19
”جنت اڃا ٻنيءَ تان ڪانہ موٽي آھي.“ جنت جي ماءُ، اندر ڪمري ۾ گهڙندي، وراڻيو. ھن ٻاھر اس ۾ ڪپڙا پئي سڪڻ وڌا. ھوءَ ڀتار جي ڀرسان ساڳي کٽ تي اچي ويٺي ۽ پڇيائينس، ”ڇا گهرجيو؟“
”گهرجيم تہ ڪجهہ ڪونہ خيال آيو اٿم تہ جنت جي نڪاح جو جلدي بندوبست ٿيڻ کپي. جنت اسان جي اکين جو نور آھي. پنھنجي جيئري ئي ٻڌڻ چاھيان ٿو تہ، جنت جو نڪاح ٿيو. منھنجي صحت بہ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وڃي. ھھڙن ڪمن ۾ دير اصل نہ پوڻ گهرجي. ڪالھہ حميد وٽان جيڪو وڳو جنت کي سوکڙيءَ طور آيو آھي، تنھن بہ مون کي سجاڳ ڪيو. حميد اھو اسان کي يادگيري ڏيارڻ جو نمونو اختيار ڪيو ٿو ڏسجي. جنت سان محبت تہ اڳيئي اٿس. مرضي اٿم تہ ھتي اچڻ لاءِ کيس اڄ لکي موڪليان.“
قادر بخش ۽ سندس گهر واريءَ ڳالھايو پئي تہ جنت بہ اچي پھتي- ”جنت!“ پڻس چيو، ”زميندار صاحب جو منشي ڪالھہ کان وٺي ٻنيءَ تي آھي نہ؟“
”منجهس ڪم اٿو ڇا؟“
”ھا. حميد ڏانھن خط لکائڻو اٿم.“ ۽ درديلي نوع ۾ ظاھر ڪيائين، ”منھنجي حياتيءَ تي ڪھڙو اعتبار!“ تون ور واري ٿين، تہ منھنجي دل تان وڏو بار لھي پوي.“ جنت جو ڪنڌ ھيٺ ھو. قادر بخش سلسلو جاري رکندي چيو، ”جنت، اسان جي غريب ۽ ڏکن ڏڌل حياتيءَ ۾ تون ئي آھين، جنھن کي ڏسي مان ۽ ماڻھين جيئون ٿا. تون اسان جي پورھئي جو بوجو ھلڪو ٿي ڪرين ۽ تنھنجي ڪري اسين دنيا جون تڪليفون بہ محسوس نہ ٿا ڪريون. ھن پراڻي مسڪين مڪان ۾ تون ئي اسان ٻنھي جي خوشي آھين. خدا تعاليٰ مھربان آھي. مان تہ کانئس ھر وقت اھائي دعا پنندو آھيان، تہ جنت کي لائق ور ڏيارج.“
جنت ماٺ ۾ بيٺي رھي. پڻس چيس، ”جنت، جلدي وڃي منشي صاحب کي منٿ ڪري وٺي اچ. چئجانئس تہ ابو بيمار پيو آھي، نہ تہ توھان کي ھلاک نہ ڪري ھا. مس قلم ۽ ڪاغذ آڻڻ لاءِ عرض ڪجانس.“
جنت جي ماءُ ڀتار کي چيو، ”جنت ھينئر اڃا ڪم تان موٽي آھي. نيرن ڪري پوءِ ٿي وڃي ڪوٺي اچيس.“
جيسين قادر بخش ڪجهہ چوي، تيسين جنت وراڻي ڏني، ”نيرن پوءِ ٿي اچي ڪريان. اڃا اھڙي بک ڪانہ لڳي اٿم.“ ائين چئي، جنت ٻنيءَ جي طرف رخ رکيو- سندس وڃڻ بعد، قادر بخش مشڪي زال کي چيو، ”ڏٺئي، نڪاح جو ٻڌي بک ئي مري ويس-“
”جنت ھاڻي وھيءَ ۾ آھي- اسان جون ڇوڪريون جن جي چپن تي خاموشيءَ جي مھر لڳل ٿئي ٿي، تن جي اڪلاءَ جو اونو تہ اسان کي ئي رکڻو ٿو پوي- ھو وات مان ڪڇن ڪونہ ٿيو، پر سندن دل جو راز ھنن جي ھلت مان ظاھر ٿيو پوي- جنت خوش ڇو نہ ٿيندي؟“
”سندس خوشي اسان جي آھي.“ قادر بخش جواب ڏنو ۽ چيائين، ”کانئس وڌيڪ پياري چيز اسان لاءِ ٻي ڪھڙي آھي؟ جنت ئي تہ اسان جي زندگيءَ جي روشني آھي!“
گهڙي کن لاءِ تہ ٻيئي ڄڻا چپ ۾ ھئا، پوءِ قادر بخش زال کي چيو، ”اڃ لڳي اٿم.“ جنت جي ماءُ جيئن پاڻيءَ جو وٽو اچي مڙس کي ھٿ ۾ ڏنو، تيئن جنت منشيءَ کي ساڻ وٺي اندر آئي- منجيءَ تي پيل ڪپڙا کڻي، جنت منشيءَ کي اتي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيو. ”منشي صاحب معاف ڪجو.“ قادر بخش چيو. ”مان توھان جو غلام آھيان؛ پر ناتوائيءَ سبب تڪليف ڏني ٿي مانو.“ ۽ زال ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”منشي صاحب کي رڌل آڀون تہ کاراءِ.“
”ھينئر ضرورت ڪانھي.“ منشيءَ وراڻيو.
