مرتب پاران
ميڊم پروفيسر خميساڻيءَ جو پهريون دفعو نالو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي انگريزي ادب پڙهڻ دوران ٻڌو هئم. هوءَ اسان جي داخلا کان ڪافي سال اڳ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ڪري چڪي هئي. ان دوران سندس علمي ۽ ادبي عظمت، هر استاد ۽ شاگرد جي وات تي هوندي هئي. سندس ڪجهه انگريزي ادب تي لکيل آرٽيڪل جيڪي انگريزي شعبي پاران نڪرندڙ جرنل ”ايريل“ ۾ شايع ٿيل هئا، اهي پڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. بهرحال، مون کي ميڊم امينه خميساڻيءَ سان ڪڏهن به روبرو ملاقات يا ڏسڻ جو موقعو ملي نه سگهيو!
شايد 2007ع جي ڳالهه آهي، نامور ڪمپيئر ياسر قاضي، ڪي. ٽي. اين تان ”ڪسوٽي“ جي نالي سان پروگرام ڪندو هو، جنهن ۾ پروفيسر قلندر شاهه ۽ ڊاڪٽر علي نواز شوق صاحب جن ايڪسپرٽ طور ويهندا هئا. ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، ياسر قاضي صاحب مون کي به دعوت ڏني هئي. مان پنهنجي پياري دوست جبار کهڙي سان پروگرام ۾ پهتس، جتي جبار کهڙي کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هن ميڊم امينه خميساڻيءَ جي شخصيت کي واريو هو. سائين قلندر شاهه دير ئي نه ڪئي، جبار جي واريل شخصيت کي سمجهي ويو ۽ آخر ۾ ميڊم جي باري ۾ تفصيلي احوال ٻڌايو هو. ان ڏينهن کان ميڊم جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تجسس رهيو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ميڊم جيڏي وڏي پائي جي ليکڪه هئي، پر سندس باري ۾ ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ سندس نالو به نه لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي تياريءَ دوران جڏهن ورق گرداني ڪندي صرف سليم چنا جو هڪ ننڍڙو مضمون ۽ سائين گل محمد عمراڻيءَ جو سندس آتم ڪٿا ۾ لکيل مضمون، ۽ هڪ انٽرويو ملي سگهيو. سندس ڪنهن به ڪتاب تي ڪٿي به لکيل تبصرو هٿ اچي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح، سندس شاگردن، انگلش ڊپارٽمينٽ جي سيمنار لائبريريءَ جي واسطيدارن سان لهه وچڙ باوجود، سندس ڪيترائي مضمون ، مقالا ۽ ڪالم پڻ هٿ اچي نه سگهيا. بهرحال، جڏهن سندس فرزند رياض احمد خميساڻي صاحب سان رابطو ٿيو ته ان نه صرف خوشيءَ جو اظهار ڪيو، پر ميڊم جا ڪجهه انگريزي مضمون به ڏياري موڪليا، جن لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان.
ڪٽنب ۽ شهر
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو تعلق دادو ضلعي جي شهر پاٽ شريف سان آهي. پاٽ، سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو بندرگاهه هو.”پاٽ“ جي سرزمين ڪيترائي عالم، فاضل پيدا ڪيا آهن، جن دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. انهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر ، عالم ۽ فلسفي هو. جسٽس زيڊ. اي. چنا، پروفيسر امينه خميساڻي، نالي وارو ڪامورو عبدالله چنا، ليکڪه بيگم زينت عبدالله چنا، نالي وارو عالم محبوب علي چنا، مشهور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ سليم الله صديقي ۽ موجوده دور جو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سليم چنا جو تعلق پڻ پاٽ شريف سان آهي .
پروفيسر امينه خميساڻيءَ جو شمار سنڌ جي نالي وارن عالمن، اديبن، شاهه جي شارحن ۽ تعليمدانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن زماني ۾ پاڻ تعليم جي حصول لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پهتي، اهو دور عورتن جي تعليم جي حوالي سان ڪو ايترو حوصله افزا نه هو. بهرحال سندس تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ هو. سندس والد خانبهادر علي بخش چنا سنڌ جو مقامي ڪامورو هو، سندس جنم پاٽ شهر ۾ ٿيو. هو ترقي ڪندي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. سال 1941ع کان 1942ع تائين سکر جو ڪليڪٽر رهيو. ان کان سواءِ مختلف شهرن ۾ خدمتون ڏنائين. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ برطانيه سرڪار 1935ع ۾ کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب ڏنو. نالي وارو قانوندان زيڊ .اي. چنا ميڊم خميساڻيءَ جو ڀاءُ هو.
جنم ۽ تعليم
پروفيسر امينه چنا جو اصل نالو آمنه چنا هو، پر ادبي دنيا ۾ هوءَ امينه جي نالي سان مشهور ٿي. سندس جنم 16 اپريل 1919ع تي ضلعي دادو جي شهر پاٽ ۾ ٿيو. والد جي مختلف شهرن ۽ کاتن ۾ نوڪريءَ هئڻ ڪري سندس رهائش ۽ تعليم مختلف شهرن ۾ ٿي. پاڻ قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ماسيءَ جي مڪتب ۾ ورتي، جيڪا پوري شهر ۾ جيجي عائشه جي نالي سان مشهور هئي. ٽيون ۽ چوٿون درجو سنڌي ميونسپل اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيائين ۽ ان بعد انڊين گرلس هاءِ اسڪول مان انگريزيءَ جا چار درجا پاس ڪري، سينٽ جوزف ڪانوينٽ ۾ داخل ٿي ۽ اتان ئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪنئرڊ ڪاليج (Kinnaird College for Girls) لاهور ۾ داخلا ورتائين، جتي هوءَ واحد سنڌي ڇوڪري هئي ۽ ٻيون ڇوڪريون سڀ پنجاب جون هيون. ان هوندي به ڪلاس ۾ سندس نمائندگي ٻين جي ڀيٽ وڌيڪ هوندي هئي. بي. اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال کن جفيلهرسٽ (Jufelhurst) هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1945ع ۾ سندس شادي مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت پوليس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو ۽ اڳتي ڊي ايس پي جي عهدي پهتو.
