بيگم آمنه خميساڻيءَ جو انٽرويو : غلام نبي قاضي
پاٽ جي مردم خيز مٽيءَ مان جيڪڏهن مرد ڪامل، عارف ۽ عالم پيدا ٿيا آهن ته انهيءَ مٽيءَ جنس لطيف ۾ پڻ اهڙيون ڪيتريون ئي هستيون پيدا ڪيون آهن، جن تي نه صرف پاٽ شريف کي، بلڪه سڄي سنڌ کي فخر ۽ ناز آهي. بيگم آمنه خميساڻي به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي زندگي جو مقصد بي لوث خدمت ۽ نياڻين جي صحيح تربيت ڪرڻ آهي. هوءَ پنهنجي شاگردياڻين لاءِ مشفق معلمه به آهي ته سخت گير منتظمه به، همدرد به آهي ته مادر مهربان، جيئن همراز به. پنهنجن شاگردياڻين کي درس به ڏئي ٿي ته ساڻن مجلس ڪري سندن مشڪلاتون به ٻڌي ٿي. مطلب ته قوم جي نياڻين کي پنهنجون نياڻيون سمجهي سندن تعليم و تربيت ڪندي رهي ٿي.
رسمي خوش مرحبا بعد مون جيڪو پهريون سوال کانئس پڇيو، اهو هو ته توهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهنديون؟ بيگم صاحبه منهنجي سوال تي ٻڌايو ته: مان پاٽ شريف جي ”چنا“ گهراڻي سان تعلق رکان ٿي، منهنجي والد جو نالو مسٽر علي بخش چنا آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪليڪٽر ٿي رهي چڪو آهي. پنهنجو اباڻو ڳوٺ مون تقريبن ڇهن سالن جي عمر ۾ ڇڏيو آهي. پنهنجي تعليم جي باري ۾ بيگم صاحبه ٻڌايو ته مون قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ماسيءَ جي مڪتب ۾ ورتي، ٽيون ۽ چوٿون درجو سنڌي ميونسپل اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيم ۽ ان بعد انڊين گرلس هاءِ اسڪول مان انگريزي چار درجا پاس ڪري سينٽ جوزف ڪانوينٽ ۾ داخل ٿيس ۽ اتان ئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيم. ميٽرڪ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال کان ڪنئرڊ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتم، جتي آءٌ واحد سنڌي ڇوڪري هيس ۽ ٻيون سڀ پنجاب جون هيون. ان هوندي به منهنجي لياقت، اخلاق ۽ حوصلي کان متاثر ٿي مون کي ڪلاس نمائنده مقرر ڪيو ويو ۽ آءٌ مسلسل ٽي سا ان عهدي تي رهيس. بي اي فائنل ۾ مون کي هيڊ گرل چونڊيو ويو. ڪاليج ۾ اهو هڪ اهم عهدو سمجهيو ويندو هو. ان عهدي جي مقابلي ۾ مون کي 150 ۽ منهنجي مخالف پنجابي ڇوڪري فرح محمود کي صرف 49 ووٽ مليا، انهيءَ نمايان ڪاميابيءَ سبب منهنجي نهايت حوصله افزائي ٿي ۽ مان ڪاليج جي سوشل سرگرمين ۾ دل کولي حصو وٺڻ لڳس. آخر سن 1944ع ۾ مون بي. اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪيو.
