شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو احوال
شاهه جو رسالو سنڌ جي ماڻهن لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، سنڌي ماڻهو پنهنجي روزمره جي وهنوار ۾ شاهه جي شاعري کي مثالن لاءِ پڻ استعمال ڪندو آهي. سندس روحاني پيغام پڙهي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا آهن. شاهه جي شاعري هر موقعي جي شاعري آهي، جيڪا ڪنهن به وقت، ڪهڙي به مهل ڳائي سگهجي ٿي، گڏجاڻين ۾، خوشي جي موقعن ۽ ميلن ملاکڙن تي ان جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو.
اهي رڳو سنڌي ماڻهو ناهن، جيڪي شاهه صاحب جي سهڻي شاعري کي پڙهن ٿا، پر ڌاريا ۽ ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڻ ان کي پسند ڪن ٿا. جرمني جو هڪ مشنري دانشور ارنيسٽ ٽرومپ ۽ انگريز دانشور تمام گهڻو ان جي اثر هيٺ آيا آهن. ڪجهه وقت اڳ هڪ ٻئي جرمن خاتون ڊاڪٽراينميري شميل، جنهن شاهه کي سمجهڻ لاءِ سنڌي سکي ۽ ان جي چواڻي ته مون کي شاهه جي شاعري وڻي ٿي ۽ مان ان سان پيار ڪيان ٿي ۽ اها مون کي پنهنجن صوفي تجربن ۽ مشاهدن لاءِ ڪم آئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ روحاني رمزون شامل آهن. شاهه عبداللطيف جي زندگي بابت لکت ۾ گهڻو مواد موجود ڪونهي، پر جيڪا معلومات اسان تائين پهتي آهي، اها زباني طور ۽ مختلف رسمن ۽ رواجن کان ملي آهي. هن کيتر ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. ڪيترا وڏي ڄمار جا ماڻهو ڪجهه وقت اڳ تائين موجود هئا، جن شاهه عبداللطيف جي باري ۾ پنهنجن وڏن کان اهو ٻڌو هو ته هنن شاهه عبداللطيف کي ڏٺو ۽ ان سان ڪچهري ڪيائون. اسان جا عالم انهي ڳالهه کي قبول ڪن ٿا ته شاهه عبداللطيف هجري سن جي 1102 ۾ پيدا ٿيا جيڪو عيسوي سن جو سال 1689ع هو.
شاهه صاحب ڳوٺ هالا حويلي ۾ ڄائو، جيڪو حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي جو ننڍڙو ڳوٺ ۾ هو. شاهه صاحب جي وفات 63 ورهين جي ڄمار ۾ 1165هجري بمطابق 1752ع ۾ٿي. هر سال سندس ياد ملهائي ويندي آهي ۽ 14 صفر تي ڀٽ شاهه تي سندس عرس (ميلو) ملهايو ويندو آهي، جتي هو پنهنجي زندگي جا پويان سال رهيو ۽ اتي ئي سندس مقبرو اڏيل آهي. عرس يا ميلو ٽي ڏينهن هلندو آهي. ٻين تقريبن سان گڏ ٻئي ڏينهن تي هڪ ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ شاهه صاحب تي تحقيقي مقالا پڙهيا ويندا آهن جيڪي شاهه صاحب جي زندگي ۽ شاعري تي هوندا آهن. ان کانسواءِ هر جمعي رات سندس فقير گڏ ٿي شاهه صاحب جي رسالي مان شاعري پڙهندا ۽ ڳائيندا آهن، اوڙي پاڙي جا ماڻهو مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان اچي ان محفل ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ صوفي راڳ ٻڌندا آهن. شاهه عبداللطيف جي نصب جو سلسلو سڌو سنئون حضرت محمد صه سان لڳي ٿو، معرفت امام زين العابدين جي جيڪو حضرت امام حسين رضه جو پٽ هو، جنهن جو شجرو مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب جي ضميمي اي (پيج 142) ۾ ڏيکاريو آهي. مرزا قليچ بيگ جو هي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي” انگريزي ۾ لکيل آهي جيڪو 1980ع ۾ ڀٽ شاهه جي ڪلچرل سينٽر ڪميٽيءَ حيدرآباد مان ڇپيو. سندس وڏا هرات مان آيا ۽ مٽياري ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون. شاهه عبدالڪريم (1600ع) جنهن جو مقبرو بلڙي ۾ آهي. جيڪو حيدرآباد کان 40 ميل پري گوني تعلقي ۾ آهي ۽ شاهه ڪريم تمام وڏو ۽ ناميارو صوفي شاعر هو، جيڪو شاهه صاحب جو تڙڏاڏو هو. سندس شاعري موجود آهي ۽ ان جو عرس به هر سال بلڙيءَ ۾ ٿيندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو والد سيد حبيب شاهه هالا حويلي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهيو، جيڪو