”چڱو ڀلا ڇا لکائڻو اٿيئي؟“
”چٺيءَ لکائڻ جو خيال اٿم. چوان؟“
”چئہ.“
”عزيز حميد، شال سدا سلامت ۽ خوش ھجو.
”السلام عليڪم بعد عرض تہ، توھان جو جنت لاءِ موڪليل وڳو برابر پھتل آھي. مھرباني. جيئن ھتان عيد پوري ڪري ويا آھيو، تيئن ڪوبہ خط ڪونہ موڪليو اٿو. مان جڏھن ٻين جي محتاجي ڪڍان، تڏھن ٻہ اکر لکائي موڪليان. پنھنجي خير و عافيت جو احوال لکندا تہ دلجاءِ ٿئي.
”اسان جي مرضي آھي تہ، ٻن يا ٽن ڏينھن جي موڪل وٺي ھتي اچو، تہ نڪاح جو ڪم لاھي ڇڏجي. منھنجي حالت تہ بلڪل ڪانہ سڌري آھي. ھن وقت تہ تندرستي اڳي کان بہ زيادہ بگڙيل آھي.
”زيادہ خير“
”اوھان جو نياز مند“
”قادر بخش“
پورن ٽن ڏينھن پڄاڻا، قادر بخش کي حميد وٽان جواب ۾ خط آيو. ھن آرتوار ڏينھن صبح جو اچڻ لاءِ لکيو ھو. اڄ ٻڌو ھو؛ باقي ٽي ڏينھن؛ پوءِ حميد ايندو ۽ جنت جو ساڻس نڪاح ٿيندو. اھو خيال ڪري قادر بخش ۽ سندس زال ڏاڍا گد گد ٿيڻ لڳا. خط جي احوال کان واقف ٿي، جنت بہ گهٽ خوش ڪانہ ٿي، ھن جون اکيون آچر ۾ ھيون.
جمعي جي رات ھئي. جنت توڙي ماڻس پڪيءَ ننڊ ۾ ھيون. غريب ڏينھن جو پورھيو ڪن، تہ رات جو ننڊ بہ گهري اچين، ليڪن قادر بخش کي آرام ڪونہ ھو. ھن کي ڇاتيءَ ۾ سور ھو، جو وڌندو پئي ويو. آخر جڏھن ڏٺائين تہ سور سھڻ کان ٻاھر آھي، تڏھن رڙ ڪري زال کي سڏيائين. ننڊ ۾ اوچتي آواز ٻڌڻ سان جنت ۽ ماڻس ڇرڪ ڀري اٿيون. جنت جي ماءُ اکيون مھٽيندي مڙس جي کٽ اڳيان وڃي بيٺي.
”ڏاڍو سور اٿم.“ قادر بخش چيو.
”ڇاتيءَ ۾؟“
”ھا؛ ھينئر تہ گهڻو وڌي ويو آھي. ڇاڻيءَ ۾ چڀ چڀ ٿي ٿئي.“
”مالش ڪريانو.“
”جيئن وڻيئي تيئن سور کان ڇوٽڪارو ڏينم.“
جنت ڊوڙندي وڃي مالش جو تيل کڻي آئي، جو حڪيم ڪجهہ ڏينھن اڳ ڏنو ھون- جڏھن کان وٺي قادر بخش بيمار پيو ھو، تڏھن کان وٺي، ٽي چار دفعا ان نموني جو درد پيو ھوس، پر ھھڙو سخت سور اڳ ۾ ڪڏھن بہ محسوس نہ ڪيو ھئائين. رات جو دک ھونئن تہ وڌيڪ ليکائيندو آھي. ماءُ ۽ ڌيءُ رات جو باقي حصو ويٺي گذاريو.
صبح ٿيو، تہ حڪيم کي گهرايو ويو. ٻھراڙيءَ جا حڪيم، جي نبض پوري مس ڏسي ڄاڻن، سي ھھڙين منجهيلن بيمارين کي ڇا سمجهندا. حڪيم ڪھڙو بہ گهٽ ھجي، تہ بہ پنھنجيءَ قابليت ۾ کيس ذرو بہ شڪ نہ ھوندو آھي. حڪيم دوا ڦيرائي ڏني، مگر ان مريض جي حالت ۾ ڪو سڌارو نہ آندو. قادر بخش جي حالت انتظار پيدا ڪندڙ ھئي. جنت ۽ ماڻس کي منھن تي ملولائي ڇانئجي ويئي. گهر ۾ ٻيو ڪوبہ مرد ماڻھو ڪونہ ھو. پاسي ۾ رھندڙ ڪڙمين ھر طرح جي مدد پئي ڏنن. جنت اندر ۾ ائين پئي چيو تہ آچر اچي تہ من حميد بہ اچي سھڙي.
ڇنڇر جي رات جو قادر بخش جي گهران اوڇنگارن جا دل ڏاريندڙ آواز پئي آيا. موت انسان تي فتح پاتي ھئي. جنت ۽ ماڻس بي جان جسم جي ٻنھي پاسن کان ويھي اکين مان نيسارن جيان پاڻي پئي وھايو؛ ۽ سندن روئڻ ۾ انسان جي بي ڪسيءَ جو نھايت دکدائڪ نقش چٽجي رھيو ھو. ھھڙن وقتن تي غريب خواھہ شاھوڪار ويچارو آھي.
قادر بخش جي آخري مراد، تہ جنت جو نڪاح اکين سان ڏسان، پوري ڪانہ ٿي. انسان جي حياتي اڻ پورين اميدن جي ھڪ ڪھاڻي آھي. دنيا ۾ انسان آس کان وڌيڪ نراسائي پسي ٿو.
سج ڪني مس ڪڍي، تہ حميد بہ خانواھڻ مان اچي پھتو. ساري واٽ جنت ۽ پنھنجي آئيندي جا خيال پچائيندو آيو ھو. جيتري ئي خوشيءَ جي اميد رکي آيو ھو، تيرو ئي غم پسڻو پيس. جنت جي جڳھہ ٻاھران ڪڙمين جو انبوھہ پٽ تي ويٺل ڏٺائين ۽ اندران روئڻ جو آواز ٻڌي، سمجهي ويو تہ قادر بخش جو قضيو ٿيو آھي؛ ماڻھن جي ڳالھائڻ مان پڻ ائين معلوم ٿيس. ھو سڌو اندر لنگهي ويو. حميد کي ڏسي، جنت ۽ ماڻس ۾ ڄڻ تہ ساھہ پيو. جھڙيءَ طرح ڪنھن ماڻھوءَ کي ڌارئي ملڪ ۾ پنھنجو عزيز يا سڃاڻپ وارو ماڻھو گڏجي وڃي ۽ ان کي ڏسي ھو خوش ٿئي، تھڙيءَ طرح حميد کي ڏسي، جنت ۽ سندس ماءُ محسوس ڪرڻ لڳيون. ڪڇيو ڪنھن بہ ڪونہ. ھنن خاموش نگاھن سان حميد جي مرحبا ڪئي، حميد وري موٽي اچي ٻاھر بيٺو.
رات جو وقت ھو، جنت، ماڻس ۽ حميد ٽيئي ڄڻا زمين تي پيل پراڻي گلم تي ويٺا ھئا. مڙس جي کٽ خالي ڏسي، جنت جي ماءُ جو ھنياءُ کاڄندو پئي ويو. گذريل وقت جون يادگيريون دل تي تري ٿي آيس. حميد کيس دلداري ڏيڻ ۾ ڪين گهٽايو. ماءُ کان اشاري ملڻ تي جنت اٿي باھہ ٻاري ۽ حميد لاءِ ماني تيار ڪئي؛ پر ماءُ ۽ ڌيءُ کي دک ۾ ڏسي، حميد کان ھڪ گرھہ بہ نہ ڳسيو، سڄو ديڳڙو بچو ئي پيو ھو. ٽنھي ڄڻن رات جو لنگهڻ ڪڍيو.
