16
حميد کي خانواھڻ ۾ بدلي ٿي آئي ڏيڍ مھينو ٿيو ھو. خانواھڻ جو ڳوٺ گهانگهرن جي ڳوٺ کان وڌيڪ وسھن وارو ھو، پر پنھنجيءَ دلربا کان سواءِ حميد لاءِ اتي بہ ويراني ھئي. پريم ئي آھي، جو ويرانيءَ ۾ وندر ڪري ٿو. ڏاڍو ٿي چاھيائين تہ خط جي دوران جنت سان پريم ونڊيان، ڇو تہ پريم جو پيغام وڇوڙي جي وڍن لاءِ مرھم جو ڪم ڏئي ٿو. خط پڻ ھڪ نموني جي گڏجاڻي آھي؛ خط ئي آھي جو جدائيءَ ۾ ميلاپ آڻي ٿو. ليڪن جنت ھڪ اڻ پڙھيل ڳوٺاڻي ھئي، جنھن کي لکڻ ۽ پڙھڻ جي ڪابہ ڄاڻ ڪانہ ھئي. ھوءَ نہ حميد کي پنھنجي دل جي راز کان واقف ڪري ٿي سگهي، نہ وري ھن جي اندر جي حالت معلوم ڪري ٿي سگهي. خطن دوران جلدي جلدي حال ونڊڻ ڪري، بہ عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ مفاصلو گهٽجي وڃي ٿو. وڇوڙي واري عرصي ۾ پريمين لاءِ خط ھڪ وڏو جياپو آھي. حميد گهڻيئي پريم جا داستان پڙھيا ھئا. تڙڦي رھيو ھو تہ مان بہ قلم کڻي دل جي درديلي حالت جو پني تي اظھار ڪريان پر وري جڏھن اھو خيال ايندو ھوس تہ جنت اھو پنو پڙھي نہ سگهندي، تڏھن ھن جي پريم تي ٿڌو ڇنڊو پئجي ويندو ھو. اڻ پڙھيل معشوق جي جدائي شل ڪنھن کي نصيب نہ ٿئي!
ھوڏانھن جنت بہ پاڻ کي سڪايل پيئي سمجهندي ھئي ٻھراڙيءَ جون ڇوڪريون، شرم جون ماريون، دل جون ننڍيون، سڀاءُ جون ھيسيل، دنيا جي آزمودن ۾ گهٽ ٿيون ٿين. پر ھنن جي دل ان شيشي جيان آھي، جنھن جي مٿاڇري تي ڪابہ مٽي لڳل نہ ٿي ٿئي ھو ارادن جون نيڪ، نيت جون صفا، اندر جون سچيون، انجام جو پڪيون، وفادار ٿيون رھن. بيوفا ماڻھوءَ لاءِ ھنن وٽ ڌڪار ۽ نفرت آھي جنت ھردم حميد جا خيال پچائڻ ڪري ھن کي خواب جي حالت ۾ ڏسندي ھئي. جيسين خواب آھي، تيسين تہ ان کي سچ ئي سمجهجي ٿو، مگر جڏھن ننڊ بعد ماڻھو سجاڳيءَ جي حالت ۾ اچي ٿو، تڏھن معلوم ٿو ٿئيس تہ جيڪي پاڻ سچ سمجهي ويٺو ھو، سو تہ صرف خواب ھو. جنت سان بہ اھا ڪار ٿيندي رھي؛ ۽ ھوءَ تہ چاھيندي ھئي تہ ھھڙا خواب پورائي نہ ٿين. اھا ننڊ بہ چڱي، جا پريتم جو ديدار پسائي. مومل ننڊ ڪري راڻو وڃايو؛ ليڪن جنت تہ ننڊ ۾ ئي حميد کي پائيندي ھئي. ويچاري ڀلا ڇا ڪري؟ ننڊ ۾ حميد سان روح رھاڻ ڪندي ھئي، تہ ننڊ ۾ کيس ڏوراپا پڻ ڏيندي ھئي. پريم جي غير حاضريءَ ۾ ساڻس رسڻ خواھہ پرچڻ جو موقعو جنت کي ننڊ ۾ ئي ملندو ھو. ڏينھن رات جي انتظار ۾ گذاريندي ھئي ۽ بعضي تہ ساري رات جو بہ خواب جي اميد ۾ لنگهي ويندي ھيس، اميد انسان کي دوکا ڏيئي، تہ بہ انسان اميد کي نٿو ڇڏي.
