو.
شاهه صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل بيتن جي تشريح گهڻن نمونن ۾ ٿي سگهي ٿي. هڪ عظيم شاعر جو ڪلام، زنده ڪلام آهي. شاهه صاحب اسان کي ياد ٿو ڏياري ته عملي زندگي بسر ڪريو، جدوجهد ڪريو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ نه روحاني ڪاميابي ملندي نه دنيوي سوڀ پلئه پوندي:
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري
لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري! لئي هوتن؟
ننڊان نڀاڳين کي، اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي پون سمهي.