ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

13

پير مھدي شاھہ جي ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙيءَ ۽ سوڙھيءَ گهٽيءَ ۾ گتي جي دروازي وٽ بخشڻ گلاس مان شراب پئي پيتو ۽ سندس روش ۽ ڳالھائڻ جي رنگ مان ظاھر ھو تہ ھو نشي جي اثر ھيٺ ڪي قدر اچي چڪو ھو. ٽي ڄڻا ساڻس گڏ پي رھيا ھئا، ۽ انيڪ گراھڪن سان دڪان اندر بينچون ڀريون پيون ھيون. شام جي مھل ھئي. اھوئي وقت آھي جڏھن گتي جو مالڪ اڪثر رڌل ٿئي ٿو ۽ ڪمائي جام ٿيندي اٿس. ڪمي ڪاسبي شام جو ڪم تان لھي، روز جي ڪمائيءَ واري رقم ھٿ ۾ ڪري، اچن ٿا شراب تي وارو ڪن. بخشڻ خالي گلاس زمين تي رکي، چوڻ لڳو: ”اچو تہ غمن کي شراب جي پيالي ۾ ٻوڙيون. غريبيءَ جو تہ اھوئي سولو سستو علاج آھي. گتو مشغول ماڻھوءَ لاءِ وندر آھي ۽ واندي ماڻھوءَ لاءِ مشغولي.
گتو تہ ھڪ ناٽڪ گهر جيان آھي، جتي انيڪ نمونن جا ماڻھو ۽ انيڪ سڀاءُ اچيو ٿا گڏجن. ماڻھو ھتي وڙھڻ بہ اچن ٿا تہ دوست ٿيڻ بہ ٿا اچن. گتي کي گناھہ جو گهر ڪوٺي سگهجي ٿو، پر نہ اونداھو مڪان، ڇاڪاڻ تہ اتي بتيون وسامن ئي ڪونہ. اڌ رات جو بہ ڏينھن لڳو پيو آھي. جڏھن ٻين ھنڌن تي اونداھہ ھجي، تڏھن ھتي روشني.
جيتوڻيڪ بانس ڏاڍي اگري پئي آئي، تہ بہ تماشو ڏسڻ وٽان ھو. شراب ٻين بہ پيتو پئي، پر بخشڻ جي حالت افسوس جوڳي ھئي؛ ھو نشي ۾ پر ھو.
پيرو مڱڻھار جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، بخشڻ وڃي خراب صحبت ۾ ڦاٿو ھو. پھرين سچل گهڻو ئي سمجهايس، پر جڏھن ڏٺائين تہ ھو کيس ٻڌي ئي نہ ٿو، ۽ مورڳو ئي مٿس غصو ٿو ڪري، تڏھن ويچاري ماٺ ڪري ويھي رھي. زال ذات ٻيو ڇا ڪري سگهندي! بخشڻ رات جو اڪثر دير سان موٽندو ھو. سندس اوسيئڙي ۾ نھاريندي نھاريندي سچل کي ڪيترا دفعا تہ ننڊ کڻي ويندي ھئي. ھينئر تہ وري دادن بہ اتي ڪونہ ھو، جنھنڪري وڌيڪ اٻاڻڪائي محسوس ٿيندي ھيس. نشي جي انڌ ۾ بخشڻ کان ساڃھہ تہ بلڪل موڪلائي ويندي ھئي ۽ بعضي تہ ويچاريءَ سچل کي حد کان ٻاھر تنگ ڪندو ھو. ھوءَ سڀ صبر سان سھندي ھئي. سھڻ تہ ڪو عورت کان سکي!