تعليمي ۽ تدريسي خدمتون
ميڊم امينه خميساڻي جي عظمت اها آهي ته پاڻ شادي شده هجڻ جي باوجود سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي ۾ داخل ٿي، جتان 1955ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب پاس ڪري ۽ ساڳئي شعبي جي ليڪچرار مقرر ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت دوران 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان Seventeenth Century English Literature جي عنوان سان ڊپلوما پڻ حاصل حاصل ڪيائين. پاڻ اهو ڪورس ٽن مهينن ۾ پورو ڪيائين، ان بعد لنڊن، پئرس ۽ روم جو سير و سفر ڪري واپس وطن آئي ۽ 1964ع کان سردا بهادر گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسيپال جي حيثيت سان خدمت سرانجام ڏيڻ لڳي ۽ ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار طور تدريس جو ڪم جاري رکيائين. هوءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ۾ ليڪچرار ٿي آئي هئي، اهو دور علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جو پويون دور ۽ ڊاڪٽر شمس الدين صديقي جي وائيس چانسلري جو شروعاتي دور هو. پاڻ 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان مڪمل طور وابسته رھي. پاڻ انگريزي شعبي جي ٽي دفعا چيئرپرسن رهي ، ان کان سواءِ مارئي هاسٽل جي پرو ووسٽ ۽ آرٽس فيڪلٽي جي ڇوڪرين جي ڪامن روم جي سنڀال به سندن ذمي رهي. هن سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1982ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ جي باوجود پاڻ ڪجهه سال، يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور تدريسي خدمتون جاري رکيائين.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي ادب جي تاريخ ۾ سندس شمار انتهائي قابل پروفيسرن ۾ ٿيندو هو. کيس انگريزي ۽ سنڌي ادب تي عبور حاصل هوندو هو. سندس دور ۾، انگريزي شعبي ۾ ”لٽرري سوسائٽي“ قائم هوندي هئي، جيڪا ڊراما اسٽيج ڪرڻ کان سواءِ علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ ڪرائيندي هئي. ان کان علاوه، اشاعت جي حوالي سان انتهائي شاندار ۽ معياري ريسرچ پيپرن تي مبني جنرل Areal جاري ٿيندو هو، جنهن ۾ انگلش شعبي جا پروفيسر ۽ شاگرد پنهنجا تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شاعري شايع ڪرائيندا هئا. ان دور ۾ ڊاڪٽر احسن فاروقي انگريزي ادب جو هڪ قابل پروفيسر طور ڄاتو ويندو هو. ساڳئي دور ۾ پروفيسر خالده سليم فاروقي جو به ڌاڪو هوندو هو. اهڙيءَ طرح انگريزي شعبي جو پروفيسر محمد اڪرم انصاري (1925-1984ع)، جيڪو شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ ۽ تعليمي ماهر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي جي جرنل ”ايريل“ ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن، کيس شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ تي هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا.
پروفيسر ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ (خير محمد لاڙڪ)، پنهنجي سخت مزاج طبيعت جي ڪري تمام گهڻو مشهور هوندو هو. ڪنهن سان به کلي ڪونه ڳالهائيندو هو، پر پنهنجي پڙهائڻ جي معاملي ۾ اڳڀرو هوندو هو، ڪڏهن به ڪلاس ڪونه گسائيندو هو. ڊان اخبار ۾ ڪالم لکندو هو ۽ انگريزي ادب جي حوالي سان پڻ ڪيترائي ريسرچ پيپر لکيا هئائين. هن جارج برنارڊ شاهه تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس ڪو به ڪتاب شايع ٿيل نه آهي. ميڊم جي جي شاگردن ۽ همعصر پروفيسرن ۾ ڊاڪٽر اسدالله لاڙڪ به هو، جيڪو پنهنجي پڙهائڻ جي انداز جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هو.
ان دور جي پروفيسرن ۾ عبدالغني شيخ به نشانبر آهي. هو ڪلاسيڪل پوئٽري (شاعري) ۽ ايسي رائٽنگ (مضمون نگاري) جا سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. جيفري چاسر جي Canterbury Tales جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل علامتن، استعارن ۽ تشبيهن کي بهترين نموني پڙهائيندو هو. سندس پيپر چڪاسڻ ۽ مارڪون ڏيڻ جو انداز سخت هوندو هو. پاڻ شاگردن کي ڪلاس يا ڪلاس کان ٻاهر سيکارڻ ۾ ڪنجوسي ڪو نه ڪندا هئا. هر وقت سندس آفيس جا دروازا شاگردن لاءِ کليل هوندا هئا. سائين جي آفيس ۾ هڪ جملو لکيل هوندو هو، جيڪو هر شاگرد جو ڌيان ڇڪائيندو هو:
“The busy bee has no time for sorrow”.
جيتوڻيڪ شعبه انگريزيءَ جا ڪافي استاد، ”ايريل“ نالي جرنل ۾ ريگيولر ريسرچ پيپر لکندا رهندا هئا، پر سائين عبدالغني شيخ صاحب تمام ٿورا پيپر لکيا، پر مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته سائين غني صاحب انگريزي ۾ شاعري ڪندا هئا.
