لطيفيات

شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

پروفيسر امينہ خميساڻيءَ ادب جي ميدان ۾ پنھنجي تحقيقي ڪم ذريعي نالو ڪمايو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي موضوعاتي اھميت، شاھہ جي رسالي جي بنيادي حقيقتن، شاھہ جي شاعريءَ جي سماجي اثرن، شاھہ جي شاعريءَ ۾ ايثار ۽ روحانيت، شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور، رومانوي عنصرن،  شاھہ جي شاعريءَ جو انگريزرومانوي شاعرن سان تقابلو، سُر ماروي، سُر سامونڊي سميت ٻين موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آھن. ڪتاب ۾ڪجه متفرق مواد ۽ انٽرويوز پڻ شامل آھن.

Title Cover of book شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

شاهه جي مارئي

شاهه عبداللطيف جو سمورو ڪلام وڻندڙ ۽ ٻول عام ڪهاڻين ۽ ڏندڪهاڻين جي روپ ۾ تمثيلي آهي. اسان جي صوفي شاعر، روح جو پنهنجي اصل کان جدا ٿي هن دنيا ۾ پڻ، هتي جي طرح طرح جي آزمودن ۽ غلط فهمين ۾ مبتلاٿيڻ، ۽ ان مان سبق پرائي وري پنهنجي اصل سان ميلاپ ڪرڻ جو منظر اسان جي سامهون رکيو آهي. پاڻ مون کي خالص ڪرڻ ۽ جرڪائڻ لاءِ ان کي باهه مان ٽپائڻو ۽ ڳارڻو پوندو آهي، انهيءَ طريقي سان روح کي جدا جدا آزمودن مان لنگهي، هزارين آزمائشن کي منهن ڏيئي، سون وانگر اجري، پنهنجيءَ منزل مقصود تي پهچڻو آهي. شاهه صاحب انهيءَ سموري سرشتي کي سر مارئيءَ ۾ هنن لفظن ۾ بيان فرمائي ٿو:
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦرا، مٿي ماڙين مينهن،
واجهائي وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نير منهنجو نينهن، اوجاري اڇو ڪيو.
روح جي انهن اڳتي وڌندڙ ۽ ترقي پذير منزلن جا مثال شاهه صاحب پنهنجي هر هڪ سورميءَ سان پيش ڪيا آهن. پهرين منزل اُها آهي، جنهن ۾ انسان دنيا جي هر نئين ڏيک ويک تي موهجي، پنهنجو اصل مقصد ان تان قربان ڪريو ڇڏي. جيئن ليلا هار مٿان موهجي، چنيسر جو پيار صدقي ڪري ٿي، پر پوءِ يڪدم پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿي، ۽ مٿس واضح ٿي ٿو وڃي ته کانئس ڪهڙي نه وڏي خطا ٿي ويئي آهي. جڏهن اهو محسوس ڪري ٿي ۽ پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿي، پاڻ کي جلائي ۽ پچائي ٿي، تڏهن کيس معافي ملي ٿي. ٻي اها منزل آهي، جڏهن مومل پنهنجيءَ دل کي ڪجهه تسڪين ڏيڻ لاءِ ڀيڻ کي راڻي جي لباس ۾ پاڻ وٽ رکي ٿي. اها به روح جي ڪمي آهي، جو انسان پنهنجو پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي فريب ۾ رکي ٿو. ان کان پوءِ ٽين منزل اها آهي، جا سسئيءَ کي طي ڪرڻي پيئي. پنهنجيءَ هڪ معمولي غفلت کان کيس ننڊ کڻي ٿي وڃي، ۽ حالتن جي پوري جائزي نه وٺڻ ڪري، ايتريون تڪليفون ڏسي ٿي. بهرحال، جڏهن پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪري ٿي، ان تي پڇتائي ٿي ۽ تڪليفون صبر سان برداشت ڪري ٿي، تڏهن وڃي پنهنجو مقصد حاصل ڪري ٿي. اُن کان پوءِ روح کي وري اُها منزل درپيش اچي ٿي، جا سهڻيءَ جي تمثيل ۾ شاهه صاحب ڪري ٿو. هن منزل ۾ روح پنهنجي اصليت کان ڪنهن به وقت غافل نٿو رهي. دنيا سندس راهه ۾ هر طريقي جون مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون وجهي ٿي، جن کي هو نج سمجهي، پنهنجي نصب العين ڏانهن وڌندو ٿو رهي. ان کان پوءِ اها منزل اچي ٿي، جنهن