ھڪ دفعي رات جو ڳچ حصو گذري چڪو ھو. سچل ننڊ مان اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي. پاڻ کي گهر ۾ اڪيلو ڏٺائين. بخشڻ اڃا ڪونہ موٽيو ھو. سچل جي دل گهرڻ لڳي. ھن آسمان ڏي نھاريو، جيئن تارن مان وقت جو اندازو لڳائي سگهي. رات جا اڍائي يا ٽي ٿيا ھا؛ سوچڻ لڳي تہ گتو بہ تہ ايتريءَ دير تائين کليل نہ رھندو آھي! بخشڻ ڇو نہ موٽيو آھي؟ اھڙين حالتن ۾ عورت جي دل ضعيف ٿئي ٿي. ھوءَ ڀرمن ۽ سنسن جي تہ اڳ ۾ ئي کاڌل آھي. سچل کي آرام ئي نہ پيو اچي: اٿي ۽ ويھي پيئي. آخر اڌ مني ڪلاڪ جي آنڌ مانڌ بعد دروازي تي کڙڪو ٿيو. جيسين سچل دروازي تائين پھچي، تيسين تڪڙا تڪڙا کڙڪا ٿيڻ لڳا. بخشڻ ائين در در نہ کڙڪائيندو ھو، ھيءُ تہ ڪو ٻيو ماڻھو ٿي ڏٺو. سچل در کوليو دروازي جي ٻاھران زمين تي بخشڻ جي لاش پيل ڏٺائين. بنا ڪڇڻ جي ھوءَ پھرين لاش طرف گهور ڪري نھاريندي رھي، جو رت سان ڀريو پيو ھو. اھو بہ ڪين ڏٺائين تہ سندس ڀرسان ٻيا ڪير بيٺا ھئا. ھن جو ٻين سان ڪھڙو تعلق؟ ھن جو ڪم ھو پنھنجي ڀتار بخشڻ سان، جو اڄ بي زبان در جي چانئٺ وٽ پيو ھو. ڄڻ تہ کيس پنھنجي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ رخصت جي درڪار ھئي. سچل بخشڻ جي بي جان جسم مٿان ڪري، اچي اوڇنگارن ۾ پيئي. ھھڙي سانتيڪي وقت روئڻ جو آواز ٻڌي پاڙي مان زالون ۽ مرد ڊوڙندا آيا. غريبن وٽ دلداري ۽ قرب شاھوڪارن کان وڌيڪ ٿو ٿئي. زالون سچل کي پرڀائڻ ۾ لڳي ويون. مرد وري، جيڪي ماڻھو لاش کڻي آيا ھئا، تن کان بخشڻ جي اوچتي موت جو ڪارڻ پڇڻ لڳا. مغز مان جو رت پئي وھيو؛ ان مان صفا ظاھر ھو تہ بخشڻ ڪنھن خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيو ھو. حاضرينن مان ھڪڙي چيو، ”شايد شراب جي نشي سبب بيھوشيءَ جي حالت ۾ رستي ۾ ڪريو پيو ھو ۽ مٿان گاڏي لنگهي ويئي ٿي ڏسجيس، اونداھيءَ رات ۾ گاڏيءَ واري جي ھن تي نظر نہ پيئي آھي. مغز ڌارو زخم رسيو اٿس. مان خانواھڻ مان اٺ تي پيئي آيس تہ رستي ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي چيچلائڻ جو آواز منھنجي ۽ اوٺيءَ جي ڪنن تي پيو. اٺ تان لھي ڏٺوسين تہ بخشڻ مرڻينگ حالت ۾ پيو آھي. پويان پساھہ ھئس.“
ٻئي ڏينھن صبح جو بخشڻ کي دفن ڪيو ويو. سچل ڏاڍي وياڪل ٿي پيئي. دادن جي غير حاضريءَ تي ھيڪاري ويڳاڻو ڪري رکيس. در ۾ اکيون وجهيو ويٺي ھوندي ھئي تہ اجهو ٿو دادن اچي. جڏھن ھوءَ دادن جي انتظار ۾ وقت ڪاٽي رھي ھئي، تڏھن سندس سڪيلڌي دنيا کي الوداع ڪري اڪيلي سر زندگي بسر ڪرڻ جا خيال پئي پچايا. جنھن رات بخشڻ جو قضيو ٿيو، تنھن ئي رات دادن محبت ۾ نااميد ٿي ڪنھن نامعلوم ھنڌ لاءِ گهانگهرا ڇڏيا. دادن کي ڪھڙي خبر تہ پڻس چالاڻو ڪري چڪو ھو ۽ ماڻس بيوھہ ھئي. قدرت جا قھر بہ ڏھڪائيندڙ آھن! سچل جي اکين اڳيان ھينئر اوندھہ ھئي. ان اوندھہ ۾ اجالو ڪندڙ دادن ماءُ ڪڙڪيلن مصيبتن کان غير واقف ھو. ڪير کيس چئي تہ وڃي سورن جي ستايل سچل جو ساٿ ڏي، ھن جي دکن ۾ ڀائيوار ٿيءُ؟
قدرت مصيبتون موڪلي تہ ھڪ ٻئي پٺيان. بخشڻ جي جدائيءَ وارو ڦٽ اڃا تازو ئي ھو تہ سچل کي حميد وٽان دادن جي گم ٿي وڃڻ جو احوال آيو. جيئن ڪنھن انڌي ماڻھوءَ کان رستي ۾ ڪو لٺ، جنھن جي آڌار تي ھو ھلندو ھجي، کسي وٺي، تيئن سچل جي زندگيءَ جو باقي رھيل وسيلو بہ ويندو رھيو. انسان ويچارو ڇا ٿو ڪري سگهي! قدرت ماڻھوءَ کي ڪھڙو نہ بيوس بڻايو آھي!!
ڌڻي دک موڪلي ٿو تہ انھن دکن جي سھڻ لاءِ طاقت بہ ڏئي ٿو. ماڻھوءَ ۾ ان وقت ازغيبي اھڙي طاقت اچيو پيدا ٿيندي آھي، جو ھو اوچتيءَ آيل آفت کي منھن ڏيئي سگهندو آھي.