ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

24

حميد کي ڪجهہ وقت کان بخار پئي آيو، ليڪن گهر ۾ ھن ڪنھن سان ان جسماني پيڙا جي ڳالھہ ڪانہ ڪڍي؛ ۽ نہ وري سچل جي چاڪريءَ ۾ ئي ڪا ڍرائي ڪيائين. سچل جي حالت اڳي کان گهڻي خراب ٿي چڪي ھئي. جنسي ھڏن جو پڃرو ٿي پيئي ھئي. جنت جي ڊپ کان حميد بخار سبب آرام جي ضرورت سمجهندو ھو، تي بہ نہ ڪندو ھو تہ متان ھوءَ ڪجهہ چويس. نوڪري تہ بہ نيمائتو ويندو ھو. جنت ٻہ ٽي گهمرا سندس منھن مان سمجهيو تہ پاڻ ٺيڪ نہ آھي، پر ھوءَ اڃا پڇيس تہ حميد ڳالھہ ڦيرائي وڃي.
ھڪ دفعي حميد ڍڪ تي ھو تہ سندس ھڪڙو دوست جنھن کي سچل جي بيماريءَ جي خبر ھئي، اتي آيو ۽ ٻڌايائينس تہ ٺارو شاھہ جو ھڪ ھاڪارو حڪيم خانواھڻ ۾ ڪنھن سانگي آيو آھي ۽ صلاح ڏنائينس تہ سچل کي ان کان تپاساراءِ. جتي حڪيم لٿل ھو ان جاءِ جو ڏس بہ ڏنائينس. حميد اتي جو اتي، بنا وقت وڃائڻ جي اوڏانھن روانو ٿيو. ٻاھر بيٺلن مان معلوم ٿيس تہ حڪيم اندر ھو. حڪيم ڪمري ۾ ويھي، ھڪ ھڪ ڄڻي کي پاڻ وٽ ٿي گهرايو. حميد جو وارو بہ آيو. ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ سان ھن کان ڇرڪ نڪري ويو. حڪيم جي ڀرسان دادن کي ويٺل ڏٺائين. دادن جي وات مان نڪري ويو ”حميد!“ دادن پنھنجي جاءِ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ حميد کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڪري ورتو. ٻنھي جي اکين ۾ پاڻي ھو؛ وڇڙيل اوچتو مليا ھئا. حڪيم، جو ٺارو شاھہ وارو مولوي ھو، وائڙو ٿي ويو. ھن ٻنھي کي ويھڻ لاءِ چئي، دادن کان حميد جي باري ۾ پڇيو. دادن کيس سربستي ڳالھہ ڪري ٻڌائي، جنھن تي حميد چيو، ”دادن سچل مون وٽ آھي پر بيمار جي حالت ۾.“
”امان!“ دادن پڇيو.