هاڻي ڦٽي ويو آهي ۽ اهو مٽياري کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ڀٽ شاهه کان گهڻو پري ناهي ڪجهه وقت کانپوءِ اها جاءِ ڇڏي وڃي ڪوٺڙي ۾ رهيو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف جو ٻاراڻي وهيءَ جو ڪجهه وقت گذريو. اسان جي شاعر جي شروعاتي تعليم، اسڪول جي بنيادي نصاب کان وڌي نه سگهي. هن جو پهريون استاد نور محمد ڀٽي هو. جيتوڻيڪ هن ڪا باقاعدي تعليم حاصل ڪانه ڪئي هئي. سندس شاعري مان ان جو ڪافي ثبوت ملي ٿو ته هو عربي ۽ فارسي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو، قرآن پاڪ حديث ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي ۽ بلڙي واري جو رسالو هن جا سدائين ساٿي رهيا. جن جا حوالا شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملن ٿا. جلال الدين رومي جي مثنوي شاهه صاحب کي ميان نور محمد ڪلهوڙي سوکڙيءَ طور ڏني هئي، جيڪو سنڌ جو حڪمران هو. اهو ان ڪري هو شاهه صاحب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهي پيو، ڇاڪاڻ ته سندس لاڳاپا شاهه صاحب سان سٺا نه رهيا هئا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ظاهر ظهور پنهنجي بدني بناوت ۾ تمام سهڻو، قد سراسري، بدن ۾ مضبوط، ڪاريون اکيون ۽ ڏاهپ وار چهرو ۽ ڪشادي ۽ ويڪري پيشاني رکندو هو. شاهه صاحب کي ڏاڙهي رکيل هئي، سندس ڏاڙهي حضور پاڪ جي ڏاڙهي مبارڪ جيان هئي. پنهنجي باري ۾ پڻ شاهه صاحب وٽ هڪ سوچيندڙ نظر هئي ۽ هر وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. جيئن ته هو پاڻ هڪ بااخلاق، بردبار، روحاني رمز ۾ وقت گهاريندو هو ته جيئن کيس الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ٿئي. شاهه صاحب اڪيلائي پسند پڻ هو ۽ پاڻ روحاني زندگي بابت هر وقت اها سوچ رکندو هو ته هن ڌرتي تي ڪا چڱائي ٿئي.
جيتوڻيڪ هو سٺين حالتن ۾ ڄائو هو ۽ هڪ با عزت مشهور سيد خاندان جو اولاد هو. هن ڪڏهن به ڪو غلط ڪم نه ڪيو نه وري زندگيءَ ۾ پنهنجي آسائش لاءِ وڙهيو. هو مهربان، نرم دل،سخي ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ هو، سندس اخلاق ۽ ڳالهائڻ ڪري ماڻهن کان کيس تمام گهڻي عزت ۽ سرهائي ملندي هئي. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏبا هئا، اهي پڻ گهڻو خوش ٿيندا هئا. شاهه صاحب وٽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ ادب هوندو هو. حقيقت ۾ ڏسجي ته ماڻهن ۾ ان عمر ۾ اهڙيون خاصيتون نه هونديون آهن، هو ظلم کان نفرت ڪندو ۽ جسماني اذيت پوءِ چاهي اها ماڻهن کي ملي يا ڪنهن جانور کي جي سخت خلاف هوندو هو. هن کي سموري حياتي گذاري پنهنجو پاڻ تي ڀرسو هوندو هئس. سندس کاڌو توڙي ڪپڙا تمام سادي نموني جا هوندا هئا. سندس پوشاڪ گهڻو ڪري گيڙو رنگي هوندي هئي، اهو صوفين ۽ جوڳين جو رنگ هوندو هو ۽ ڪاري ڌاڳي سان سبيل هوندو هو اڄ تائين سندس اهي سڀ شيون ڀٽ شاهه تي سانڍيل آهن. انهن ۾ ڪجهه لڪڻ پڻ آهن ۽ پيالا پڻ، جن مان هڪ صندل جو ۽ ٻيو شفاف پٿر جو ٺهيل آهي، جيڪو هو کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪندو هو، سندس ڊگهي ٽوپي ۽ ڪارو پٽڪو پڻ اڃا تائين ڀٽ شاهه تي سانڍيل آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سچ جي ڳولا۾ سنڌ جي ڪيترن ئي حصن جو سير ڪيو ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن جو سير پڻ ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجو پاڻ کي سياست ۽ سازشن کان پري رکيو، جيڪي شيون ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿينديون رهنديون هيون باوجود انهيءَ جي ته ڪلهوڙن جي بادشاهي جا ڪيترا وڏا ماڻهو شاهه صاحب جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.
