شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي عنصر
انگريزي ادب ۾ رومانوي تحريڪ (Romantic Movement) جو زمانو 1779ع کان وٺي 1830ع تائين سمجهيو وڃي ٿو: يعني 18 صديءَ جي آخر ۾ ۽ 19 صديءَ جي شروعات ۾ جنهن انداز جي شاعري انگريزيءَ ۾ رائج ٿي هئي، ان قسم جي شاعري 18 صديءَ جي شروعات کان به اڳ سنڌيءَ ۾ موجود هئي. انگريزي رومانوي گروهه جا مکيه شاعر، جن جي شاعريءَ ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪا مشابهت ۽ مناسبت آهي، اُهي آهن ورڊس ورٿ، شيلي، ۽ ڪي قدر ڪيٽس.
شايد ”شاهه“ جي ڪن شائقن کي اهو ڏکيو لڳي جو سندس شاعريءَ کي رومانوي شاعري سڏيو وڃي، پر هتي ”رومان“ (Romance) لفظ جي اها معنيٰ نٿي ورتي وڃي، جيڪا عام طرح سان ورتي وڃي ٿي. عام طور ”رومان“ لفظ جو مطلب عشق ۽ حسن جي قصن سان ڀرپور نظم يا نثر سمجهيو وڃي ٿو، پر ”رومان“ لفظ جي صحيح تعريف ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي. ”رومان“ اصل ۾ فرينچ لفظ آهي. هيءُ لفظ پهرين هيئن استعمال ۾ آيو جو جيڪي ڏيهي ٻوليون لئٽن (Latin) زبان مان نڪتيون، تن کي ”رومان ٻوليون“ (Romance Languages) چيو ويندو هو. ٿوري عرصي کان پوءِ، جيڪو به ادب انهن ڏيهي ٻولين ۾ لکيو ويندو هو، تن کي ”رومان“ جو نالو ڏنو ويو. آهستي آهستي اهو لفظ صرف اهڙن قصن ۽ آکاڻين لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جن ۾ حقيقت جي بدران طلسمي تصورات (Fancy) گهڻا هوندا هئا، ۽ جن ۾ حيرت انگيز واقعن کي ممڪن واقعن کان وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي. مطلب ته هر اُن ڳالهه يا شيءِ کي رومانوي سڏيو ويندو هو، جيڪا عام ڳالهين يا شين کان نرالي، حيرت انگيز ۽ اچرج جهڙي هوندي هئي. انهيءَ کان سواءِ، قدرتي نظارن جو بيان به رومانويت جي دائري ۾ ليکجڻ لڳو. نيٺ ان لفظ جي معنيٰ، آهستي آهستي ڦيرو کائيندي، انهيءَ تي اچي بيٺي ته اُها حالت، جنهن ۾ تصور (Imagination) کي عقل يا دليل مٿان ترجيح ڏني وڃي، تنهن کي ”رومانوي“ سڏيو وڃي. انهيءَ تعريف جي ڪسوٽيءَ تي ئي هاڻي رومانوي شاعريءَ کي پرکيو وڃي ٿو.
رومانوي شاعريءَ ”تصور“ کي تمام اوچي جاءِ ڏني آهي، ۽ ان کي بلڪل جداگانه انداز سان ڏٺو آهي. ان شاعريءَ جي اڳواڻن ۾ شاعريءَ بابت ٻيا کڻي ڪهڙا به اختلاف هجن، پر ”تصور“ بابت انهن سڀني جا رايا ساڳيا آهن. هنن ظاهر ڪري ڏيکاريو ته ”طلسم“ ۽ ”تصور“ (Fancy and Imagination ) ۾ تمام گهڻو فرق آهي. وهم Imagination جي اها طاقت آهي، جنهن مطابق اهي هڪجهڙيون شيون شاعر جي ڌيان ۾ اچن ٿيون، جن جون خاصيتون مقرر ۽ ساڳيون آهن، پر تصور من جي اها طاقت آهي، جنهن جي ذريعي شاعر تخليق ڪري ٿو. شاعر سندن نظرن ۾ فطرت جو ترجمان نه، پر تخليق ڪندڙ آهي. انهن شاعرن جو اعتقاد هو ته تصور جي قوت ۽ شاعرانه تخيل کان سواءِ شعر لکڻ بلڪل ناممڪن آهي. مذهبي ۽ مابعدالطبيعي (Metaphysical) سببن ڪري به رومانوي شاعرن تصور کي تمام گهڻي اهميت ڏني. سندن خيال مطابق، مذهب کي دماغ وسيلي نه، پر دل جي ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو. مذهب ۾ بحث مباحثي جي ڪابه جاءِ نه آهي، بلڪه اهو هڪ ذاتي تجربو آهي. سڀئي رومانوي شاعر مثالي هئا، ۽ سندن رايا به مثالي آهن. انهن جي فڪر جو مرڪزي نقطو انساني قلب آهي، جو ٻين سڀني انساني طاقتن تي حڪمران آهي. ان جي ڪري ئي انساني فڪر ۽ تخيل ۾ رنگيني ۽ رعنائي پيدا ٿئي ٿي، ۽ اهو ئي روحاني طاقت جو بنياد آهي. ٻين لفظن ۾، اهائي خدائي ذات آهي ۽ انهيءَ ذات کان ڪم وٺڻ کان پوءِ ئي شاعرانه تخليق وجود ۾ اچي ٿي. تنهنڪري رومانوي شاعرن تصور کي ايتري ته اهميت ڏني آهي جو هو ائين سمجهندا هئا ته رڳو تصور جي وسيلي ئي انساني زندگي آخرين طرح مڪمل ٿي سگهي ٿي، ۽ تصور ئي حقيقت جا اهم پهلو عيان ڪري سگهي ٿو. سندن اعتقاد هو ته تصور جي ذريعي ئي اها پروڙ پئجي سگهي ٿي، جيڪا عام طور انسان جي اختيار کان ٻاهر آهي. تصور جو لاڳاپو انهيءَ ڳجهيءَ طاقت سان آهي، جنهن کي پروڙ، ڄاڻ يا اندروني ٻوجهه (Intuition) چيو وڃي ٿو. درحقيقت تصور ۽ پروڙ کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. رومانوي شاعر تصور ۽ حقيقت ۾ ڪوبه فرق نٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪري ئي تخليق ۾ توانائي اچي ٿي. رومانوي شاعري شديد اُمنگن ۽ ڳوڙهيءَ حقيقت جو ميلاپ آهي. اهو رمانوي شاعرن جي اندر جو آواز هو، جنهن کين روحاني دنيا جي کوجنا ڪرڻ تي مجبور ڪيو. کين يقين هو ته اسين جيڪي به ظاهري ڏسون ٿا، سو انهيءَ لاءِ آهي ته ان جي ذريعي روحاني حقيقت کي ڳولي لهون. حقيقت جي تلاش ۾ ظاهري شيون هڪ وسيلي جو ڪم ڏين ٿيون. اڻ ڏٺل ۽ نامعلوم دنيا جي تلاش ڪرڻ هنن شاعرن لاءِ هڪ الهامي عمل (inspiration) هو. انهيءَ خواهش ۽ جستجوءَ ئي کين شاعر ٿيڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندن شاعري جوش، ولولي ۽ امنگن سان ڀرپور ۽ ٽمٽار آهي. انهن مان هر هڪ شاعر جو هي مقصد هو ته اڻ ڏٺل ۽ نامعلوم روحاني دنيا کي پنهنجي پنهنجي آزمودي مطابق بيان ڪن، جيئن سندن تخليق جو اثر نه رڳو دماغ تي پوي، پر ان کان ساري شخصيت پڻ متاٿر ٿئي. رومانوي شاعر سڀئي هن ڳالهه تي متفق هئا ته تصور جي ذريعي روحاني دنيا تائين پهچي، ان مطابق هن ٻاهرينءَ دنيا جي وضاحت ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهين روحاني يا اندروني دنيا ۾ اعتقاد نٿو رکجي ته پوءِ هن ٻاهرينءَ دنيا جي ڪابه معنيٰ نه آهي. هنن وٽ روح کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شي کي اهميت نه آهي. روحاني جستجو جي خواهش منجهن اهڙي ته زوردار آهي، جو جڏهن کين ان حقيقت کي پروڙڻ جو احساس ٿئي ٿو، تڏهن وجداني ڪيفيت سبب سندن شاعري ڪمال جي حدن کي ڇهندي محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ روحاني دنيا کان پري ٿا محسوس ڪن ۽ ان جي تلاش ۾ ناڪام ٿا ٿين، ته پوءِ سندن شاعريءَ ۾ مجبوريءَ، بيوسيءَ ۽ پريشانيءَ جا تاثرات نمايان هوندا آهن. رومانوي شاعرن جي نظريي مطابق، جيئن ته شعر چوڻ هڪ الهامي ڪيفيت آهي، تنهنڪري شاعر فقط ان وقت شعر چئي سگهندو، جڏهن مٿس اها ڪيفيت طاري ٿيندي. مولانا روميءَ به اهائي ڳالهه چئي آهي ته ”شاعري جزويست از پيغمبري“. يا جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:
”جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“
رومانوي شاعريءَ جي انهيءَ طويل ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ شاعريءَ جا ڪيترائي عنصر شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهن. انگريزي رومانوي شاعريءَ مطابق، شاهه جي شاعريءَ ۾ به تخيل ۽ تصور کي گهڻي ۽ بنيادي اهميت حاصل آهي. فرق رڳو هيءُ آهي ته رومانوي شاعرن پنهنجي شاعراڻي نظريي ۽ شاعراڻي ڪيفيت جي وضاحت ڪئي آهي، ۽ شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ بابت رڳو ڪن هنڌن تي نازڪ ۽ نفيس اشارا ڏنا آهن. ان هوندي به، شاهه جي ڪلام پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اُهي سمورا شعر اعليٰ پيماني تي موجود آهن، جيڪي رومانوي شاعريءَ جو بنياد آهن. روحاني جستجو، حقيقت جي ڳولا ۾ پاڻ وڃائڻ ۽ حقيقت سان هڪ ٿي وڃڻ، وري ان کان پاڻ کي پري سمجهي بيحد اداس ۽ بيقرار ٿيڻ، هن دنيا کي نه سمجهڻ، کان متاثر ٿيڻ ۽ انهن جي دلفريبيءَ ۽ دلڪشيءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ: مطلب ته شاهه سائين جي ڪلام۾ اُهي سمورا عنصر موجود آهن، جن جي ڪري مغربي رومانوي شاعرن ادب جي دنيا ۾ عالمي شهرت حاصل ڪئي.
حقيقت ۾ شاهه سائينءَ جو مرتبو انهن رومانوي شاعرن کان گهڻو اوچو ۽ مٿانهون آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ نه فقط هڪ اعليٰ درجي جو شاعر آهي، بلڪه هڪ صوفي ۽ ولي پڻ آهي.
(سوکڙي، جرنل: ترتيب شمشير الحيدري، سنڌي شعبو، يونيورسٽي آف سنڌ، 1964ع)