15
آخر حميد کي پري کان ايندو ڏٺائين. انتظار ويندو رھيو. ھينئر جنت جي منھن تي مرڪ نظر اچڻ لڳي. غم ۽ خوشي ڪيئن نہ انسان کي کلائين ٿا! جنت جي دل ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا. ھوءَ راڳ ڳائڻ لڳي:
”دل جون ڳالھيون ميان، آءٌ تہ توسان اوريان،
ڳجهيون ڳالھيون ڪريان ڪن سان تڪ ويٺي ٿي توريان،
سڳو تنھنجي سڪ جو، ساھہ اندر ٿي سوريان.“
اتي حميد اچي جنت جي سامھون بيٺو. جنت ڀرسان ھڪ وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي راڳ ڳائيندي رھي:
راتو ڏينھان ڪاڻ اوھان جي، چت ۾ چرخو چوريان،
اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ گهڻو ئي گهوريان.
”جنت، اھو راڳ تہ تو مون کي اڳ ۾ ڪونہ ٻڌايو آھي.“ حميد سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي چيو.
”اڄ جھڙو انتظار وري اڳ ۾ ڪڍيو اٿيئي ڇا؟“
”انتظار کان پوءِ ئي تہ ملڻ ۾ سچو مزو ايندو آھي. جنت! پوئين مصرع تہ وري چئہ!“ حميد جنت کي پنھنجين ٻانھن ۾ جهلي چيو.
جنت اکيون حميد جي اکين سان ملائي، جهيڻي پر سريلي آواز سان چيو، ”اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ گهڻو ئي گهوريان.“
”تو مون کي ياد ڪيو تہ مان آيس.“
مان تہ توکي ڏينھن رات ياد ڪندي آھيان؛ پوءِ تون ڪين ايندو آھين؟“
”تو ڪين چيو تہ خوابن ۾ مون کي ڏسندي آھين؟ مان تہ تو وٽ ننڊ ۾ ٿو اچان.“
”جاڳندي تہ انتظار ڪڍائين ويٺو؛ تنھنجي مرضي آھي تہ ننڊ ۾ بہ انتظار ڪڍان ڇا؟ ننڊ ۾ تہ منھنجي قبضي ۾ آھين.“
”ننڊ ۾ جي مان تو وٽ آھيان، تہ تون بہ مون وٽ آھين.“
”جيڪي ڏينھن نہ ڏئي، سو رات ڏئي. رات آھي ڪاري پر دل ڪھڙي نہ نرم اٿس! وڇڙيلن جو ميلاپ رات ئي ٿي ڪرائي. ڪيترن جون دعائون کٽندي ھوندي! عاشقن لاءِ ڏينھن تہ جيڪر ٿئي ئي نہ. ھنن لاءِ رات جي اونداھہ ۾ ئي روشني آھي.“
”جنت، اڄ تون ڪھڙي نہ قرب ڀريون ڳالھيون پيئي ڪرين! اڄ تون مون کي ھونئن کان زيادہ وڻندڙ پيئي لڳين.“
”ڇو؟ مون لاءِ تہ تون ساڳيو ئي آھين.“
”مون کي ڪجهہ معلوم آھي، جنھن جي اڃا توکي ڄاڻ نہ آھي.“
”اھو ڇا آھي؟“
”ھيءَ اسان جي آخري ملاقات آھي!“
”آخري!“ جنت، حميد جي ڀاڪر مان ٻاھر اچي، عجب مان پڇيو.
”يعني ھيءَ اھا ملاقات آھي، جنھن بعد خبر نہ آھي تہ گهڻيءَ مدت تائين وڇوڙو پسڻو پوي.“
”تون مون کي ڇڏي ٿو وڃين؟“ ڀريل دل سان جنت حميد کان پڇيو.
”جنت، مان لاچار آھيان.“
”اھڙي ڪھڙي لاچاري آھي.“
”منھنجي بدلي ٿي آھي.“
”بدلي!“
”انھن ئي خيالن ۾ ئي تہ ويٺو ھوس، جو تو وٽ اچڻ ۾ دير ٿي. پاڻ کي پئي چيم تہ توکي ڇا اچي ٻڌايان. سمجهيم تہ توکي صدمو رسندو، مگر توکان لڪائڻ بہ تہ ٺيڪ نہ ھو.“
جنت ماٺ ۾ ھئي. حميد سندس ساڄي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو، ”مگر، جنت مان توکي وساريندس نہ. اسان جي وچ ۾ مفاصلو برابر ٿيندو؛ اسان ٻنھي جا جسم پاڻ ۾ نہ ملندا ليڪن مفاصلو دلين جي ميلاپ کي روڪي نٿو سگهي.“
”تون وڃين ٿو؟“ جنت منھن ۾ نھاري چيس، ڄڻ تہ ھن کي ٻيو ڪجهہ سمجهہ ۾ ئي نہ ٿي آيو.
”ڀلا ٻڌائينم تہ ڇا ڪريان؟“
”جي نہ وڃين تہ؟“
”نوڪريءَ کان جواب ملندم.“
”پوءِ محبت ڇو ٿي ڪيئہ؟“
”ڇا، غريبي ماڻھوءَ کي پيار ڪرڻ کان بہ روڪي ٿي؟ غريب محبت ڪري نٿا سگهن؟ جنت، تون چئي ڇا رھي آھين؟“
”حميد، تون مون سان مسخري تہ نٿو ڪرين؟ تون منھنجي محبت کي آزمائڻ تہ نہ ٿو چاھين؟“
”نہ، جنت، منھنجي بدلي ٿي آھي.“
”حميد، تو منھنجا خواب ئي خواب ڪري ٿو وڃين. تنھنجيءَ محبت مون کي اڏامڻ سيکاريو. ائين سمجهندي آھيان تہ ھوا تي ٿي ھلان. تو مون کي خوشي ڏيکاري؛ پر غم بہ وري تون ئي ٿو ڏيکارين! تو مان غم جي تہ مون کي اميد ئي ڪانہ ھئي. تنھنجي پيار منھنجي لاءِ ساري دنيا ھڪ روشن گهر ڪري ڇڏيو. پر تون مون کان سڀ کسي ٿو وٺين. جيڪي ڏنئہ تنھن کان بہ وڌيڪ کسي ٿو وٺين. اڳ تہ خبر ئي ڪانہ ھيم تہ پيار ڇا ٿيندو آھي. تون اھا ڄاڻ ڏيئي وري اڪيلائيءَ ۾ ڦٽو ٿو ڪرينم! تو برابر ان ڏينھن چيو تہ ماڻھوءَ جي خوشي عارضي آھي.“ حميد جي ھٿن ۾ جيڪو بدليءَ وارو حڪم ھو، ان ڏانھن اشارو ڪري، جنت چيو، ”ڪاغذ تي لکيلن ٿورن اکرن ۾ ايتري طاقت آھي، جو اھي منھنجيءَ قسمت ۾ ڦيرو آڻي سگهن ٿا!“
”جنت، تون اجايو وھلور ٿي وڃين. تو لاءِ اندر ۾ جا محبت اٿم، سا تہ قائم ئي رھندي.“
”مطلب تہ سرڪاري نوڪرن سان نينھن نہ رکجي. ھو پنھنجي وس ڪونھن. ھنن کي حڪم جي تعميل ڪرڻي پوي ٿي. اڄ ھڪ ھنڌ ھوندا، تہ سڀاڻي ٻئي ھنڌ. ھنن جي آزادي ٻين جي ھٿن ۾ آھي.“
ائين چئي، جنت ٻيئي ٻانھون حميد جي ڳچيءَ ۾ وجهي، آلين اکين سان ڏانھس نھارڻ لڳي. ٻيئي ڄڻا ڪجهہ وقت تائين بنا ڳالھائڻ جي ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھيا؛ چؤطرف ماٺ ھئي. جنت چيو، ”حميد، مون کي ڇڏي نہ وڃ! مان تنھنجي پيار جي بکي آھيان. اھو مون کي ڏيندو رھہ. روبرو ھجيم؛ مون کان پري نہ وڃ. اسان جي محبت اڃا شروع ئي مس ٿي آھي، تہ تون وڃڻ جا سانباھا بہ ٿو ڪرين! توھين مرد دل جا ڪھڙا نہ سخت ٿا ٿيو!“
”جنت، انسان جي دل تہ ڍاپجڻ جي نہ آھي. جيئن باھہ ۾ ڪيتريون بہ ڪاٺيون وجهبيون تہ اھي ٻري ڀسم ٿي وينديون پر باھہ جي بک پوري نہ ٿيندي، تيئن انسان جون خواھشون پڻ پوري ٿيڻ جون نہ آھن.“
”پنھنجيءَ محبت ۾ ڦاسائي پوءِ نصيحتون ٿو ڏنيم.“
”جي تون ڦاٿل آھين تہ مان وري ڇٽل آھيان ڇا؟“
جنت ڄاڻي ٻجهي منھن ۾ ڳنڀيرتا آڻي چيو، ”ڦاٿل آھين يا ڇٽل آھين، تنھن جي مون کي ڪھڙي خبر؟“
حميد سندس منھن ۾ نھاري چيو، ”چور ڪڏھن چوري باسيندو آھي.“
ان وقت بتين ٻرڻ جي مھل ٿي ھئي. ڀرسان رستي تان ڪو چارڻ ستار تي ڪافي ڳائيندو پيو ويو. سانت ھئڻ سبب ڪافيءَ جون سٽون چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آيون. جنت، حميد جي ڳچيءَ مان ساڄو ھٿ لاھي، جنھن طرف کان آواز پئي آيو، تنھن طرف نھارڻ لڳي. حميد جو خيال پڻ ان پاسي ويو.
آءُ تان گڏ گذاريون، ري ڏکيا سي سکيا ڏينھڙا
ڳالھيون ڪيون جي ڪالھہ اسان سان، ڪيئن تو يار وساريون
ڳچيءَ پائي ڪپڙو سائين الا، دوست ڪريان ٿي زاريون
راتو ڏينھان توکي دلبر، سانول ويٺا ساريون.
جنت چيو، ”ڪھڙي نہ وقتائتي ڪافي! اھا ڪافي تہ ڄڻ منھنجيءَ دل جو آواز آھي. محبت ۾ تہ شايد ڪرڻيون ئي زاريون ٿيون پون. ھو ڪافير بہ ڪو ستايل ٿو ڏسجي.“
”جنت، ايندڙ جدائيءَ جي خيالن ۾ تون وصال جي مزي ماڻڻ کان بہ پاڻ کي محروم ٿي رکين. آئيندي کي ڇڏ؛ حال کي وٺ. ھينئر تہ گڏ آھيون نہ! تون ميلاپ ۾ بہ جدائي آڻيو ٿي وجهين.“
”حميد، وري ڪڏھن مون وٽ ايندين؟“
”پھرئين وجهہ ملڻ تي مون کي بہ ڪا تو کان گهٽ انتظاري ڪانہ ڪڍڻي پوندي.“
ائين چئي، حميد جنت کان موڪلايو جنت جي نيڻن مان نير جاري ھو. ھن کي روئندو ڏسي، حميد چيو، ”پياري جنت، دلگير نہ ٿيءُ.“
جنت پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهندي چيو، ”سا ڪندي ڪيئن اقرار، جنھن جو ھيئڙو جتن سان.“
”خدا حافظ!“ حميد چيو.
جنت وراڻيو، ”خدا حافظ!“
حميد جيئن جنت کان موڪلائي واپس موٽي رھيو ھو، تيئن سندس ڪنن تي ھيٺئين راڳ جو آواز پيو، جو جنت سندس وڃڻ بعد چوڻ لڳي:
جي چئن ڏينھن لئہ يار ٿيا،
ڏيئي درد سي آخر ڌار ٿيا،
وڃي پاڻ ڪتي تہ قرار ٿيا،
منھنجو منڙو مفت منجهائي ويا.