سنڌ يونيورسٽي جي شعبه انگريزيءَ ۾ هڪ مڃيل عالم، اديب، پروفيسر ارجن لال جهمناڻيءَ جو نالو هن وقت فقط انهن کي ياد هوندو، جيڪي وٽس پڙهيا هئا، پر پاڻ انتهائي وڏا عالم ۽ اديب هئا. پاڻ برهم چاري، صوفي منش وحدت جي رنگ ۾ رنگيل شخصيت هئا. انگريزي ادب ۾ اهي مضمون پڙهائيندا هئا، جن ۾ صوفي عنصر جا بجا موجود هوندو هو. جانسن جي ”راسيلاس“ ۽ چارلس لئمب جي ”ايسيز آف ايليا“ ۾ به کيس صوفي رنگ نظر ايندو هو. پاڻ مختلف رسالن ۽ جرنلن ۾ انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪيترائي مضمون ۽ پيپر لکيائون. سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن کي اسان لال بابا چوندا هئاسين، اهو به صوفي شخص هو ۽ انگريزي شعبي جي لائبريريءَ ۾ لائبريرين هو. پروفيسر ارجن لال جهمناڻي، ميڊم امينه خميساڻيءَ جو شروع ۾ شاگرد هو ۽ بعد ۾ ميڊم جو ڪليگ بڻيو. هو شاھ لطيف جو ايڏو عاشق هو جو هڪ دفعو مون کانئس پڇيو ته ”سائين! شيڪسپيئر کي ڀٽائيءَ سان ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي“؟ ته دانهن نڪري ويس. ”چيائون چريا شاهه سائين نهايت بلند درجي جو معرفت جو شاعر آھي ۽ شيڪسپيئر هڪ وڏو Poet Dramatist آهي.“
ان دور جي ناميارو اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر سيد قلندر شاهه (1940-2020ع) پڻ ميڊم جي زماني جو هڪ مشهور انگريزي ادب جو استاد هو. سيد قلندر شاهه انگريزي ٻوليءَ کان وڌيڪ سنڌي ۾ لکيو. هن ’نائي نيڻ نهار‘ عنوان سان علامه اقبال جي فارسي ڪلام جو سنڌي منظوم ترجمو پڻ ڪيو. ميڊم جي شاگردن ۾، جيڪي بعد ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ استاد مقرر ٿيا، انهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب، بعد ۾ سول سروس ۾شامل ٿيو، ٻين ۾ پروفيسر آصف سهاڳ، پروفيسر عزيز پلي، ميڊم فريده پنهور، پروفيسر عارفه صديقي، محمد خان سانگي، غلام حيدر بلوچ، ۽ ڪي ٻيا شامل آهن.
ميڊم امينه خميساڻيءَ جي ڪلاس ۾ ڪنهن شاگرد کي مجال نه هوندي هئي ته ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي رکي سگهي. هوءَ گهڻو ڪري رومانوي شاعري، فڪشن ۽ ڊراما پڙهائيندي هئي. پاڻ مارڪن ڏيڻ ۾ به تمام گهڻي سخت هوندي هئي، اهو سبب آهي ته سندس سبجيڪٽ کي پاس ڪرڻ هر شاگرد جي وس جي ڳالهه نه هوندي هئي. بحيثيت انگريزي شعبي جي چيئرپرسن جي پڻ هو انتهائي سخت هوندي هئي. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. سندس خاص مصروفيتن ۾ لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، باغباني ڪرڻ، رڌ پچاءُ وغيره هو.
ذاتي زندگي ۽ اولاد
ذاتي زندگيءَ ۾ مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان لائون لهڻ کانپوءِ هن پنهنجي نالي جي اڳيان امينه خميساڻي لکڻ شروع ڪيو ۽ وفات تائين ائين ئي ڪيائين. سندس پنهنجي گهرواري ڊي ايس پي خميساڻيءَ سان تمام گهڻي دل هئي، جيڪو ۾ اُن وقت جي هوم سيڪريٽري محمد علي جوڻيجي سان ميٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو هو. پاڻ ان جي قبر جي ڪتبي تي شاهه لطيف جي بيت جون هي انتهائي ڏکايل سڪ ڀريون هي سٽيون لکرايون هئائين؛
هو ته هئا مهمان!
مون ڀانيو مون سان
هميشه هوندا سپرين
پروفيسر امينه خميساڻي نه رڳو اعليٰ درجي جي تعليم يافته هئي، پر اولاد جي به بهترين تربيت ڪيائين. سندس وڏو پٽ رياض احمد (پي. آءِ. اي ۾ انجنيئر ٿيو) ٻيو پٽ طارق (برٽش پيٽروليم ڪمپني اسلام آباد ۾ چيئرمين طور خدمتون ڏنيون) ۽ سندس نياڻي ياسمين ، دل جي بيمارين جي وڏي ڊاڪٽر ٿي ۽ آمريڪا وسائي. سندس زير تربيت ۽ ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهچي سندس لاءِ قابل فخر دلي خوشي جو سبب بڻيا. آخري عمر ۾ ضعيف عمر سبب هُن ڪيڏانهن به نڪرڻ تمام گهٽائي ڇڏيو هو. هُوءَ آخري ڀيرو سنڌ يونيورسٽي جي سَڏ تي انگلش ڊپارٽمينٽ پاران ڪرايل هڪ پروگرام ۾ 12 آڪٽوبر 2005ع تي شريڪ ٿي هئي.
سنڌ جي هن بين الاقوامي شخصيت 30 آگسٽ 2007ع تي پنهنجي خاڪي جسم مان نڪري پنهنجي روح جو ازلي سفر شروع ڪيو. کيس سوين آلين اکين سان ميوا شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جتي اڳئي سندس صوفي منش ڪليڪٽر پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ آرامي هئا. افسوس جو سنڌ جي نالي واري ليکڪه جي ياد ۾ نه ڪنھن اداري تعزيتي رفرنس ڪوٺايو، نه ڪنھن رسالي، ڪو خاص نمبر شايع ڪيو.