ڪاليج کان پوءِ جي زندگي تي به ڪجهه خيال آرائي ڪريو ته جيڪر پڙهندڙن لاءِ ڪافي مفيد ٿيندو؟ ان سوال جي جواب ۾ بيگم صاحبه ٻڌايو ته بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ مون هڪ سال کن جفيلهرسٽ هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ملازمت ڪئي. 1945ع ۾ منهنجي شادي مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ڪسٽمس ۾ انسپيڪٽر هو ۽ هن وقت ڊي ايس پي آهي. 1955ع ۾ ايم اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرار مقرر ٿيس. انهيءَ ملازمت دوران 1963ع ۾ آڪسفورڊ وڃڻ ٿيو جتي ٽي مهينا رهي ”سترهين صدي جي انگريزي ادب“ جو مطالعو ڪيم ۽ اتي جي مشهور باڊلين لائبرري ۾ ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ڪري ڪجهه نوٽ به ورتم، جن جي مدد سان وقت ملڻ تي هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو ارادو اٿم. ان بعد ڪجهه عرصو لنڊن، پئرس ۽ روم ۾ گذاري واپس وطن هلي آيس. 1964ع کان سردا بهادر گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمت ڪندي اچان ٿي ۽ ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ پڻ پارٽ ٽائيم ليڪچرار آهيان.
لنڊن، پئرس ۽ روم جو ٻڌي يڪدم منهنجي ذهن سوالن جو رخ ڦيرايو ۽ مون پڇيس ته: توهان آڪسفورڊ، لنڊن، پئرس ۽ روم مان ٿي آيون آهيو ته مهرباني ڪري اتي ڪن اهم حقيقتن ۽ حالتن تي ڪجهه روشني وجهو؟ بيگم خميساڻي ذهن تي ڪجهه زور ڏيندي، هڪ دفعو وري ماضيءَ ڏانهن نظر ڪئي ۽ سڀ کان پهرين آڪسفورڊ جي باري ۾ ٻڌايائين ته: آڪسفورڊ ته رڳو ڪاليجن ۽ لائبررين جو شهر نه آهي، پر تجارتي مرڪز پڻ آهي. رستن جي ٻنهي طرفن ڪاليج ئي ڪاليج نظر ايندا جتان هر وقت ڪارن جبن ۾ ايندڙ ويندڙ شاگرد نظر ايندا آهن. شهر کان پندرهن منٽن جي پنڌ تي کليل چراگاه ۽ کيت نظر ايندا.... مان اتي اونهاري جي موسم ۾ ويئي هيس، هر طرف ساوڪ ۽ سونهن پکڙيل هئي... ننڍڙا ۽ سهڻا گل زمين تي ڇٻر سان گڏ ائين نڪرندا آهن ڄڻ ته هڪ تمام سهڻو غاليچو وڇايو پيو آهي. پهاڙ به اهڙن گلن ۽ سهڻن ساون وڻن سان سينگاريل نظر ايندا آهن. مطلب ته انهيءَ طرف جي ٻهراڙيءَ ۾ جا صفائي، رعنائي ۽ تازگي ڏٺم، تنهن مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
ڀلا لنڊن جي باري ۾ اوهان جا ڪهڙا تاثرات آهن؟ ان سوال جو جواب ڏيندي بيگم صاحبه ٻڌايو ته: لنڊن ۾ اهو ڏسي مون کي بيحد عجب لڳو ته اتي جا رهاڪو نيگرو (شيدي) وڌيڪ مهذب ۽ همدرد آهن. هنن کي پوشاڪ به تمام بهترين پيل هئي ۽ سندن مالي حالت به بهتر هئي، ڇو ته هو سخت محنتي آهن ۽ ان ڪري دولت به ڪافي ڪمائين ٿا. انهن ڳالهين ڪري هو سفيد فام عوام جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسوده آهن. باقي لنڊن ۾ گهڻو وقت رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ماڻهو اڪثر ڪري هوٽلن ۾ رهندا آهن، جتي کين اڪيلي ڪمري ۾ رهڻو پوندو آهي. نيرن لاءِ سڀڪو ڪمري مان نڪري کاڌي جي ڪمري ۾ ايندو آهي. اهو تڪليف ڏيندڙ منظر مون کي نهايت ئي عجب لڳندو هو، جو سڀ ڪو اڪيلو ماٺ ميٺ ۾ نيرن پيو ڪري... منجهند جي ماني هتي تمام هلڪي کائبي آهي ۽ نيرن ڳري. ڇو ته سڀ ڪو ڪم ڪار ۾ رڌل رهي ٿو ۽ پنهنجي هوٽل يا گهر کان گهڻو پري رهي ٿو. ان ڪري صرف ڪافي ۽ سينڊ وچ تي گذارو ڪندا آهن.