ھڪڙي دفعي ھڪ غريب مائي اوچيءَ مٽيءَ جا ڪي ٿانو کاريءَ ۾ کڻي ٻنيءَ وٽان اچي لنگهي. ھوءَ اھي ٿانو شايد ڳوٺ ۾ وڪڻڻ ٿي ويئي. جنت، جو کيس ڀرسان لنگهندو ڏٺو، سو ٿانون ڏيکارڻ لاءِ چيائينس. مائيءَ مٿي تان کارو لاھي ھيٺ رکيو ۽ جنت ھڪ ھڪ ٿانو ڪري ڏسڻ لڳي. ٿانون ڏسندي، ھن جي نظر وڃي ھڪ گهگهيءَ تي پيئي، جنھن تي وڻ جو نقشو نڪتل ھو. وڻ جي مٿين ٽارين مان ھڪ تي جهرڪ تہ ھيٺينءَ ٽاريءَ تي جهرڪيءَ مٿي جهرڪ طرف پئي نھاريو؛ مگر ھو اڏامي پاڻ ۾ ملي نہ ٿي سگهيا. جيئن پکين ھڪ ٻئي کي پئي ڏٺو، تيئن جنت وري سندن طرف ڏسي رھي ھئي. عاشق جي دل سڀ نظاري ۾ پنھنجي عشق جو عڪس پسندي آھي. جنت پکين کي ھڪ ٻئي جي پريم جو پياسي سمجهيو. ھن پاڻ ۾ گڏجڻ ٿي گهريو، پر ھنن جي تقدير ۾ نقاش صرف ھڪ ٻئي کي ڏسڻ ۽ ھڪ ٻئي لاءِ سڪڻ لکيو ھو. جنت اندر جو اندر ۾ خيال ڪرڻ لڳي تہ نقاش ڪھڙو نہ بي قياس ۽ بي درد ھو، جنھن ھن کي ھميشہ لاءِ وڇوڙو پسايو. نقاش کي ڪھڙو نقصان رسي ھا، جو ھو ٻنھي کي ھڪ ٽاريءَ تي ويھاري ھا ۽ پکين کي دل پوريءَ ڪرڻ جو موقعو ڏئي ھا؟ دنيا کي پريمين جي وڇوڙي مان شايد مزو ٿو اچي! جهرڪ ۽ جهرڪيءَ تي جنت قياس کائڻ لڳي. ھڪ ٻئي جو ھيترو نزديڪ ھوندي بہ ھو ھڪ ٻئي کان ڪيترو نہ پري ھئا! پکين جي جدائيءَ جنت کي پنھنجي جدائيءَ جي يادگيري ڏياري.
مائيءَ کي ڇڏي جنت ٻنيءَ طرف وري. ڪم ڪندي جيئن آسمان طرف اکيون کنيائين، تيئن اتي ڪڪر ھلندا ڏٺائين. ڪڪر ان طرف ڏانھن ٿي ويا جيڏانھن خانواھڻ جو ڳوٺ ھو. جنت جي دل ۾ آيو تہ پرينءَ لاءِ نياپو ڇو نہ ڏيان تہ وڃي چونس، ”سائينءَ ڪارڻ سپرين، پير اڱڻ منھنجي پاءِ.“ ھھڙا قاصد ڪي ٻيا! کانئن تڪڙو ٻيو ڪير ويندو ۽ دنيوي قاصدن ۾ حسد ٿئي؛ ليڪن قدرت جا قاصد تہ انسان سان ھمدردي ٿا ڪن. جنت کي ڄاڻ ھئي تہ محبت انسان کي پاڻ ڏي سڏي تہ انسان کي ان جي پٺيان وڃڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ان راھہ ۾ ڀيانڪ جهنگل ۽ درياھہ ھجن، جن مان پار لنگهڻ ئي ناممڪن ھجي، ھن پروڙيو ھو تہ جڏھن محبت انسان کي پنھنجي آغوش ۾ وٺڻ لاءِ ٻانھون ڊگهيڙي، تڏھن ماڻھوءَ کي پنھنجو وجود ان کي سپرد ڪرڻ کپي. جنت پنھنجو وجود حميد کي سونپيو ھو ۽ محبوب جي انتظار ۾ ھينئر بيچيني پسي رھي ھئي.