ديباچو
مون سمجهيو. ميونسپالٽيءَ قاعدو پاس ڪيو ٿو ڏسجي تہ جيئن تہ فقيرن شھرن ۾ وئل مچائي ڏنو آھي، انھن جي چرڻ پرڻ تي چوڪسي رکجي. جتي ٿو فقيرن کي وڻي، تِتي سامان سڙو رکي، گهر ٺاھي ويھي ٿا رھن. ائين گندگي ٿي ٿئي. غريب ڀلا وڃن ڪيڏانھن؟ ھنن جا گهر ڪو مٽيءَ ۽ ڪاٺ جا ڪين آھن. انھن مسڪينن جي ڇِت آھي آسمان ۽ چار طرف آھن چار ڀتيون، انھن جي گهرن ۾ نہ آھن ڪمرا ۽ نہ ورانڊا، نہ گلم، نہ غاليچا. ڇِنل تڏو يا پراڻو ڳوڻ جو ٽڪرو وڇايو ويھيو رھن. جتي ويھن اھو گهر ٿيو پوين.
غريب منجهي پيا. خيال ۾ ئي نہ پيو اچين تہ ڪيڏانھن وڃون. ھمت بہ ڪانہ پيئي ٿئين جو حڪم جي انحرافي ڪن. آخر ھڪ ٻڍيءَ عورت ھڪ ملازم کي چيو، ”اڄوڪي رات جي مھلت ڏيو؛ سڀاڻي صبح جو ھتان لڏينداسين.“ ھو ملازم، جو اندر جو ڪٺور ٿي ڏٺو ۽ دل رحم کان خالي ٿي لڳس، چوڻ لڳن، ”توھين صفائيءَ جا دشمن آھيو، شھر ۾ گند ڪري ڇڏيو اٿو. مان ڪجهہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آھيان.“
”ڪاڏي وڃون؟“ ان پيرسن زال پڇيس.
ڪھڙو نہ پورو سوال؟ ويچارا ڪاڏي وڃن؟ ڪير انھن کي اجهو ڏيندو! غريبن جو ڪير حامي ٿيندو!! جيسين ڪو جواب مليس، تيسين ھن مائيءَ وري چيو، ”ڏينھن سڄو تہ کاڌي لاءِ ڀٽڪندي دربدر ٿيا آھيون، مگر رات جا ٻہ پھر بہ آرام نٿا سھو؟ اوھان جو آسرو پيسو آھي ۽ اسان جو ﷲ سائين. اڄ ڪالھہ تہ ﷲ بہ اسان سان رٺل ٿو ڏسجي“.
ھو بيدرد ملازم، جنھن ۾ انساني امنگ شايد ناس ٿي ويا ھئا، نہ مڙيو. ھن پنھنجو ضد پاڙيو. فقيرن کي اتان اٿاريائين. خبر نہ آھي تہ ھو ڪيڏانھن ويا، مگر انھي ھنڌان اٿي ويا. زالن ٻار ھنجن تي کنيا، تہ مردن وري ڪلھن تي سامان کنيو.
ھو ويا، اونداھي ھئي رات، تارا تہ آسمان ۾ انيڪ ھئا، پر تہ بہ ڪي چنڊ جي مٽ! ھو اونداھيءَ ۾ گم ٿي ويا. پر مان اتي ڪجهہ مدت بيٺو رھيس. اونداھيءَ ۾ ھڪ ٽڪ نھاريندي زيادہ انڌارو ڏسڻ لڳو.
”غريبن دنيا ۾ برابر گند ڪيو آھي.“ مون دل ۾ چيو. انھن جي گدلائيءَ جو ڪارڻ سندن غريبي آھي، سندن محتاجي آھي. ان ڪارڻ جي علاج ڪرڻ بدران، انھن جي مسڪينپڻي کي دور ڪرڻ بجاءِ، اسين انھن کي ڌڪاريون ٿا، کين سماج تي اڻ گهربل بوجو ٿا سمجهون. انھن کي صفائيءَ سيکارڻ بدران، اسين ان صفائيءَ جي صدقي، سندن، حياتيءَ جا قاتل ٿا بڻجون. غريبن جو رت شاھوڪارن لاءِ فنائيل آھي، جنھن سان ھو شھر يا گهٽين کي ڌئاري صفا ڪن ٿا.