پاٽ شهر جو هڪ مشهور اديب سليم چنا لکي ٿو ته ”پروفيسر امينه خميساڻي باوجود اعليٰ تعليم يافته خاندان (پيءُ، ڀائر ڀينرون، مامي خان صاحب عبدالله چنا، ماروٽن ۽ ماساتن) جي پنهنجي ويجهن عزيزن يا وچئين طبقي جي مائٽن کي ڪڏهن به نه وساريو، هُوءَ امان جي گهاٽي ۽ پياري ساهيڙي هُئي، تنهنڪري امان سان گڏ توڙي اڪيلو (اسان ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ ) وٽس اڪثر ويندا رهندا هئاسين. سندس گهر موجوده هاءِ ڪورٽ جي سامهون هڪ پراڻي وڏي بلڊنگ ۾ هوندو هو، جيڪو اسان جي گهر کان ڏهه کان ٻارنهن منٽن جي پنڌ تي هو. “ (انمول هيرا، جيون ڪٿائون ۽ خاڪا، ص 88)
ميڊم امينه خميساڻيءَ جي ادبي عظمت
جنهن زماني ۾، ميڊم امينه خميساڻي لکڻ شروع ڪيو، ان زماني ۾ تمام گهٽ سنڌي عورتون ادبي ميدان ۾ موجود هيون، سندس دور ۾ نور شاهين، بادام ناتوان، امينه هاليپوٽو، روشن آرا مغل، ۽ بيگم خديجه خانم دائودپوٽو وغيره جا نالا اهم آهن، پر انهن مان ڪي گهٽ اديبائون هيون، جيڪي تحقيق جي ميدان ۾ آيون هجن. ميڊم امينه خميساڻي، انگريزي ادب توڙي سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ فيچر لکيائين. ميڊم امينه خميساڻي سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ادبي ۽ تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيا آهن. شاهه لطيف کان علاوه به سندس ڪي مضمون شايع ٿيل آهن، جيڪي خاص طور تي عورتن جي سماجي مسئلن بابت آهن. ميڊم امينه خميساڻيءَ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ خط به لکيا.هوءَ هفتيوار مارئي، جنوري 1973ع ۾ رسالي جي حوالي سان لکي ٿي ته ”مارئي وري هفتيوار صورت ۾ نڪري رهي آهي! اها اسان لاءِ ڪيتري قدر نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي! ڪهڙي نه اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان کي به پنهنجي قومي ارتقا ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. ذهني سرمايو ٻين سڀني انساني سرماين کان مٿاهون آهي. اهو نهايت ئي ضروري هو ته اسان عورتن جي زندگيءَ جي مسئلن جو ڪو ترجمان هجي، جا ڪمي بيگم زينت چنا پوري ڪرڻ جي همٿ ڪئي آهي، جنهن جي هوءَ قابليت رکي ٿي. پاڻ علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم لاءِ کيرون لهڻي. ”مارئي“ شل اسان جي قوم جي عورتن جي احساسن، خواهشن ۽ امنگن جو ڀرپور اظهار ڪندي رهي ۽ اسان جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشان رهي.“
1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن جي حيثيت جي حوالي سان پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. جولاءِ 1990ع ۾ سانا جي ڇهين ڪانفرنس هوٽل هاليڊين، ڪراچيءَ ۾ رکيل هئي، ميڊم امينه خميساڻي، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ پنهنجو پيپر پڻ پڙهيو هو.سندس خاص طور تي شاهه لطيف تي وڏو ڪم ٿيل آهي.
ڪهاڻيون ۽ فيچر
ميڊم امينه خميساڻيءَ شروع ۾ ڪي ٿوريون ڪهاڻيون به لکيون، پر انهن جو ڪو تعداد معلوم نه آهي، نه وري اها خبر آهي ته اهي ڪٿي شايع ٿيون. اسان کي سندس هڪ ڪهاڻي ”جنت جي حُور“ ملي سگهي آهي، جيڪا هندستان جي ماهوار رسالي ”جاڳرتي“ جي آگسٽ 1958ع واري پرچي ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي.
شاعري
گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ميڊم امينه خميساڻيءَ شاعري به ڪئي، پر اها ڪٿي شايع ٿي، اها معلومات ملي نه سگهي آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جي به خبر نه آهي، البته سندس ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعري انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل ايريل ۾ شايع ٿيل آهي.
مضمون، ڪالم ۽ ريسرچ پيپر
ميڊم امينه خميساڻيءَ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪي مضمون ۽ ڪالم به لکيا. پاڻ خاص طور تي ڊان اخبار ۾ خط ۽ ڪالم لکيا، جن ۾ عورتن جي مسئلن کان ويندي روزمره جي معاملن کي پيش ڪيائين. جيڪڏهن ڊان اخبار ۾ لکيل خط يا مختلف شخصيتن کي لکيل خطن کي گڏ ڪجي ته جيڪر سندس هڪ نئون ڪتاب جڙي پوندو. سنڌي مضمونن ۾ سندس ’سنڌ جي عورت‘، ’ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘، ’اسلام ۾ عورت جو مقام‘، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ وغيره به شامل آهن. سندس اڪثر انگريزي مضمون انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل Ariel ۾شايع ٿيل آهن. انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ پيپرن ۾ ڪي اهم هي آهن:
1. Philosophy of Goethe in Faust
2. Victorian Unrest
3. Revival of Poetic Drama
4. Stream of Consciousness and Modern Novel
5. T.S. Elliot’s Poetry in its Perspective
6. Themes and Symbolism in the Poetry of W.B. Yeats
7. Impressionism: drama of the individual
8. The impact of western thought on Dr. Iqbal’s poetry. Sindh University Research Journal, 11-12 (1972-73 )
9. Pakistani Women Pakistan Times Overseas Weekly, November 13, 1983.
10. Status of Women in Islam
11. The Woman of Sindh
12. Women’s Contribution to the Educational Development of Pakistan
13. Character Building
ان کان علاوه پاڻ ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ به لکيائين، جن ۾ الطاف شيخ صاحب جو سفرنامو ”ڳالهيون آهن ڳچ“ تي انگريزيءَ ۾ لکيل آهي. افسوس جو اڄ تائين ڪنهن به سندس لکڻين کي سهيڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پر هينئر سندس فرزند ۽ راقم الحروف سندس شاهه لطيف تي لکيل مضمونن کي گڏ ڪيو آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لاءِ خدمتون
ميڊم امينه خميساڻيءَ جون سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي طرفان انگريزي ڪتابن جي تياريءَ ۾ به تمام گهڻيون خدمتون آهن. پاڻ مختلف درجن جي انگريزي ڪتابن جي سبقن کان ويندي شاعريءَ جي چونڊ ۽ ايڊيٽنگ جو ڪم ڪيائون. ان حساب سان سڀني ڪتابن ۾ سندس ڪو نه ڪو ڪم ضرور ٿيل آهي. جڏهن ته Secondary Stage English: Book One for Class IX سمورو، سندس ئي ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان سواءِ پراونشنل ڪريڪيوليم ڪاميٽي، بورڊ آف اسٽڊيز انگلش ۽ اڪيڊمڪ ۽ حيدرآباد سڪينڊري بورڊ جي پڻ ميمبر هئي. ان کان علاوه ملڪي سطح تي هوءَ ”پاڪستان فيڊريشن آف بزنس ائنڊ پروفيشنل وومين“ جي صدر رهي، جنهن جي پليٽ فارم تان عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪيائين.
شايع ٿيل ڪتابن جو جائزو
ميڊم امينه خميساڻيءَ، پنهنجي سموري حياتي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. سندس ڪجهه مواد اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي ۽ ڪي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن، جن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:
Casual Peeps at English Literature
پروفيسر امينه خميساڻي هڪ علمي ادبي رڪارڊ رکندڙ هڪ انتهائي ذهين استاد هئي. کيس رومانوي انگريزي شاعريءَ تي عبور حاصل هو. ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪيٽس ۽ شيلي کيس برزبان ياد هئا. سندس علمي ادبي ميراث انگريزي علم ادب ۾ سنڌي ثقافت ۽ ادب کي شامل ڪري ان کي بين الاقوامي سطح تي پهچائڻ جي ڪاوش آهي. سندس پهريون ڪتابCasual Peeps in English Literature آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سندس انگريزي ادب جي مختلف موضوعن تي لکيل تنقيدي مضمون آهن، جن ۾ گهڻا رومانوي شاعري بابت آهن. هي ڪتاب 1973ع ۾ نسيم بوڪ ڊيپو حيدرآباد پاران شايع ٿيو.
Drama between World Wars
پروفيسر امينه خميساڻيءَ جو ٻيو ڪتاب، انگريزي ڊراما جي تاريخ تي آهي، جيڪو هن 1973ع ۾ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن جي چوڻ تي لکيو هو، پر افسوس جو ڪتاب شايع ٿي نه سگهيو. پر سندس ڊرامي تي لکيل ڪي آرٽيڪل انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل ايريل ۾ شايع ٿيل آهن.
Sindh’s Contribution to English Literature
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو ٽيون ۽ اهم ڪتاب (Sindh’s Contribution to English Literature)آهي، جيڪو سنڌ لاءِ انگريزي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب کي 1975ع ۾ سنڌ الاجي ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ڪتاب جو مهاڳ لکندي جڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:
Sindh’s Contribution to English an effort to bring before us. In one assemblage, intellectuals and writers of Sindh and their books whitening in English Mrs. Khamisani’s work in this neglected field of our intellectual life indeed commendable. It is a labour of love which has involved a great deal of particle. Diligence and erudition… “
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي 38 ناميارن عالمن، اديبن جي انگريزن ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن جو اعليٰ اڀياسي رايو آهي. انهن انگريزي لکندڙن ۾ هي اهم آهن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ليلارام وطڻمل، ديوان ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، منگهارام اڌارام ملڪاڻي، ديوان لالچند، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، منگهارام ملڪاڻي، لال سنگهه اجواڻي، حيدر بخش جتوئي، اي ايڇ جئسنگهاڻي، رانجي گردا سنگهه شاهاڻي، پير علي محمد راشدي، تيرٿداس هوتچند، جي. الانا ڪراچيءَ وارو، ضياءُ الله غلام علي، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، اي ڪي بروهي، پروفيسر جلباڻي، محمد ابراهيم جويو، پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، فيض محمد سومرو، پروفيسر اڪرم انصاري، ايم. ايڇ پنهور، مير خدا بخش مري، ذوالفقار علي ڀٽو، سيد قوي احمد، حليم بروهي، غلام حسين خاصخيلي ۽ حامد چنا شامل آهن.
Winchester Book of Verse
هي ڪتاب بي.اي جي ڪورس جي شاگردن جي لاءِ ترتيب ۽ ايڊٽ ٿيل آهي.
An Anthology of Short Stories
هي ڪتاب، بي.ايس.سي جي شاگردن جي لاءِ ترتيب ۽ ايڊٽ ٿيل آهي، جنهن ۾ انتهائي وڻندڙ ڪهاڻيون ڏنل آهن.
Report of status of women's Commission
هيءَ رپورٽ عورتن جي گڏيل مسئلن بابت آهي، جنهن کي ميڊم امينه خميساڻيءَ ٻين سان گڏ ترتيب ۽ ايڊٽ ڪيو هو.
Risalo of Shah Abdul Latif
پروفيسر خميساڻي جو آخري ۽ اڻمٽ ادبي ڪارنامو رسالو آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو انگريزي ترجمو آهي، جيڪو سال 1994ع ۾ مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن جو ٽيون ڇاپو 2012ع ۾ ثقافت کاتي ڇپايو آهي. اهو ترجمو به مڪمل رسالي جو ترجمو ڪونهي، پر جيئن پاڻ مهاڳ ۾ لکيو اٿس ته اهو ڪلياڻ آڏواڻي واري اختصاري رسالي تي مبني آهي. البته پاڻ شاهواڻي جي رسالي مان ڪجھه اهم بيت کڻي شامل ڪيا اٿن. هن لکيو آهي ته جون 1988ع ۾ پاڻ جڏهن آمريڪا ۾ ترسيل پنهنجي ڌيءَ ڏي گهمڻ ويئي، تڏهن اتي شاهه جو رسالو ترجمو ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ آيو. مهاڳ کان علاوه هن مقدمي يا تعارف جي جاءِ تي ٽي مضمون شاهه جي زندگي جو خاڪو، رسالو ۽ شاهه جو تصوف جي عنوان سان شامل ڪيا ويا آهن. پروفيسر امينه خميساڻي، محترمه ايلسا قاضي واري ترجمي کي ساراهيو آهي.
ان وقت جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سندس قابل شاگرد گل محمد عمراڻي سان انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن شاهه لطيف جي اصل بيتن سان اچڻ گهرجي، عمراڻي صاحب پنهنجي مانواري استاد جو مڪمل مان رکندي اُهو ڪم سرانجام ڏنو ۽ ٻيو ايڊيشن 2003ع ۾ اصل بيتن سميت ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن لاءِ پروفيسر امينه خميساڻي جا هي لفظ قابل تحسين آهن:
It was my ardent desire even at the first publication of my translation of Shah Abdul Latif’s Risalo to have the original verses attached to it this wish could not he accomplished at the time, for reasons better known to the department of Culture and Tourism. My happiness knows no bound that this wish of mine is being fulfilled. It was not only my wish to have the original verses attached to the translation but a number of Sindhi intellectuals. Scholars and lovers of Shah Abdul Latif’s Kalam has expressed this wish and contacted me on this point.
I am extremely grateful to my former intelligent and favorite student in English Department, University of Sindh, at present secretary of Culture and Tourism department Mr. Gul Muhammad Umrani for having made immense efforts in this task. I am proud of his high position and pray for even a better future for him.
پنهنجي هڪ اخباري ڪالم ۾ ميڊم امينه خميساڻيءَ جي باري ۾ گل محمد عمراڻي صاحب لکيو آهي ته ”1994ع واري پهرئين ايڊيشن ۾ فقط انگريزي ٽيڪسٽ آيل هو، جنهن کان پاڻ گهڻي تشنگي جو احساس رکندي وري 2002ع ۾ ٻئي ايڊيشن لاءِ پنهنجي شاگرد ڪي. بي رند (ان وقت جي چيف سيڪريٽري) کان بجيٽ وٺي منهنجي پراڻي ڊي. جي ڪلچر جي آفيس ۾ آڻي ۽ مون کي چيائين ته تون به منهنجو شاگرد ۽ رفيق انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو آهين ۽ هاڻي ان نئين ايڊيشن ۾ سنڌي ۽ انگريزي آمهون سامهون اچڻ گهرجي ۽ اهو ڪم توتي آهي. ”وڌيڪ ڇا لکان جو نرگيست جي دور ۾ رهون پيا. بهرحال ان ايڊيشن جي پيش لفظ ۾ محترمه خميساڻي صاحبه سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي هئي، پر مون ان کي ايڊٽ ڪري فقط اڌ ڪهاڻي ڇپائي ۽ اڌ ڪهاڻي ڇو ته حقيقت ۾ حق به حقدار رسد. استاد استاد آهي ۽ فارسي ۾ چوندا آهن ته ”جاءِ استاد خالي است“ واقعي به. “
Allama I. I. Kazi (A Multidimensional Personality), Sain Publishers Sehwan Sharif, 2002
هي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ ميڊم امينه خميساڻيءَ جو گڏيل ترتيب ۽ ايڊيٽ ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن جا علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي باري ۾ مضمون آهن. خود ميڊم جو پنهنجو مضمون به شامل آهي.
شاهه جي شاعريءَ جي موضوعاتي اهميت
شاهه عبد اللطيف ڀٽائي، دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي تمام مٿانهون مقام حاصل آهي. سندس، فن، فڪر، ادبي لاڙا، تعليم، ٻولي جو استعمال دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. سندس ڪلام سنڌ ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪندو آهي. سندس شاعريءَ ۾تعليم، محبت، اخوت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو. شاهه عبداللطيف جا خيال اعليٰ، مشاهدو گهرو ۽ وسيع آهي. سندس ڪلام سر ۽ سنگيت يا موسيقي سان هم- آهنگ ڪرڻ جو خوبصورت فن به رکندڙ به آهي. شاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته شروع ۾ ئي غير سنڌي عالمن، عملدارن ۽ اديبن سندس زندگي ۽ ڪلام تي تحقيق ڪئي آهي. موجوده دور ۾ سنڌي ادب ۾ گهڻي ۾ گهڻيون پي.ايڇ. ڊيءَ جون ڊگريون، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر جي موضوعن تي تي ٿيون آهن، شخصي حوالي سان گهڻي ۾ گهڻا رسالا به شاهه سائين جا ئي مرتب ٿيا آهن. تحقيق جي حوالي سان به گهڻا ڪتاب شاهه لطيف تي لکيا ويا آهن.
هونئن ته ادب ۾ جنس جي تفريق ڪرڻ جائز نه آهي، پر سنڌ ۾ جيئن ته عورتن کي تعليم جي گهڻي آزادي نه ملي سگهي آهي ۽ ادب ۾ سندن گهڻي شموليت نه ٿي سگهي آهي، ان ڪري عورتن جي ادبي ڪردار کي وڌيڪ اهميت سان ڏٺو ويندو آهي. ميڊم امينه خميساڻي، سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ قابل پروفيسر طور مڃي ويندي هئي، ۽ پوءِ هُوءَ شعبي جي سربراهه رهي. سندس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي انگريزي ۾ ڪيترائي مقالا سندس ذهانت ۽ قابليت جو ثبوت آهن. جنهن دور ۾ ميڊم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لطيفيات جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو، ان دور ۾ ڪنهن ٻي عورت اديبه جو اهڙو ادبي رجحان نه ٿو ملي. ان ڪري، مان کيس سنڌي ادب ۾ ”لطيفيات“ جي حوالي سان سنڌ جي ”خاتون اول اديبه“ سڏيان ٿو.
شاهه سان سندس عقيدت جي شروعات جي سلسلي ۾ سليم چنا لکيو آهي ته ”پروفيسر امينه خميساڻي جڏهن حيدرآباد اچي رهائش اختيار ڪئي ته کيس شاهه لطيف کي سمجهڻ جو وڌيڪ اتساهه مليو. شاهه جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنسون ۽ حيدرآباد جي علمي، ادبي ماحول ۾ شامل ٿيڻ جا کيس ڪيئي موقعا مليا. هُوءَ جيڪا انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، ورڊس ورٿ، ڪالرج، شيلي، جان ڪيٽس، ٽي ايس ايليٽ، برائوننگ، بائرن ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تي عبور رکندي هئي، هوءَ هڪدفعي حيدرآباد جي هڪ ميڙاڪي ۾ سُشيلا مهتاڻي کان نهايت عاجزي انڪساري سڪ ۽ اندر جي ڇڪ مان شاهه لطيف جا هي اعليٰ ٻول ٻڌي ٿي:
(اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي)
يا وري ڪنهن ٻئي دفعي نارو ڀڳت کان شاهه صاحب جي هي ڪافي ٻڌي ٿي.
ڪات قريبن جي اڳيان ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان!
يا جڏهن ڪنهن محفل موسيقيءَ ۾ هُوءَ استاد محمد ابراهيم کان ڀٽائي جو هي ڪلام ٻڌي ٿي:
ڌوٻي من جا نه ميرا، سڪ جو گهاٽ وڌائين.
۽ فقير عبدالغفور جو گونجندڙ آواز جڏهن سندس ڪنن تائين رسي ٿو.
”مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن“
تڏهن کيس ياد پوي ٿو انگريز دور حڪومت ۾ سندس ڪامورو پيءُ به صفا صوفي هو، جيڪو تصوف جو قائل هو ۽ ڪجهه صوفي رنگ ۾ شاعري به ڪئي هئائين ۽ هُو پنهنجي ڪليڪٽر پيءُ جي ڇڏيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي رٿابندي ڪندي شاهه لطيف جو تمام گهرائي سان ۽ گهڻو مطالعو ڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ اسان کي سڄو شاهه جو رسالو انگريزي ۾ منظوم ۽ ترجمي سان ڏئي ٿي. سندس اهو ڪمال جو ڪم نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا جي ادب جي ڪم جو انمول ۽ لاجواب ڪم آهي. “(انمول هيرا، جيون ڪٿائون ۽ خاڪا، ص 88)
سندس ترجمي ڪيل رسالي کي ثقافت کاتو شايع ڪري چڪو آهي. جڏهن ته سندس انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون، مقالا ۽ آرٽيڪل مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ ضرورت هئي ته انهن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻجي. مون ڪافي دفعا سوشل ميڊيا تي مضمون لکي، ميڊم جي شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن کي اجاگر ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته ميڊم جي حياتيءَ بابت ڪو مفصل مضمون لکيو وڃي ۽ سندس لکڻين کي گڏ ڪري شايع ڪرايو وڃي، جو گهڻن پوسٽ کي ته پسند ڪيو، پر افسوس ڪنهن به سندس مضمون گڏ ڪرڻ يا شايع ڪرڻ جي ذميواري نه کنئي، ان ڪري اها ذميواري مون پاڻ کنئي.
پاڻ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون ۽ مقالا لکيائون، جن مان سڀني جي معلومات ملي نه سگهي آهي، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن مان گهڻا مقالا شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر ڀٽ شاهه پاران مرتب ڪيل سالياني مخزن ۾ شايع ٿيا هئا ۽ ڪجهه ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿيا. سندس شاهه تي لکيل ڪجهه انگريزي مقالن ۾ هي شامل آهن:
1. Shah Abdul Latif and the English Romantic Poets a comparative study.
2. An Introduction to the Risalo of Shah Abdul Latif.
3. The Massage of Shah Abdul Latif.
4. The Triple Allegory in Shah Abdul Latif Sur Marvi.
5. Shah Abdul Latif’s Philosophy in “Sur Samoondi”
6. The Image of Women in Shah jo Risalo.
7. Concept of sacrifice in the poetry of Shah Abdul Latif
8. The Thematic Significance of Shah jo Risalo
9. Shah Abdul Latif as builder of Sindhi language
10. Shah Abdul Latif and the English Romantic Poets
11. Mysticism of Shah Latif
12. Basic Facts about the Rsialo of Shah Latif
جيئن مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ذاتي ڪوششن ۽ ڪجهه دوستن جهڙوڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب، پروفيسر خالد چنا صاحب، ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب، سليم چنا صاحب، ڪاظم بيگ مرزا صاحب، رياض بلوچ صاحب، عامر ڀٽي صاحب، حافظ احمد انڍڙ صاحب ۽ عبدالجبار کهڙي جي مدد سان ڪجهه سنڌي ۽ ڪجهه انگريزي مضمون ۽ مقالا هٿ اچي ويا، جن کي سهيڙي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ميڊم جي فرزند سائين رياض احمد خميساڻي صاحب جا به لک ٿورا، جنهن نه صرف هن ڪتاب جي اشاعت تي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪيو، پر ميڊم جي ڪجهه اڻ لڀ مضمونن جي تلاش ۾ پڻ مدد ڪئي. ان سلسلي ۾ ميڊم جو لکيل مضمون ”منهنجي امڙ“ ڏياري موڪليو ۽ پنهنجي ماسي شرف النساءِ چنا کان به تاثر لکرائي موڪلي ڏنو، جنهن لاءِ مان دل جي گهراين سان سندس شڪرگذار آهيان.
هتي قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ميڊم امينه خميساڻي جا گهڻا مضمون انگريزيءَ ۾ لکيل هئا ۽ ڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل هئا. منهنجي خواهش هئي ته ميڊم جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن سنڌيءَ جا پڙهندڙ سندس شاهه جي مطالعي کي آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لطيفيات جي حوالي سان هڪ سٺو اضافو ٿي پوي. ان لاءِ ضروري هو ته سنڌي ۾ شايع ٿيل مضمونن کان علاوه، انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه مضمونن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مضمونن کي چونڊي، سائين پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب، حبيب سنائي صاحب، محبوب علي مغيري صاحب ۽ منهنجي ذاتي ڪوششن سان ترجمو ڪري، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي مضمون، جنهن به مانواري سائين کان ترجمو ڪرايا آهن، مضمون جي آخر ۾ مترجمن جو نالو لکيل آهي. مان انهن سڀني مترجمن جو دل جي گهرائيءَ سان شڪرگذار آهيان. هتي اهو به اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته ترجمو آخر ترجمو ٿيندو آهي ۽ اهو اصل مواد جو نعم البدل ٿي نه سگهندو آهي. ان ڪري ترجمن ۾ ضرور ڪميون ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون. ميڊم جا جيڪي مضمون سنڌي ۾ شايع ٿيل آهن، انهن مان به اڪثر ترجمو ٿيل معلوم ٿين ٿا، ان ڪري اهو چئي نه ٿو سگهجي ته پاڻ ڪهڙا مضمون سنڌي ۾ لکيا هئا ۽ ڪهڙا، ڪنهن ترجمو ڪري شايع ڪرايا، ڇو ته انهن تي مترجمن جو نالو لکيل نه آهي.
ڏٺو ويو آهي ته جڏهن اسان جا ڪي محقق، شاهه سائين کي دنيا جي مختلف شاعرن سان ڀيٽيندا آهن ته کين ٻين شاعرن جو سڌي ريت مطالعو ئي نه هوندو آهي، پر ميڊم جي موجوده هن ڪتاب مان ڀلي ڀت خبر پوي ٿي ته کيس انگريزي شاعريءَ تي عبور حاصل هو، ان ڪري هن ڪيترن ئي جاين تي شاهه جي شاعريءَ جو انگريزي شاعرن سان تقابلي جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ هوءَ جس لهڻي. سندس مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس شاهه جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو هئڻ سان گڏوگڏ عقيدت به تمام گهڻي هئي. سندس تحريرن ۾ گهرائي ۽ فڪر جي بلندي آهي. هڪ تقرير ۾ ميڊم امينه خميساڻيءَ چيو هو ته ”شاهه صاحب جي رسالي ۾ جيڪي اکر ڏنل آهن ۽ اهي سڀ سنڌي آهن. اسين ان جي هڪ هڪ اکر کي املهه ماڻڪ ڪري سمجهون ٿا ۽ شاهه صاحب جي سنڌي هر ھڪ سنڌيِ ماڻهو جي لاءِ هڪ جامع ڊڪشنري آهي جنهن ۾ هن اڪيلي سر گهٽ ۾ گهٽ ۾ 24 هزار اکر سنڌ جي هرهڪ علائقي جا ڳولهي گڏ ڪيا آھن .“ هنن مضمونن ۾سندس ادبي عظمت ۽ لطيف سائين جي شاعري جي گهرائي سان مطالعي جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي.
هن ڪتاب ۾، ميڊم خميساڻيءَ جي لطيفيات جي مضمونن کان سواءِ، هڪ ڪهاڻي، ٻه انٽرويو، هڪ عورتن جي باري ۾ مضمون ۽ سندس امڙ جي باري ۾ لکيل تاثر به شامل آهن. ان کان علاوه، سائين گل محمد عمراڻي صاحب جو مضمون، جيڪو سندس آتم ڪٿا ”داستان گل“ تان ورتل آهي ۽ شرف النساءِ چنا صاحبه جو ميڊم جي حوالي سان ذاتي تاثر شامل آهن، جنهن مان ميڊم خميساڻيءَ جي ذاتي زندگي، تعليمي حصول، نوڪري، اولاد، گهرو زندگي، علمي، ادبي، سماجي سرگرمين جي به ڪافي حد تائين معلومات ملي ٿي.
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ اهم ڪتاب آهي، جڏهن ته شاهه لطيف تي لکيل سندس انگريزي مضمونن ۽ مقالن کي پڻ گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ جلد شايع ڪيو ويندو. ان کان علاوه، انگريزي ادب تي لکيل مضمونن کي به سهيڙي سگهجي ٿو. آخر مان شڪر گذار آهيان نالي واري شاعر، پبلشر ۽ ............. جو، جنهن ميڊم خميساڻيءَ جي اهم ڪتاب کي شايع ڪري، شاهه جي چاهيندڙن ۽ لطيفيات جي ماهرن جي دلي خواهش پوري ڪئي آهي.
مختيار احمد ملاح
ڪراچي