لنڊن شهر جي باري ۾ ٻڌايائون ته اتي جا رستا ماڻهن سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ته ماڻهن جو هڪ سمنڊ آهي جو وهندو پيو وڃي. ڇو ٿا وڃن، ڪيڏانهن ٿا وڃن، ڇا لاءِ ٿا وڃن؟ تنهن جي ڪابه خبر ڪانه پوندي آهي، پر جي ماڻهو پاڻ انهن سان شامل ٿئي ته پاڻ به ڄڻ انهيءَ وهڪري ۾ وهندو هليو وڃي. ماڻهن کي اهڙي ڪا بيچيني ۽ پريشاني ٿي معلوم ٿئي جو هو وتن ٿا هلندا ۽ ڦرندا ۽ هڪ هنڌ وهڻ کين آرام ئي نٿو ڏئي.
البت رهڻ جون جايون تجارتي مرڪز کان گهڻو ڪري پري هونديون آهن، جتي ڪافي سڪون ۽ خاموشي هوندي آهي. هتي جا اڪثر ماڻهو زمين جي اندران هلندڙ گاڏي، جنهن کي ٽيوب چوندا آهن، تنهن ۾ سفر ڪندا آهن، جي تمام تيز، سلامتيءَ واريون ۽ جلد جلد ايندڙ آهن. نئين ماڻهوءَ لاءِ بس ۾ چڙهڻ هڪ وڏي مصيبت آهي. مان ڪيترا دفعا غلط بسن ۾ سوار ٿيس ۽ نتيجو اهو نڪرندو هو جو وقت تي ڪڏهن به پهچي نه سگهندي هيس، جنهن ڪري نهايت ندامت کڻڻي پوندي هئي.
پئرس جي باري ۾ بيگم خميساڻيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اتي جا ماڻهو ڇا به ٿي پوي پنهنجي مادري زبان کان سواءِ ٻي ڪابه ٻولي ڪونه ڳالهائيندا آهن. اگر ٻي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪا سخت ضرورت درپيش پئي ته لکي ڏيندا،پر ڳالهائيندا نه. مون کي برٽش ڪائونسل وارن جيڪو گائيڊ بوڪ موڪليو هو، جنهن ۾ ڪجهه حصو هڪ لغت جو به هو، سو اتفاق سان مون کي لنڊن ۾ وقت تي نه پهچي سگهيو، نتيجو اهو نڪتو جو جڏهن پئرس پهتيس ته نه مان هنن کي پئي سمجهي سگهان ۽ نه هو مون کي. جيئن ته تن ڏينهن مون کي به فرينچ بلڪل ڪانه ايندي هئي، ان ڪري بعض اوقات اشارن کان ڪم وٺڻو پوندو هو. کل به ڏاڍي ايندي هيم ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي به هيئن جاهلن وانگر اشارن کان ٿو ڪم وٺڻو پوي. بهرحال، پئرس جا ماڻهو تمام همدرد آهن ۽ بنا پئسي توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. شايد انقلاب – فرانس جا اهي تاثر اڃا به منجهن آهن. شهر ۾ ڏيک ويک ۽ فيشن تمام گهڻو ۽ بازارون ڪافي خوبصورتي سان سينگاريل آهن. البت هتي مهانگائي وڌيڪ هئي ۽ خاص ڪري کاڌو تمام مهانگو پوندو هو. پئرس جي ماڻهن جي روزگار جو گهڻو دارومدار سياحت تي آهي.
اگر ممڪن هجي ته پڙهندڙن جي دلچسپي خاطر ڪجهه روم جي باري ۾ به ٻڌايو؟ مون هڪ ٻيو سوال ڪيو.
آمنه بيگم کلندي چيو: ضرور ! انگلينڊ ۽ پئرس ۾رهڻ بعد روم ۾ اچڻ سان مون کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ پنهنجي وطن جي بلڪل ويجهو اچي ويئي آهيان. روم جو صاف، سهڻو ۽ نيلو آسمان ۽ موافق ۽ وڻندڙ هوا پنهنجي وطن جي موسم – بهار جي ياد ڏياري رهي هئي. انهيءَ دوري جي ٽن مهينن ۾ مون پهريون دفعو روم ۾ هڪ کجيءَ جو وڻ ڏٺو ۽ هڪ دفعي شاهراه تي هڪ وڪٽوريا گاڏي ڏٺي. وڪٽوريا ڏسي مون کي حيرت لڳي ته هن سائنسي دور ۾ ههڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به هڪ گهوڙي واري وڪٽوريه استعمال ٿئي ٿي! ممڪن آهي ته هڪ ”دلچسپ گذشته ياداشت“ مثل کيس قائم رکيو ويو هجي... روم سڄو ئي خوبصورت آهي، ليڪن اتي جون عمارتون قديم وقت جي فن معماري جو هڪ زنده مثال آهن. عمارتن جو نمونو گهڻي قدر مسلماني فن معماري سان مشابهت رکي ٿو؛ جيئن ته مينار ۽ گنبذ اڪثريت ۾ نظر اچن ٿا. هتي جي مشهور عمارت ”سينٽ پيٽرسن برگ چرچ“ آهي، جو ڏسندڙن کي بلڪل حيران ڪري ڇڏي ٿو. هن شاندار، وسيع ۽ خوبصورت چرچ ۾ مشهور و معروف معمار و فنڪار مائيڪل ائنجلو جون ٺهيل مورتيون ۽ تصويرون رکيل آهن. اسان جو گائيڊ (راهبر)، جيڪو اٽلي جو باشندو هو، سو نهايت ئي خوش مزاج ۽ خوش خلق هو. کيس ڪيتريون ئي ٻوليون اينديون هيون ۽ اسان کي به هر هڪ ٻوليءَ ۾ پئي سمجهايائين. ڪنهن شخص کانئسن پڇيو ته هي بت اڃا تائين ڪيئن تازا رکيا آهن؟ جواب ۾ ڏاڍي مزي سان چيائين ته ”اِٽ اِز مريڪل موسيو“ (It is miracle Mousieuo) يعني ته اهو هڪ معجزو آهي، مسٽر!“ روم جي رهاڪن جي شڪل و شبيهه ۽ طور ۽ طريقا ڏاڍا وڻندڙ ٿين ٿا ۽ سندن نقش و رنگ ۾ به يورپ جي ٻين ملڪن کان فرق آهي ۽ ڪجهه مشرق ڏانهن مائل آهن، پر هتي جا ماڻهو ايترا ايماندار، صاف دل ۽ فراخدل نه آهن جيترا فرانس ۽ انگلينڊ جا.
هڪ سياحت جي مرڪز تي جيئن اسان جو ڪوچ اچي بيٺو ته هڪ ڇوڪري، جنهن کي ٽوڪري ۾ گل هئا، سا آئي ۽ اسان سڀني کي هڪ هڪ گل بنا پڇا ڳاڇا جي هڻڻ لڳي. اسان سمجهيو ته هي به ڪو روم جي مهمان نوازي ۽ آجيان جو طريقو آهي. تان جو خبر پئي ته جڏهن سڀني کي ٽاچنيءَ سان گل هڻي بس ڪيائين ته ڦري اچي سڀني کان پئسا گهريائين مون کي پئسا ته ياد ڪونه آهن ته ڪيترا ورتائين، پر اهو ياد اٿم ته گل جي قيمت کان بهرحال گهڻا هئا.
روم کي هڪ ته قدرت پنهنجي ساوڪ سونهن، گلن، ڦلن ۽ هيٺانهين مٿانهين سان سجايو آهي ته ٻئي طرف وري ماڻهن جي ڪوشش. مٿانهين هنڌ تي بيهي هيٺ نظر ڪبي ته نهايت ئي حسين قدرتي منظر ۽ خوبصورت عمارتون نظر اينديون مطلب ته روم اهو ئي روم آهي، جنهن کي مغربي شاعرن ايترو واکاڻيو ۽ ساراهيو آهي ۽ ٻيا شهر ڇڏي وڃي اتي رهيا.
بيگم خميساڻي پنهنجي مغربي ملڪن جي دوري جا تاثرات ڪجهه اهڙي دلچسپ طريقي سان پيش ڪيا جو دل چاهيو ٿي ته بس ٻڌندو ئي رهجي. بهرحال بيگم صاحبه هڪ اعليٰ تعليم يافته، صاف گو ۽ روشن خيال عورت آهي ۽ ساڳي وقت محنتي ۽ هڏ ڏوکي به آهي. پاڻ يورپ جي تهذيب مان بخوبي واقف آهي ۽ انهن جي خوبين جهڙوڪ وقت جي پابندي ۽ سچ ڳالهائڻ کي گهڻو پسند ڪندي آهي، پر ان سان گڏ يورپ جي اجائي بي راه روي کي به پسند نٿي ڪري.
منهنجي هڪ ٻئي سوال: ”ڇوڪرين جي تعليم، آزادي ۽ هڪ ڪامياب عورت جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“ جي جواب ۾ بيگم صاحبه چيو ته تعليم، مرد توڙي عورت لاءِ لازمي آهي، مگر خاص ڪري ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو مقصد هروڀرو ملازمت ڪرائڻ نه هئڻ گهرجي. اهڙي طرح عورتن جي آزادي لاءِ به آءٌ ائين چونديس ته هي دور عورت ۽ مرد کي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زندگي جو بار کڻڻ جو آهي، نه ڪي ٻڪر ٻوساٽ جو. عورت جي ڪاميابي ان ۾ به آهي ته هوءَ پنهنجي اولاد کي مثالي تربيت ڏئي قوم ۽ ملڪ کي بهترين فرد پيش ڪري، فرض کان سواءِ بهتر سماج جو وجود ۾ اچڻ ناممڪن آهي.
بيگم آمنه خميساڻي جا سبق آموز ۽ دلچسپ مشاهدات ۽ حالات بغور ٻڌي رهيو هئس... ۽ مون اندازو لڳايو ته هن جي زندگي ۾ ڪافي اهم واقعا ۽ موڙ آيل آهن... ڇو ته سندس چهري جي تاثرات ۽ آواز جي لهجي مان محسوس ٿي رهيو هو ته بيگم صاحبه پنهنجي زندگي کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي آهي... بهرحال وقت ڪافي گذري چڪو هو. ان ڪري هڪ آخري ۽ وقت جو اهم ترين سوال بيگم صاحبه اڳيان پيش ڪيم.
بيگم صاحبه! عورتن جي پردي ۽ مخلوط تعليم بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ شروع ۾ آئون پردو ڪونه ڪندي هيس، پر شاديءَ کان پوءِ مسلسل ڇهه سال مون پردو ڪيو. دراصل آئون اخلاق جي پاڪيزگي ۽ ڪردار جي بلندي کي اهميت ڏيان ٿي... جيڪڏهن اهي ٻئي خصوصيتون اسان ۾ موجود آهن ته پوءِ ظاهري پردي جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي پوي.
اهڙي طرح اگر يونيورسٽي ۾ مخلوط تعليم هجي ته ان ۾ ڪو نقصان ڪونهي ڇو ته اُتي هر ڪنهن کي پنهنجي نفعي نقصان جو فهم هوندو آهي ۽ انتظام به خاطر خواه آهي. البته سيڪنڊري اسڪولن ۾ جدا گانه تعليم هجي ته بهتر ، بهرحال مجموعي طور تي مان مخلوط تعليم ۾ ڪوبه عيب نٿي سمجهان.
(غلام نبي قاضي جو ورتل انٽرويو، جيڪو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ماهوار ”بادل “رسالي ۾ شايع ٿيو هو)