انسان ڪھڙو نہ بيدرد آھي! غريب بہ تہ سماج جو جزو آھن. پوءِ انھن جي سڌاري لاءِ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟ شھر جي صفائيءَ ۾ رخنو ٿو پوي، تنھنڪري غريب رستن تي نہ ويھن. چوڻ ۾ ايندو آھي تہ پٽ ڌڻيءَ جو آھي. پر ھت تہ قصو ئي اور لڳو پيو آھي. مسافرخاني ۾ ٻن ٽن ڏينھن کان زيادہ رھيا تہ دربان حڪم ڪندن تہ ٻڌو ٽپڙ. شاھوڪار پنھنجن پاليل جانورن لاءِ خاص ڪمرا ٺھرائين ٿا. جن گهوڙن تي چڙھي ھو شڪار ڪرڻ وڃن ٿا. تن جي کاڌي خوراڪ ۽ رھڻ جو بندوبست رکيو وڃي ٿو. ڇا، غريب ماڻھو انھن جانورن جھڙو بہ نہ آھي؟ دولتمندن جا پاليل ڪتا سياري جي موتمار ٿڌ کان اندر ڪوٺين ۾ قابو آھن؛ ليڪن ويچارن غريبن کي کليل ميدانن تي سمھڻ جي اجازت بہ ڪانھي؟ ڪير انھن جو فرياد ٻڌي؟ غريبيءَ ۾ ڪھڙي ڪشش رکي آھي جو، آدمي ان طرف ڌيان ڏين؟
شاھوڪار قاعدا جوڙين ٿا، مگر انھن تي پيروي ڪرڻ جي جوابداري صرف غريبن تي آھي. قاعدن جون ڀڃڪڙيون شاھوڪار ڪن، پر سزائون غريبن لاءِ آھن. پيسي وارن جا گناھہ ثواب آھن، پر مسڪينن جا ثواب ڏوھہ ٿيو پون. غريب پيٽ پالڻ ڪري رستي تان لنگهندڙ شاھوڪار کان پيسي جي طلب ڪندو، ڪنھن مسڪين جو ٻار ھن جي ڪوٽ جي پلئہ کان ڇڪيندو تہ ھو خفي ٿي مٿس غصو ڪندو. پر جڏھن اھي دولت وارا غريبن جي جسمن مان ائين رت نپوڙي ڪڍن، جيئن ڪڪر مان پاڻي نپوڙبو آھي تڏھن انھن کي ڪير چوڻ وارو آھي؟
جنھن ملڪ جي رھاڪن ۾ ھمدردي ۽ رحم نہ آھي، اھو ملڪ انسانيت جي درجي کان ڪريل سمجهڻ گهرجي. اي انسان! خيرات اِھا نہ آھي تہ تون اسپتال اڏائين، مسافرخانن ٺھرائڻ لاءِ ھزار ڪڍي ڏئين، واٽھڙن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ٺھرائين ۽ باقي جيڪڏھن ڪو غريب جو ٻار رستي ۾ توکان پئسي جي طلب ٿو ڪري تہ، ھن کي ڇڙٻِ ڏيئي ڪڍين. غريب جي دل خوش ڪرڻ جھڙو ثواب ٻيو نہ اٿيئي. جيئن تون علم ۾ ترقي ٿو ڪرين ۽ وگيان ۾ وک وڌائيندو ٿو ھلين، تيئن تون دل جو وڌيڪ ڪٺور ڇو ٿو ٿيندو وڃين؟ جيترو تون پاڻ کي وڌيڪ عاقل ٿو سڏائين تيترو زيادہ بي رحم ٿو بڻجين!
ان رات واري واقعي بعد، مون پاڻ کان سوال پڇيو، غريبن جو ورثو اھو آھي؟ جواب مليم، ”صرف اھو نہ.“
غم، بيشڪ غريبن جو ورثو آھي. سانده ڏکن جي سھڻ ڪري سندن سيرت گهڙجيو ٿي پوي. جيتوڻيڪ کين ڏيڻ ۾ ھرڪو ڪيٻائي ٿو، تہ بہ ھو ڏيئي ڄاڻن. ٻيو ڪجهہ ڏيڻ لاءِ نہ اٿن، تہ پنھنجو پاڻ تہ اٿن. جيڪڏھن ڌن نہ اٿن، تہ تن ۽ من جو تياڳ تہ ڪو ھنن کان سکي! اسين عام طرح غريبن جي اوڻاين کان واقف آھيون. اسين چئون غريب چوريون ٿا ڪرين، ھو گدلا آھن. منجهن ظاھري تھذيب ڪانھي، ھو بي عمليءَ جي حياتي ڪاٽين ٿا؛ پر انھن جي خوبين کان اسين اڻ ڄاڻ ئي رھون ٿا.
قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آھن. غريبي ڇھون حواس آھي. ٻين حواسن جو تعلق جسم سان آھي. ھن حواس جو جسم ۽ دل ٻنھي سان. غريبيءَ ۾ جسم سھي ٿو تہ دل محسوس ڪري ٿي. غريب وڏيءَ دل وارا ٿين ٿا. سوڙھين جاين ۾ رھي بہ ڪشاديون دليون ٿا ڌارين. مھمان نوازيءَ ۾ شاھوڪار ساڻن برميچي نہ سگهندا. غريب آھن، ليڪن ڌڻيءَ جي ويجهو آھن. جيڪو ڌن ماڻھوءَ کي ڌڻيءَ کان پري ٿو ڪري اھو ڌن بہ ڌوڙ سمان آھي. اھا غريبي بہ چڱي جا مالڪ ياد ڏياري. ھو قربانيءَ جا ڪوڏيا آھن ۽ دل سچي رکي ڄاڻن.
