ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

6

حميد لاءِ ھڪڙي ھئي غريبي، ٻي اڪيلائي، ڏينھن ۽ رات جو ڳچ حصو ھن لاءِ فڪر ۽ بي آراميءَ ۾ گذرندو ھو. جيئن وھندڙ پاڻيءَ ۾ ماڻھو پنھنجي شڪل چٽي ريت نہ ڏسي سگهندو آھي. تيئن حميد خيالن جي ڀٽڪڻ ڪري پنھنجيءَ دل جي سچيءَ حالت کان واقف ٿي نٿي سگهيو. پاڻ کان پڇڻ لڳو تہ ھاڻي ڇا ڪريان، انسان کي ڇا نٿو گهرجي! بخشڻ ۽ سچل وٽ رھڻ ۽ کائڻ ھن کي گهٽتائي ٿي لڳي.
دک روپ دنيا ۾ جتي ڪشمڪش لڳي پيئي آھي، ھن کي روزي ھٿ ڪرڻي آھي. ڪنھن ڏينھن شام جي وقت ڳوٺ جي ٻاھران حميد اڪيلي سر ننڍڙو پيچرو وٺي پئي ويو. واٽ تي ھڪ وڻ ھيٺان ڪو درويش ويٺل ڏٺائين. حميد جو درويش طرف ڌيان نہ ويو؛ مگر ان وڻ جي ٿڙ تي ھڪ تختي ٽنگيل ڏٺائين، جنھن سندس خيال ڇڪيو، تختيءَ تي ھيٺيون مضمون لکيل ھو:
مان بک ۾ پاھہ پئي ٿيس، تو منھنجي بک دور ڪئي.
مان اڃايل ھوس، تو منھنجي پياس مٽائي.
مان ننگو ھوس، تو مون کي ڍڪيو.
مان بنا اجهي ھوس، تو مون کي اجهو ڏنو.
حميد بنا چوڻ جي اتي بيٺو رھيو. سندس اکيون ان تختيءَ ۾ کتل ھيون. رکي رکي زمين تي ويٺل درويش طرف پئي ڏٺائين. درويش جي نظر نوجوان ۾ ھئي، سو حميد جي ملول چھري ۾ سرھائي ايندي ڏسي، ھن چيس، ”ابا، بيھي رھيو آھين؟“ ويھين ڇو نہ ٿو؟“
”منھنجو ڪم بيٺي ئي ٿي ويو،“ حميد وراڻيءَ ۾ چيو.
”بيھي ٿڪو ھوندين.“
”منھنجن سوالن جو جواب ھيءَ تختي ڏئي ٿي.“
”ھن تختي گهڻن ئي واٽھڙن کي سندن سوالن جا جواب ڏنا آھن. منجهيلن کي اھا سنئين راھہ ٿي ٻڌائي.“
”تختيءَ تي اھي اکر ڪنھن لکيا آھن؟“
درويش جواب ڏنو، ”مون؛ ۽ حميد کي وري بہ ويھڻ لاءِ چيائين.
حميد ھيٺ زمين تي پيل تڏي تي ٿي ويٺو ۽ درويش کان پڇيائين، ”ھتي لکيل آھي تہ ’مان ننگو ھوس، تو مون کي ڍڪيو.‘ پر تون اڃا بہ ننگو آھين؟“
”ٻچا، جسم ننگو ٿيو تہ ڇا آھي! مان بنا شرم ھوس؛ ڌڻيءَ مون کي شرم ڏيئي، منھنجو ڍڪ پردو رکيو؛ ھن دنيا ۾ منھنجي لڄ رکي؛ ھن منھنجا عيب اگهاڙا نہ ڪيا. مالڪ کان تہ اھائي دعا پنجي تہ:
اوگڻ عيب مٺايون، منھنجا ڍولا ڍڪ سڀيئي!
آءٌ آيس تو در پيھي...
ڌڻيءَ تعاليٰ منھنجي اڃ ۽ بک مٽائي. اھا بک جا دنيا جا دک وساريو ڇڏي ۽ اھا اڃ جا دنيا جي رڃ کان بچڻ لاءِ ماڻھوءَ کي راھہ ڏيکاري ٿي.“
”تختيءَ تي لکيل آھي ’مان بنا اجي ھوس، تو مون کي اجهو ڏنو‘، تنھنجو اجهو ڪٿي آھي؟“
”ﷲ سائين منھنجو اجهو آھي. جن کي سندس اجهو آھي، سي دنيوي اجهن کي ڇا ڪندا!“
”ھرڪو انسان نموني جا خيال ڪٿي ٿو ڪري سگهي؟“
”ڪرڻ کپنس... دنيا جي مصيبتن مان تہ ائين ئي ڇوٽڪارو ملندو، ھتان ڪيئن ماڻھو روز لنگهندا ھوندا. مگر تو جيان ڪو ورلو سمجهيم جنھن تختي پڙھي، سوال جواب ڪيو ھجي.“
”سڀ مون جيان بيقرار ٿورو ئي ھوندا... مان آرام جي تلاش ۾ نڪتو آھيان.“
”آرام تہ ڌڻيءَ انسان لاءِ خلقيو ئي ڪين آھي. ھن ماڻھوءَ لاءِ خلقي بيقراري. بيچيني ئي ماڻھوءَ کي ڌڻي ياد ڏياري ٿي، ۽ ڌڻي چاھي ٿو تہ اسين کيس ياد ڪريون.“
مٿئينءَ گفتگو حميد جي دل کي ڏڍ ڏيئي ڇڏيو. ھو اٿي کڙو ٿيو، تہ درويش پڇيس.
”ڪاڏي تياري آھي؟“ ”اڳتي يا پوئتي؟“
”ھاڻي اڳتي وڃي ڇا ڪبو؟“
”توکي تڏھن آرام ملي ويو؟“
”مون کي بي آراميءَ مان آرام مليو، ڪي سک بہ ڏکن جھڙا، تہ ڪي ڏک بہ سکن جھڙا.“
ائين چئي، حميد پٺتي وريو، واٽ تي موٽندي، ھڪ ٻيو مرد پخالي ڏٺائين، جو پاڻ مرادو چوندي پئي ويو.
تون جي رحم وارو آھين.
تہ تو جھڙو بيرحم بہ ڪٿان ڪونہ لڀندو.
اپائين بہ پاڻ، ناس بہ پاڻ ڪرين؛
اھڙو اپائڻھار ڪونہ ٿيندو.
حميد جو پخاليءَ جي پٺيان ھو، تنھن چيو، ”تو تہ منھنجي آرام ۾ بي آرامي پيدا ڪري ڇڏي!“
پخاليءَ پٺيان نھاريو. ھڪ جوان کي ڏسي، بيھي رھيو. حميد جڏھن ويجهو ويس، تڏھن پاڻ بہ ساڻس گڏ ھلڻ لڳو ۽ پڇيائينس، ”تو ڇا چيو؟“
”جيئن آيس تيئن ئي شايد موٽندس.“
”مطلب؟“
”انسان کي ڪنھن وٽان قرار ملي ڪنھن وٽان بيقراري.“
”مون وٽان تہ بيقراري مليئہ نہ؟“
”ھا.“
”جيڪو ھوندم سو ئي تہ ڏيندس.“
”ڪن وٽ چين، ڪن وٽ بيچيني! اھا اڻ وڻندڙ ورڇ ڪئي ڪنھن؟“
”جنھن غم ۽ خوشي خلقيا، تنھن ئي وراھيا، غريبن کي تہ ڏنائين غم.“
حميد جي منھن مان سرھائي پر ڪري اڏامڻ لڳي، ھن جهيڻي آواز سان چيو، ”جڏھن سمجهيم تہ پروڙ پيئي اٿم، تڏھن تنھنجن لفظن معلوم ڪرايم تہ سڄي پروڙ اڃا پري آھي. دنيا ڇا آھي ۽ ڌڻي ڇا آھي؟ درد ڇا آھي ۽ درد جي دوا ڇا آھي؟ کلڻ ڇا آھي؟ رئڻ ڇا آھي؟ ڏک ۾ انسان اھي سوال پڇي ٿو.“
”انھن جو جواب بہ تہ ڏک مان ئي ملي ٿو،“ پخاليءَ چيو.
”مون لاءِ اھي سوال اڃا تہ سوال ئي آھن.“
”گهڻن کي سڄي ڄمار انھن جو جواب نٿو ملي.“
”مون کي تہ سمجهہ ۾ ئي ڪجهہ نٿو اچي... زندگيءَ جو سفر پورو ڪرڻو پيو آھي.“
”تنھنجيءَ آخري منزل ۾ منھنجي شروعات آھي... شاھي سفر آھي. ايندڙ اونداھو نظر اچي ٿو. اڪيلي سر، بنا ساٿيءَ ۽ بنا سونھين پيچدار پيچري تان ھلندو اٿم.“
اتي پخالي اچي پنھنجي گهر وٽ پھتو، ۽ حميد کان موڪلائيندي، کيس چيائين، ”سائين تنھنجو ھمراھہ ٿيندو.“
خدا حافظ! حميد وراڻيو.
حميد پخاليءَ کان موڪلائي گهر طرف ھليو تہ سھين، پر دل پئي چاھيس تہ پخاليءَ سان اڃا بہ جيڪر ڪجهہ وقت گفتگو ڪريان ھا. جھڙو منجهيل گهران نڪتو ھو، اھڙو ئي واپس ٿي وريو؛ پر غور ڪرڻ لاءِ مصالحو جام مليو ھوس. پخاليءَ جي ملاقات درويش وارن اکرن جي يادگيري حميد جي دل تان ھروڀرو ميساري ڪانہ ڇڏي.