”ھا؛ دادن. کيس سلھہ آھي. مان ھت حڪيم صاحب کي وٺڻ آيو آھيان.“
”امان زندھہ آھي!“
”مريض ٿي بستري تي پيئي آھي. تنھنجي لاءِ ٿي جيئي.“
”۽ ابو؟“
”ھن کي گذر ڪئي ڪيترائي مھينا ٿي ويا.“
دادن مولويءَ ڏانھن منھن ڪري کيس عرض ڪيو، ”ھلو، امان کي ھلي ڏسو!“
ٻيئي ڄڻا حميد سان گڏ سندس گهر آيا. دادن کي ڏسي جنت تڪڙي تڪڙي ڪوٺيءَ اندر ھلي ويئي. ھن کي دادن جي حميد ڏانھن لکيل چٺي، جنھن ۾ ھن جنت لاءِ پيار جو اِظھار ڪيو ھو، ياد آئي. جنت شڪي ٿيڻ لڳي. سچل ورانڊي ۾ کٽ تي سمھي پيئي ھئي. اکيون ٻوٽيل ھيس؛ پر جاڳي پي. دادن ماءُ کي ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ماءُ جي ڏک ڀري حالت ڏسي، دادن دل جهلي نہ سگهيو. سچل سڃاڻڻ کان ٻاھر ھئي. ڪھڙو پٽ پنھنجيءَ امڙ کي اگهو ۽ ھھڙيءَ رحم جھڙي حالت ۾ ڏسي روئڻ کان رھي سگهندو؟ پٽ جي حيات ھوندي ماءُ جي ھيءَ حالت! دادن ماءُ جي کٽ اڳيان جهڪي، کيس ڀاڪر پائي چيو، ”امان!“
سچل! اکيون کوليون، دادن وري چيو، ”امان!“
سچل آواز سڃاتو ۽ پٽ ڏانھن نھاريو. ھن ڪڇيو بلڪل ڪين. سندس ٻنھي اکين مان اڻ ميو آب وھڻ لڳو. سچل پنھنجا نٻل ھٿ دادن جي مٿي ۽ منھن تي گهمايا. سچل ڪيترائي ڀيرا ڏک وچان رنو ھو، اڄ ھن خوشيءَ منجھان ٿي جر ھاريو. ھن پٽ جي اکين ۾ چتائي نھاريو ۽ انھن ۾ اندر پاڻ کي کٽ تي سمھيل ڏٺو. ننڍپڻ وارو دادن سچل کي ياد اچڻ لڳو. ھيءُ جھان ھڪ ناٽڪ آھي، جنھن ۾ رنج ۽ راحت، سڪ ۽ سوز جي پردن پٺيان انسان، بعضي ويس ڌارين جي حيثيت ۾، زوريءَ خواه پاڻ مرادو، پنھنجا ڪم ادا ڪري ٿو ۽ بعض تماشبينن جيان سانتيڪي نموني ۾ ٿيندڙ واقعا جاچي، خوشيءَ خواه غم جو اظھار ڪندو ٿو رھي.
آخر سچل ڏٻري آواز ۾ چيو، ”دادن!“
”جي امان!“ دادن وراڻيو.
تنھنجي لاءِ ترسيل ھيس. مان ھن کان اڳ مران ھا، پر توکي ڏسڻ جي خواھش پئي ھلايم. مون ۾ ھاڻي جيئڻ جي سگهہ ڪانھي. دادن، اولاد دل جو اھڙو ڪٺور ٿيندو آھي ڇا؟ ھيترن ڏينھن ۾ ماءُ جي ڪا سار بہ لڌءِ! منھنجيءَ اندروني ڇڪ اڄ توکي ھت آندو آھي.“
دادن ماٺ ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪري سڀ پئي ٻڌو. ڪھڙو جواب ڏئي؟ ھو فرض ۾ پٺتي پيو ھو. سچل حميد ڏي نھاري پٽ کي چيو، ”دادن، حميد جو شڪرانو مڃ ھن مون کي تنھنجي غير حاضريءَ جي لک ڪانہ وڌي.“ سچل اڃا ڪجهہ چوڻ ٿي چاھيو تہ حميد مولويءَ ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”امان! ھيءُ حڪيم توکي ڏسڻ آيو آھي. ماٺ ڪر تہ تپاسيئي.“
”منھنجو حڪيم تہ دادن آھي. مون کي بيماريءَ مان ڇوٽڪارو نہ گهرجي، مگر ھن زندگيءَ مان.“
مولويءَ سچل کي چڱي طرح تپاسيو ۽ ٻاھر اچي دادن ۽ حميد کي ٻڌايائين تہ سچل جي ڇٽڻ جي اميد ڪانھي ۽ سندس حالت خطري واري آھي. دادن، جو ٺارو شاھہ مان گڏ آيو ھو، تنھن مولويءَ کان ماءُ وٽ رھڻ جي اجازت ورتي.