شاهه صاحب شهرن ۾ گهمڻ لاءِ اندر نه ويندو هو، پر ٻهراڙين ۾ صوفين ۽ جوڳين سان گهمندو هو ۽ جبل جهاڳيندو هو. جوڳين، سنياسين ۽ صوفين جي گهڻائي هندن جي هوندي هئي. جن سان هو هاڪاري سوچ سان ملندو جلندو ۽ گهمندو هو، ۽ ڪچهريون ڪندو هو. هو حيدرآباد جي گنجي ٽڪر کان لس ٻيلي جي ٽڪرين ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن جو سير ڪندو هو. هو هڪٻئي وقت انهن سناسين سان ٽي سال گڏ رهي سفر ڪيو. هن هنگلاج ۾، لکپت ۽ ناني ڀيرين پنڌ گهميو. هو هماليه جبل جي هيٺاهين ۽ سپڙ سخي تائين هليو. سندس رسالي ۾ڪيترائي دفعا انهن جوڳين ۽ سندس سير سفر جو تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو. اهي ماڳ، جتي شاهه صاحب هليو. انهن کي پوتر ماڳ سمجهيو ويندو هو. شاهه صاحب جي رسالي ٻن سرن رامڪلي ۽ کاهوڙي ۾انهن سڀني ڳالهين، رهڻي ڪهڻي ۽ جو بهترين ذڪر ملي ٿو. هن جهونا ڳڙهه، جيسلمير ۽ ٿر جي ڪيترن ئي حصن جو سير ۽ سفر ڪيو، جڏهن هي 21 ورهين جو ٿيو ته هن کي سندس بهترين اخلاق ۽ سهڻين عادتن ،عبادت ۽ پاڪائي جي ڪري تمام گهڻي عزت ملڻ لڳي. سمجهه،سچائي ۽ ماڻهن سان ملنساري سندس اخلاق سندس خاصيتون سمجهيون وينديون هيون. ماڻهن جا ٽولا هن جي چوڌاري پيا هلندا هئا، انهي جي باوجود جو هن جا شاگرد هن سان گڏ هوندا هئا. سندس انهي پذيرائي جي ڪري ڪيترائي سکر ماڻهو هن سان بغض رکندا هئا ۽ ڪيتري وقت لاءِ سندس دشمن ٿي پيا، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن جي عظمت کي ڏسندي هن کان پاسيرا ٿي ويا.
ان وقت هو پنهنجي والد سان ڪوٽڙي ۾ رهندو هو، جيڪا ڀٽ شاهه کان رڳو 5 ميل پري هئي. هي اهو ئي موقعو هو جڏهن 1713ع ۾ سندس شادي بي بي سيده بيگم مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان ٿي، جيڪا هڪ گهڻن گڻن واري ۽ سياڻي عورت هئي ۽ هن جي صحيح معنيٰ ۾ ساٿياڻي ٿي رهي. سندس شاگردن وٽ بي بي لاءِ پڻ وڏي عزت هوندي هئي، شاهه صاحب کي ڪو ٻار پيدا ڪونه ٿيو. شاهه صاحب پنهنجي مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني جذبي هيٺ هڪ اهڙي جاءِ يا بيٺڪ جي ڳولا ۾ هو، جتي هو پنهنجو وقت اڪيلائي ۾ رهي صرف ڪري ۽ سڄو وقت عبادت ۾ گذاري. هن اها جڳهه ڪراڙ ڍنڍ جي ويجهو واري جي دڙي تي ڳولي لڌي، جيڪا هالا کان چار ميل پري هئي. اهو واري جو دڙو ٻوٽن ۽ ڪانڍيرن سان ڍڪيل هو، جنهن جي چوڌاري پاڻي جا ننڍا ننڍا دُٻا هئا، ان واري جي دڙي کي ”ڀٽ“ چيو ويندو هو. شاهه صاحب انهي واريءَ جي دڙي تي هڪ ننڍي ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن ته اهو علائقو واري سان ڀريل هو. شاهه صاحب پنهنجن شاگردن سان گڏ ان ايراضي جي اهڙي ته کوٽائي ڪئي جو اندران پڪي زمين نڪري آئي پوءِ ان تي واري وڇائي پڪي زمين ٺاهي. مهينن جي محنت مزدوري جنهن ۾ هن پنهنجن ڪلهن ۽ مٿن تي کڻي اهو سڀ ڪجهه ٺاهيو، جنهن سان هڪ بهترين جڳهه ٺهي وئي جنهن ۾ هڪ ڪمرو زير زمين ۽ ٻه ڪمرا ان جي مٿان ۽ هڪ ڪمرو پنهنجي والدين لاءِ ٺاهيائون. اتي هڪ مسجد پڻ جوڙي وئي. پنهنجي شاگردن لاءِ گهر پڻ ٺاهيائون، جيڪي جلد ٺهي تيار ٿيا. 1742ع ۾ اڃا هي ڀٽ کي ٺاهڻ ۾ لڳل هو ته هن کي سندس والد جي وفات جي دکائتي خبر پئي ان خبر کانپوءِ شاهه صاحب پنهنجي سڄي خاندان کي ڪوٽڙي مان وٺي اچي ڀٽ شاهه تي رهايو ۽ جنهن جو نالو اهو ئي مشهور ٿيو، سندس والدکي پنهنجي وصيت مطابق اتي ئي دفنايو جتي سندس مقبرو هاڻي آهي. اهو مقبرو شاهه عبداللطيف جي مقبري جي ڏکڻ طرف سڏ پنڌ تي آهي.
پنهنجي زندگي جا آخري اٺ سال هو ڀٽ شاهه تي رهيو. پنهنجي وفات کان رڳو چند ڏينهن اڳ هو پنهنجي جوڙيل زير زمين ڪمري ۾ وڃي رهيو ۽ سڄو وقت روزي ۽ عبادت ۾ گذاريائين. هو تمام گهٽ کائيندو هو. 21 ڏينهن کانپوءِ هو ٻاهر نڪتو ۽ پاڻي جي ججهي مقدار سان وهنجي سهنجي پاڻ کي هڪ وڏي اڇي چادر سان ڍڪيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين ته هاڻي صوفي راڳ شروع ڪيو. اهو راڳ مسلسل ٽي ڏينهن هلندو رهيو، سندس راڳين جڏهن ڏٺو ته شاهه صاحب ۾ڪابه چر پر ناهي ته کين خبر پئي ته سندس روح جنت ڏانهن پرواز ڪري چڪو آهي ۽ وڃي پنهنجي محبوب سان مليو جنهن جي لاءِ سڄي زندگي هن چاهه پئي ڪئي. فقيرن ڏٺو ته روح ڪونهي باقي خاڪي جسم موجود آهي، 14 صفر 1165هجري بمطابق 1752ع تي هن موڪلاڻي ڪئي. کيس ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ نه هئي، نه وري ڪو سور يا ڪا تڪليف هئي. هن کي سندس انهي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو جتي اهو هن وقت موجود آهي. سندس اهو مقبرو تنهن دور جي ڪلهوڙن جي بادشاهه غلام شاهه ڪلهوڙي اڏايو، جيڪو شاهه صاحب کي ڀائيندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو. مقبري جي اڏڻ جو ڪم سکر جي هڪ مشهور رازي عيدن جي حوالي ڪيو ويو. انهي مقبري ۽ ڀر واري مسجد جي اڳيان هلي مير نصير خان ٽالپر مرمت ڪرائي. مير نصير خان جي ڀاءُ مير نور محمد ٽالپر مقبري جي احاطي ۾ هڪ تمام وڏو کوهه کوٽايو ۽ سندس سئوٽ مير محمد ٽالپر چاندي سان جوڙيل هڪ دروازو لڳايو جيڪو اڃا تائين اتي بيٺل آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام اڄ تائين وڄندڙ نغارن جو جوڙو موجود آهي، جيڪو جيسلمير جي راجا سوکڙي طور ڏنو هو.
(مترجم: پروفيسر اعجاز احمد قريشي)