جي تمثيل ”مارئي“ آهي. هن جي منزل ۾ روح پنهنجين خامين ۽ ڪوتاهين کان نه، بلڪه دنيا جي مخالف طريقن جي ماتحت تڪليفن ۾ پوي ٿو، پر ارادي تي مستقيم رهڻ سان، آخر پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري ٿو. روح جي هن عجيب ۽ غريب سفر جي آخري منزل اها آهي، جا نوريءَ جي تمثيل ۾ بيان ڪيل آهي. هينئر روح بلڪل مڪمل ۽ پاڪ آهي، منجهس ڪابه ڪمي يا خامي نه آهي، ۽ اهڙي روح جي تلاش خود روح ڪائنات کي آهي، جو آخر کيس ڳولي لهي ٿو ۽ پاڻ سا هڪ ڪري ٿو. اهڙو ڪامل روح، نوريءَ وانگر، عاجز ۽ نياز جو جيئرو جاڳندو مجسمو آهي. جيئن جيئن ان جو رتبو وڌندو ٿو رهي، تيئن تيئن سندس عجز ۽ نياز وڌندو ٿو رهي. نوريءَ جو ڪردار عزازيل جي ڪردار جي برعڪس آهي.
سر مارئي، شاهه صاحب جي ٻين سرن کان مختلف آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب هڪ پاڪ ۽ لاثاني جذبو ڏيکاري ٿو، جيڪو حب الوطنيءَ جو جذبو آهي. وطن جي حب جو جذبو، هڪ نهايت اعليٰ ۽ تعريف لائق جذبو آهي. مارئي هڪ غريبڙي، ڌنارن جي ڇوڪري آهي، پر نهايت بلند اخلاق جي مالڪ آهي. هوءَ نه رڳو هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري آهي، پر ارادي جي پختي آهي، ۽ نهايت ئي باشعور آهي. ان سان گڏ وري بهادر ۽ رحمدل به آهي. عمر جڏهن هڪ مسافر جي روپ ۾ کانئس پاڻي ٿو گهري، ته هوءَ ٻين ڇوڪرين وانگر هن اجنبيءَ کان ڊڄي نٿي، پر رحم کائي کيس پاڻي پياري ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ دليريءَ ۽ نيڪيءَ جي کيس نهايت ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
جڏهن مارئي پاڻ کي عمر جي محل ۾ قيد ڏسي ٿي، تڏهن به سندس شجاعت ۽ ارادي جي پختگي اهڙي آهي جو عمر سندس عزت ڪري ٿو، ۽ کيس سوچڻ جي مهلت ڏئي ٿو. انهيءَ دوران هو طرحين طرحين لالچائڻ جا طريقا ۽ سختيون پڻ اختيار ڪري ٿو، پر مارئي نڪا پنهنجي وطن کي وسارڻ لاءِ تيار آهي، نه ماروئن کي، ۽ نه کيت کي. پنهنجا اباڻي ڪپڙا، جي هينئر ميرا ۽ ڦاٽل ٿي ويا آهن، سي به لاهڻ لاءِ هوءَ تيار نه آهي، ۽ نه وارن ۾ تيل وجهڻ لاءِ راضي ٿئي ٿي.
سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛
مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرُ ناهِ اُڪِيرَ؛
هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان!
عمر کيس محل ۽ ماڙيون، سون ۽ سينگار پٽ راڻي جو رتبو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آڇي ٿو، پر مارئي جواب ٿي ڏئيس:
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
ٿورو سوچي ڏسو، هڪ غريب ٻڪرار ڇوڪري تنهن کي وقت جو بادشاهه راڻي ڪرڻ لاءِ نهايت شوق آهي، ۽ ان لاءِ هو هر قسم جي ڪوشش آزمائي ٿو، آخر کيس هڪ ڌنار ڇوڪريءَ جي آڏو سر جهڪائڻو پوي ٿو. اها مارئيءَ جي لاجواب ڪاميابي آهي. اها ئي پڪار آهي ته:
ويڙهچي ڏي ويندي، عمر آءُ ماروئڙن ڏي ويندس،
سڱر ساهيڙين سين، ساڻيهه منجهه سٽيندي،
اُناهه ميهه ملير ۾، ڌڳا ڌٻڙ ڌئندي، ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.
اهو عام خيال آهي ته مارئي هڪ اڻپڙهيل، جاهل گنوار ڇوڪري هئي، پر شاهه صاحب جي هنن لفظن ۾ ظاهر آهي ته مارئي لکڻ ۽ پڙهڻ کان به واقف هئي ته:
الا اوٺي آڻين، جي نياپا نين،
آءٌ اُنين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين،
مس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين،
لڙيون نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي.
مارئيءَ جي هيتري سڪ ۽ اڪير رائگان نٿي وڃي شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”تون جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.“
آخر اباڻن جي پاران اوٺي اچي ٿو، ۽ مارئيءَ کي وڃي سموري خبر ڏئي ٿو ته ملير ۾ مينهن پيا آهن. مارئي روز ڪوٽ جي ڪنگرن مان انتظار سان پيئي اجهائيندي هئي ۽ ڳوڙها پيئي ڳاڙيندي هئي، تنهن جي بيچينيءَ جي حد نه رهي، جيڪا سڄو ڏينهن ويٺي اهي پور پچائيندي هئي ته سندس ماروئن ۽ ملڪ جو الائي ڪهڙو حال هوندو، سا بي انتها خوشيءَ وچان اوٺيءَ کان پڇي ٿي:
جَيڪُسِ اُٺا مِينهَن، مُنهان پوءِ مَلِيرَ ۾
ڪالَ سَڄو ئي ڏِينهَن، مُهِجَي اَکَڙِِيَنِ اُڪِيرِيو.
وري ورجائي ٿي پڇي:
سَچُ ڪِ اُٺا مينهن، مونهان پوءِ مِليرَ ۾،
ڏوٿِيَنِ لائِيا ڏينهن، پَهِرِيا جي پُسِيءَ کي
مينهن جي موسم ۾، ٿر، بر جي بدران، قدرتي گلستان بڻجي پوندو آهي. جتي ڪٿي ساوا گاهه ۽ سهڻا گل ڦل نڪري نروار ٿيندا آهن، ۽ ٿر جو هر باشندو طرح طرح سان رسمي طريقن سان خوشيءَ جو اظهار ڪندو آهي. وطن جي حب ۽ وفاداريءَ جو اهڙو ٻيو مثال دنيا جي ادب ۾مشڪل ئي ملندو. مارئي پنهنجي ٿر بر جون ڀٽون، وارياسيون زمينون، ڍٽ ۽ پٽ، ڪرڙ ۽ ڪانڍيرا، ٿوهر ۽ ٿوهر، مڃر ۽ مڪ، ڏٿ ۽ ڏونرا، ساٿون ۽ پڪا ۽ پڪ، کاٽونبا ۽ ميها، چڻا ۽ ڇيلڙا، کر ۽ کٿا، کاهيون ۽ کوهيون. مطلب ته وطن جي هر اعليٰ کان اعليٰ شي محلن جي عيش ۽ آرائش جي شيءِ ۾ ڪجهه به نٿي سمجهي. مارئيءَ لاءِ اهي سڀ حرام آهن، ۽ هر وقت ائين پيئي چوي ته جهڙي آئي آهيان، تهڙي ئي شل موٽي وڃان. انهن ئي ڪپڙن ۾، انهيءَ ئي لوئي ۾، اهڙن ئي حالن ۾! مارئي هڪ پل لاءِ به اميد نٿي لاهي، اها مارئيءَ جي هڪ وڏي خوبي آهي، جيتوڻيڪ کيس هڪ تمام وڏي طاقت سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ ته کيس اهو انديشو آهي ته مارو کيس وساري ويٺا آهن، جو وٽانئن ڪوبه نياپو ۽ سنيهو ڪونه آيو آهي. سندس حالت قياس جوڳي ٿي رهي آهي. پر انهيءَ انتها نااميديءَ جي حالت ۾ به هوءَ پنهنجيءَ آس ۽ اميد کي برقرار رکي ٿي:
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانهُون،
سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،
لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيهُه پَسَندِينءَ مارُئِي!
مارئيءَ کي وڏي اميد آهي ته ڪوٽ ۾ هوءَ ڪي ڏينهن آهي، جلد ئي پنهنجن مارن سان وڃي ملندي. آخر سندس اها اميد پوري ٿئي ٿي، مارن وٽان قاصد اميدن ڀريو نياپو آڻي ٿو:
اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَؤُ مَ مُنڌَ مَرِي،
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِيين ڪوٽَ ۾.
آخر اهو ڏينهن به اچي ٿو، جڏهن مارئي موٽي پنهنجي مارن وٽ اچي ٿي. ٻنهي ڌرين جي خوشيءَ جو ڪوئي ڪاٿو ڪونهي.
ان ريت، شاهه صاحب هن تمثيل ذريعي ڏيکاري ٿو ته روح جي زندگيءَ ۾ اهو امتحان به پورو ٿيو. آخر ۾، جتان آيو آهي، اتي موٽي وڃي ٿو. جيئن شاهه صاحب هي حوالو ٿو ڏئي: ”ڪل شيءِ ير جع الى اصلھ“، يعني هر ڪا شي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي.

(ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، مئي 1967ع تان ورتل)