مولوي پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن روانو ٿيو. دادن ۽ حميد اندر آيا. دادن، جيئن ماءُ جي ڀرسان آيو؛ تيئن ھن ھڪدم چيس، ”دادن، حميد پيءُ سان ڪيل انجام پورو ڪيو. ھن گهرج مھل دل و جان سان منھنجي چاڪري ڪئي آھي.“
”مان تنھنجو شڪر گذار آھيان.“ دادن حميد کي چيو، پنھنجن جي مھرباني مڃبي آھي ڇا؟ مون تہ صرف فرض پاليو آھي.“
”خدا ان جا ڀاڙا ڏيندءِ؛ مان تہ غريب آھيان.“ سچل چيس.
”جنت!“ حميد پڪاريو. ”امان لاءِ کير کڻي اچ.“
دادن، حميد وٽ اچڻ بعد، پھريون ئي دفعو جنت کي ڏٺو مگر مولويءَ جي صحبت ايترو تہ سندس سيرت کي ٺاھيو ھو، جو ھن تي جنت جي سونھن جو ڪوبہ اثر نہ ٿيو. جنھن جي حسن اڳ مستانو ڪري رکيو ھوس، تنھن کي ھو بنا ڪنھن بہ دلي جذبي جي، بي پرواھيءَ سان ڏسي رھيو ھو. نڪي ھن حميد کان ئي ان باري ۾ سوال ڪيو. سمجهيائين تہ شادي ڪئي ھوندائون.
دادن کي ٻہ ٽي ڏينھن حميد وٽ ٽڪئي ٿيا ھئا. ھو سارو وقت ماءُ جي ڀرسان ويٺو ھوندو ھو. شام جي مھل حميد ۽ دادن ويٺي ڳالھايو. جنت بہ نزديڪ بيٺي ھئن. دادن حميد کي سندس صحت لاءِ تاڪيد پئي ڪيو. حميد کي جو سنھو تپ ايندو ھو، تنھن ھن کي بلڪل ضعيف ڪري ڇڏيو ھو. جنت کي تہ اصل ڊپ کائي ويو ھو. اتي حميد کان ٿوري کنگهہ ٿي ۽ جيڪو کانگهارو ڪڍيائين تنھن ۾ رت پيو ھو. دادن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ ھن چيو، ”حميد، کانگهاري ۾ رت!“
جنت وڌيڪ ڪجهہ بہ ڪين چيو. ھوءَ اتان ھلي ويئي. جنت جي پرپٺ حميد دادن کي چيو، ”دادن مون کي اڳ ئي اھا خبر ھئي، پر لڪايم پئي.“
”تو بدن جي پوري سنڀال نہ ورتي آھي، دادن ورجايس.
”جيڪي ٿي سگهيو، سو ڪيم ٿي.“
”امان کي بچائڻ لاءِ تو پنھنجي حياتي خطري ۾ وڌي آھي. تو پنھنجي حياتي ڪمائتي ڪرڻ ٿي چاھي، پر ڪيڏي نہ جوکي سان.“
ڏينھن جو انسان جيڪي خيال ڪري ٿو، سي رات جي مھل خواب جي صورت ۾ ساڻس ملاقات ڪن ٿا. خواب سچ نہ آھي، پر خواب جو بنياد حقيقت تي ٻڌل ٿئي ٿو. ڪيترن خوابن لاءِ سبب ڏيئي سگهجن ٿا تہ ڇو فلاڻي وقت فلاڻو خواب ڏٺو ويو.
جنت جا اکر تہ اِن رت ۾ مان پنھنجو موت ٿي ڏسان. جيڪي ھن حميد ۽ دادن جي روبرو چيا، تن تي ھوءَ ساري شام غور ڪندي رھي. ھن کي ڪجهہ اجهي ئي نہ پيو. رات جو سمھڻ کان اڳ حميد سندس نزديڪ اچي، ”جنت!“
جنت پنھنجون زرديون اکيون حميد طرف کنيون، پر زبان مان ڪجهہ بہ نہ ٻوليو. ھوءَ ساڻس رنج ٿي نظر آئي. جنت کي سخت ڏک ھو، جو حميد سندس چوڻ تي ڪو ڌيان نہ ڏيئي، پاڻ کي سلھہ جو شڪار بڻايو ھو.
جنت رات جو خواب لڌو. ڏٺائين تہ حميد اھڙو تہ ڳري ويو آھي، جو ڪنڊن جي پڃري جيان پيو نظر اچي. ھو کٽ تي ليٽيو پيو ھو، حميد جنت کي پاڻ ڏانھن سڏي چيو، ”پياري جنت!“ جنت وراڻي ڏني، ”موت جي پيغام ڏيڻ لاءِ ٿو سڏينم ڇا؟“
”موت جو پيغام؟“
”ھا؛ تو جيئاريم، تون ئي وري مارينم ٿو.“
”جنت! حميد، تعجب ۾ پئجي پڪاريو.
”حميد، تون مون کي جيئري ئي ٿو مارين.“
”سو مان جنت جو ڏوھي آھيان. جيڪڏھن محبت ڪرڻ ڏوھہ آھي تہ ان ڏوھہ جو مان قبولدار آھيان؛ جيڪڏھن دنيا ۾ فرض پالڻ گناھہ آھي، تہ مان پاڻ کي گنھگار ئي سڏيندس.“
”مون کي پاڻ تي ڏک آھي.“ جنت وراڻيو. ”چوان ٿي تہ غريبن جو اولاد پيدا ئي صرف سھڻ لاءِ ٿو ٿئي ڇا؟ غريب پيسي جي تنگي تہ ڏسن، پر محبت جي تنگي پڻ. ڀلا منھنجي قسمت ۾ لکيل ئي غم ھوندو تہ ان کي ٻيو ڇا ڪري سگهندو! غريب جڏھن سمجهي ٿو تہ خوشيءَ جي ڳولا ۾ وڃان ٿو، تڏھن پلئہ ۾ اھا ئي ڳڻتي ۽ ڳارو اچيو پويس.“ گهڙي کن بعد وري چيائين، ”حميد، تو منھنجو چوڻ نہ مڃيو. پنھنجي بہ حياتي وڃائين ٿو ۽ مون کي پروس ڪري ٿو وڃين.“
انسان جيڪي سجاڳيءَ جي حالت ۾ نٿو چئي يا ڪري سگهي، سو ھو سپني جي حالت ۾ سولائيءَ سان ڪري ٿو. حميد وراڻي ڏنس، ”تنھنجي حڪم جي پوئواري ڪريان، ڪين دل جو چوڻ مڃان؟“
”تنھنجي دل جي مالڪياڻي تہ مان ئي آھيان نہ؟“
”انھيءَ ۾ تہ ذرو بہ شڪ نہ آھي.“
”باقي؟“
”منھنجي ضمير مون کي مجبور ڪيو.“
”ڇا لاءِ؟“
”تنھنجي حڪم جي ابتڙ ھلڻ لاءِ. جنت، محبت جي وس ٿي مون اھو ڪي ڪرڻ نٿي گهريو، جنھن جي ڪري منھنجي عزت گهٽجي. جو پيار انسان کي سندس شان ۽ مان ڏانھن بي پرواھہ بڻائي ٿو، اھو اعليٰ درجي وارو پيار نہ آھي.“
مون کان وڌيڪ توکي سچل جو خيال رھيو. مان تہ ائين سمجهي ويٺي ھيس تہ تو لاءِ مون کان وڌيڪ ٻي ڪابہ چيز نہ ھوندي. تو ثابت ڪري ڏيکاريم تہ منھنجو اھو خيال ھڪ وھم ھو.“
”ھروڀيرو ائين نہ آھي. ماءُ لاءِ جا محبت ٿئي ٿي، سا ان پيار کان علحدي آھي، جو زال کي ڏجي ٿو. جيڪڏھن زال کي پيار ڏيڻ ھر ڀتار جو فرض آھي، تہ ماءُ جي خدمت ڪرڻ پڻ اولاد لاءِ لازمي آھي.“
”حميد، تو پاڻ کي منھنجو ڀتار سڏيو.“
”ھا، جنت.“
”شاديءَ کان اڳ تون منھنجو ڀتار ۽ مان تنھنجي...“
اتي حميد جي اکين مان لڙڪ وھندا ڏسي، جنت چيو، ”ڇو، حميد؟“
حميد تمام جهيڻي آواز ۾ وراڻيو، ”مٺڙي جنت، مان تنھنجيءَ دل جي حالت محسوس ڪري رئان ٿو. مون کي معاف ڪج. مان توکان معافيءَ جي طلب ٿو ڪريان.“
”مان تنھنجي حياتيءَ جي طلبگار آھيان.“
”تون مون کي معافي ڏيئي سگهين ٿي، مگر منھنجي حياتي منھنجن ھٿن ۾ نہ آھي.“
اتي ٻليءَ جي ٽپي ڏيڻ جو کڙڪو ٿيو ۽ جنت جون اکيون کلي پيون. ھن پاڻ کي کٽ تي سمھيل ڏٺو. ھوءَ اٿي حميد طرف ويئي، جنھن پڻ بستري تي پاسو ٿي ورايو ۽ جنت کي ڏسي چيائين، ”جنت، ھيڏيءَ مھل اٿي آھين؟ ڪجهہ گهرجي ئي ڇا؟“
”تون گهرجينم. توکي ڏسڻ لاءِ اٿيس. تون جاڳين ويٺو ڇا؟“
”ٻليءَ جي آواز تي جاڳيس؛ پر چڱو ٿيو جو جاڳي پيس.“
”ڇو؟“
”جنت، ھڪ خواب لھي رھيو ھوس.“
”خواب اڻ وڻندڙ ھو ڇا؟“
”جي.“ حميد وراڻيو
”ڇا جو خواب ھو.“
”ننڊ ۾ توسان ڳالھايم پئي.“
”اھو اڻ وڻندڙ ڪيئن ٿيو.“
جنت، ان جي ٻڌائڻ لاءِ زور نہ ڀرينم.“
”حميد، مون بہ تنھنجو خواب پئي لڌو تہ ٻليءَ جي کڙڪي تي اٿي کڙي ٿيس. خواب ڏڪائيندڙ ھو.“
”شايد ٻنھي ساڳيو خواب لڌو آھي.“ حميد ظاھر ڪيو.
”ڌڻي اھو خواب ڪوڙو ڪندو!... حميد، تون ڀلي آرام ڪر. مان وڃان ٿي.“
”تنھنجو وڃڻ مون ۾ بي آرامي پيدا ڪندو، ڪين آرام ڏيندم.“
”حميد، ماٺ ڪري سمھہ. ھيءُ آرام جو وقت آھي.“
ائين چئي، جنت وڃي، سمھي پر رات جو باقي حصو بنا آرام گذاريائين.
صبح ٿيو، سج کڙي آيو ھو تہ بہ سچل ننڊ مان ڪانہ اٿي. ھونئن تہ سويل ئي دادن کي سڏيندي ھئي، سو دادن کيس ڏسڻ جي خيال کان جيئن سندس ويجهو وڃي سڏيس، تيئن ڏٺائين تہ جسم ۾ جان ٺھي ئي ڪانہ. ھن وڏي واڪي پڪاريو؛ ”حميد، امان گذاري ويئي!“
حميد، جو ٻئي ڪمري ۾ سمھيو پيو ھو، سو تڪڙو تڪڙو نڪري آيو. جنت آواز تي ٻاھر اچي پڇيو، ”ڇا آھي؟“
”امان چالاڻو ڪري ويئي.“ حميد وراڻيو.