حميد، جنت ۽ سندس ماءُ سان انھيءَ رات ڪنھن بہ نموني جو ذڪر چورڻ مناسب نہ سمجهيو. ھنن جيان پاڻ بہ وڃي آرامي ٿيو ۽ جيستائين ننڊ آيس. تيستائين جنت جا ئي خيال پئي ڪيائين. ويچارڻ لڳو تہ ھينئر نڪاح ڪيئن ٿي سگهندو ۽ قدرت شايد اسان جي ميلاپ جي خلاف ٿي ڏسجي. ھينئر تہ نڪاح ضرور مھمل ٿيندو. انھيءَ ارمان ۾ ھو تہ اک لڳي ويس.
ٻئي ڏينھن جنت، حميد کان پڇيو، ”گهڻن ڏينھن جي موڪل اٿيئي؟“
”باقي ٻہ ڏينھن.“ حميد وراڻيو.
”جيئن آئين، تيئن ئي ويندين!“
”نہ؛ کڻي آيس اميد ۽ کڻي ويندس ارمان.“
”پر اڪيلو آيو آھين ۽ اڪيلو ئي ويندين نہ؟“
”ھونئن وري تون مون سان ھلڻي ھئين ڇا؟ سمجهيم ٿي تہ ھيءُ آخري دفعو ٿيندو، جو مان اڪيلو موٽندس؛ مگر ھينئر تہ ڪجهہ بہ چئي نٿو سگهجي.“
”جيڪي ٿيو آھي، تنھن ۾ ڪنھن جو ڏوھہ آھي ڇا! نڪاح ٿئي يا نہ، ھينئر ٿئي يا پوءِ، مگر مان تہ پنھنجي دل توکي ڏيئي ويٺي آھيان. شاديءَ ۾ وري وڌيڪ ڇا ٿو ٿئي؟ اسان جي دلين جو تہ نڪاح ٿي ويو آھي. سچي محبت ظاھري نڪاح جي پابنديءَ لاءِ نہ ٿي ترسي. جا محبت نڪاح کان پوءِ پيدا ٿئي ٿي، سا دنيا جو خيال رکي ٿي؛ مگر جنھن محبت نڪاح کان اڳ ئي دلين کي ھڪ ٻئي جو ڪري ڇڏيو آھي، سا دنيا ڏانھن بي پرواھيءَ جي نظر سان نھاري ٿي.
”جنت، وڌيڪ بہ چئہ، اڄ مان توکي ٻڌڻ ٿو چاھيان. تون منھنجيءَ دل وٽان ٿي ڳالھائين.“
”تون گهٻرائجي ويو ھئين؛ توکي رستو ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو.“
”جنت، تو واٽ ڏيکاريم. عورت ھميشہ مرد جو سونھون ٿي ٿئي ۽ ھن جي اونداھيءَ واٽ ۾ روشڻي آڻي ٿي؛ ھوءَ مرد کي ڪرڻ کان روڪي ٿي کيس بلنديءَ تي ٿي رسائي.“
ان وقت جنت جي ماءُ سندن ڀرسان اچي لنگهي، سو پڇيائين، ڇا جي ويٺا ڳالھہ ڪريو؟“
حميد ھڪدم جنت ڏي نھاريو، جنھن جون اکيون زمين ۾ کتل ھيون ۽ جواب ڏنائين، ”سمجهي وڃو.“
”ھا، مون سمجهيو،“ جنت جي ماءُ ورندي ڏني.
”توھان کي سمجهڻ جھڙي دل آھي.“ حميد چيو.
جنت کي ماڻس چيو، ”ھينئر پاڙي واريون زالون اچڻيون آھن.“ پاڻ ائين چئي ھلڻ لڳي.
”امان، مان اچان ٿي.“ جنت وراڻيو ۽ ھن ماءُ جي پٺ ورتي. حميد ڪجهہ وقت لاءِ گهانگهرن جي ڳوٺ جو چڪر لڳائڻ لاءِ روانو ٿيو.
رات جو جنت ۽ حميد پاڻ ۾ اڪيلا گڏيا. جنت چيو، ”اسان کي ھينئر فيصلو ڪرڻو آھي.“
”يعني؟“
”ھينئر امان، ۽ منھنجو ھتي ٻنيءَ تي اڪيلو گذارڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“
”انھيءَ ۾ سوچڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آھي؟ مان جو ويٺو آھيان.“
”منھنجي جاءِ تہ آخر تو وٽ ئي آھي.“ ائين چئي جنت مشڪندي، حميد ڏانھن اکيون کنيون. حميد پنھنجي ساڄي ٻانھن سندس گلي ۾ وجهي چيو، ”جنت، باقي بچي تنھنجي ماءُ. تنھنجي ماءُ منھنجي ماءُ آھي. ٽيئي گڏ گذارينداسين. دل ۾ ڌاريائي ڪانھي، تہ سڀ پنھنجا آھن.“
”تنھنجو چوڻ ٺيڪ آھي.“
”تہ باقي ڪھڙي اٽڪ آھي؟“
”جماعت جي اٽڪ.“
”ڪنھن لاءِ؟“
”مون لاءِ، نہ پر امان لاءِ؛ ھينئر تہ مان کيس اڪيلو بہ نٿي ڇڏي سگهان.“
”مان ساڻس ڳالھہ چوريان؟ کيس شايد حجاب ٿو ٿئي.“
”پر اسان کي ڪجهہ ڏينھن ضرور ھت گذارڻا پوندا.“
”جڏھن چئو، تڏھن مان وٺڻ اچانو.“
”امان پاڻ مرادو توسان ذڪر ڪڍندي. منھنجو يا تنھنجو کيس ان باري ۾ چوڻ ھن وقت تمام خراب ٿو لڳي. مان کيس ٻڌايان ٿي تہ تون سڀاڻي وڃڻو آھين.“
اڱاري جو ڏينھن ھو، جنت ماءُ سان حميد جي اسھڻ جي ڳالھہ ڪري ڇڏي ھئي. منجهند جو جڏھن گهر ۾ ڪي بہ ملاقاتي ڪونہ ھئا، تڏھن جنت جي ماءُ حميد کي چيو، ”حميد، تون اڄ اسھڻ وارو آھين. ڌڻي نگھبان ٿيندءِ. پر جنھن مراد سان توکي ھتي گهرايوسين، اھا تہ پوري ڪانہ ٿي سگهي. بندو تہ خدا جي حڪم جو تابعدار آھي.“ پوءِ جنت جا ڀرسان ويٺي ھيس. تنھنجي پٺيءَ تي ھٿ رکي چيائين، ”جنت تنھنجي آھي. مون وٽ فقط امانت طور اٿيئي جلدي اچي وٺي وڃجانس.“ ايتري چوڻ کان پوءِ سندس دل ڀرجي آئي. شايد کيس پنھنجي اڪيلائيءَ جي يادگيري ٿي پيئي، جا جنت جي شاديءَ بعد ڏسڻي ھيس، ليڪن پنھنجن جذبن کي قبضي ھيٺ رکي، ھن ظاھر ڪيو، ”حميد، جنت جو خيال رکج. وري بہ ٿي يادگيري ڏياريانءِ، تہ ھوءَ تنھنجي آھي، وڌيڪ توکي مان ڇا چوان؟“
جنت جي ماءُ کي معلوم ھو تہ مرد ڪيترو بہ کڻي محبت جي وس ٿي عورت جو محتاج بنجي، تہ بہ آخر ۾ مرد بنا عورت ويچاري آھي. جا محبت شاديءَ کان اڳ جي آھي، سا عاشق معشوق واري محبت آھي؛ مگر جو پيار شاديءَ بعد ٿو پيدا ٿئي، اھو زال مڙس وارو پيار آھي. جڏھن پھرينءَ محبت جي اثر ھيٺ آيل انسان ٻيءَ محبت جا آزمودا پسڻ شروع ڪن ٿا، جا پھرينءَ کان گهٽ خيالي ۽ زيادہ عملي آھي، تڏھن ھنن کي نااميدي ڏسڻي پوي ٿي پھرين محبت انسان کي عرش جا سير ٿي ڪرائي، تہ پوئين زمين تي ٿي پنڌ ڪرائيس. جنت ۽ حميد جي وچ ۾ طالب ۽ مطلوب واري محبت ڏسي، ھوءَ خوش برابر پئي ٿي، پر دل بار کان آجي ڪانہ ھيس. جيسين ٻنھي کي شاديءَ بعد پڻ ساڳئي نموني ۾ پيار ونڊيندو نہ ڏٺو ھئائين، تيسين کيس آرام ڪٿي ٿو اچي!