اسين کين ڏوھہ ٿا ڏيون، پر ھو ھر حال ۾ بي ڏوھي آھن. ھرڪو چوي منجهن تعليم لاءِ چاھہ ڪونھي. انھن ۾ تعليم جي فائدن جي ٻوجهہ ۽ قدر نہ آھي. مگر ان لاءِ ھو ڪيئن ٿا جوابدار ٿي سگهن؟ انھن جي غريبي ان لاءِ ذميوار آھي. جيسين ماڻھوءَ جو پيٽ ڀريل نہ آھي تيسين ھو ٻئي ڪنھن بہ ڏس ۾ پنھنجو خيال ڊوڙائي نہ سگهندو. خالي ڳوڻ ڪڏھن بہ سنئين بيھي نہ سگهندي جن کي بدن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي ٽڪر نہ آھي، ۽ جيڪي ھڪ ويلو کائيندا تہ ٻئي لاءِ اٻالا نيڻ کڻي پيا واجهائيندا، سي علم ۾ ڪھڙو چاھہ وٺندا؟ سؤ ڪري اسين تحريڪون ھلايون تہ غريبن ۾ علم جو پرچار ٿئي ۽ کين زوريءَ تعليم ڏيون، پر ورندو ڪي بہ ڪين. پھرين انھن جي غريبيءَ جو علاج ڪرڻ گهرجي. غريب حياتيءَ جي ھر ڪنھن مسئلي کي پيٽ قوت جي نظر سان ڏسي ٿو. جيڪڏھن غريب کي چئبو ”تنھن جي ٻارن کي بنا پيسي تعليم ٿا ڏيون ۽ توتي ھو ڪنھن بہ قسم جو ٻوجهہ نہ پوندا“ تہ بہ ھو ناڪار ڪندو. ڇاڪاڻ جو انھن ٻارن کي جيڪڏھن ھو ڪپھہ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلي يا اھي ڪنھن زميندار وٽ ٻنيءَ تي وڃي بيھن، يا تغاري وڃي کڻن تہ، مھيني ۾ ويھہ يا ٽيھہ رپيا گهر ۾ کڻي ايندا. غريب پيسو ڏسي خوش ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تہ ان پيسي لاءِ ھو پنھنجو پگهر ڏئي ٿو. ھو محنت ڪري ٿو ۽ ان محنت جو اجورو اکين سان پسي گدگد ٿو ٿئي. انيڪ مثال لڀندا، جن ۾ غريب گهرن جي ڇوڪرن اڌ ۾ تعليم وٺڻ ڇڏي ھوندي. ھو پڙھن ڪين پورھيو ڪرين؟ ھن قصي جي سورمي ”حميد“ کي بہ ائين ڪرڻو پوي ٿو. منجهس علم لاءِ دلي شوق آھي. ليڪن ڪجهہ مدت بعد ھن کي اھو چاھہ مارڻو ٿو پوي ڇا اھا قرباني نہ آھي؟
غريبن کي مجبورا قرباني ڪرڻي پوي ٿي. ھن قرباني ذريعي ئي تہ زندھہ رھن ٿا. تياڳ تي انھن جي زندگيءَ جو بنياد ٻڌل ٿئي ٿو. ”جنت“ جي قرباني بہ بي نظير آھي. ھڪ مسڪين ڪڙميءَ جي ڌيءُ، ٻھراڙيءَ ۾ ڄاول ۽ نيل، قدرت جنھن جو سونھون ھئي، عجب ۾ وجهندڙ ڪم ڪري ٿي ڏيکاري. ھوءَ پنھنجي ساري حياتي ان ڪانڌ جي قرب ۾ ٿي گهاري جو ساڻس شاديءَ ڪرڻ کان اڳ ئي راھہ رباني وٺي ٿو وڃي؛ پر سندن نڪاح ٿيل ھو ۽ جنت دل ۾ حميد کي پنھنجو ڀتار ڪري چڪي ھئي. ھوءَ پاڻ سان سچي رھي. جنت اڃا حياتي ڪانہ ڏٺي ھئي. مگر جيڪي ڏٺائين سو حميد جي صحبت ۾. ھن کان پوءِ جنت ڪجهہ بہ ڏسڻ نٿي چاھيو. ھن جي دل ۾ ھينئر دائما رات ھئي، جنھن ۾ نہ چنڊ ھو، نہ تارا. قدرت جي گود ۾ رھي، انسان جيڪي پاڻمرادو پرائي ٿو، سو اسڪولي تعليم مان ڪٿي ٿو حاصل ٿئي!
نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي