25
”جنت!“ حميد وراڻيو. ھو کٽ تي سمھيو پيو ھو ۽ منھن جنت ڏانھن ھوس. ھن جون ڳالھائيندڙ اکيون افسوس جو اظھار ڪري رھيون ھيون. موت کي ڏسڻ سولو آھي، پر موت جڏھن اچي ٿو، تڏھن انسان جيئڻ چاھي ٿو. دنيا کي ڇڏڻ ڏاڍو اوکو آھي. حميد کي دل تي اھو پڪو خيال ويھي ويو تہ سندس بستري تان اٿڻ ممڪن نہ ھو. حميد جيئڻ چاھيو ٿي؛ نہ پنھنجي لاءِ، ليڪن جنت جي ڪري. پر ان ڪري ھن جيڪو ڪيو ھو تنھن لاءِ پشيمان نہ ھو. ھن کي اندر ۾ خوشي ھئي جو فرض پالڻ ۾ پوئتي نہ پيو ھو؛ پر ھروڀرو ائين نہ ٿي سمجهيائين تہ پاڻ بہ ساڳي مرض ۾ ڦاسندو.
جنت چيو، ”حميد، مان ڇا چوان؟“
”تون مون کي ڪجهہ چئي ٿي سگهين.“
”پاڻ ۾ ڳالھائڻ جي ھمٿ نہ ٿي سمجهان. مان صرف ماٺ ۾ توڏي نھارڻ ٿي گهران.“
”تون مون تي ڪاوڙيل آھين، جنت؟ توکي مون تي رنج ٿيڻ جو ھرڪو سبب آھي.“
”عورت کي غصي ڪرڻ جو ڪوبہ حق نہ آھي. اھو ورثو مرد جو ئي آھي.“ جنت جواب ڏنو.
”جھان ۾ ڪابہ شيءِ ڪنھن جو ورثو نہ آھي.“
”مرد ائين ڪٿي ٿا سمجهن؟“
”چئبو تہ تون مون سان ناراض آھين؟“
”مان ڪجهہ سوچي رھي آھيان. مرد زال کي پنھنجو سمجهي ٿو، پر زال کي ائين سمجهڻ نٿو ڏئي تہ پاڻ سندس آھي؛ مرد چاھي ٿو تہ زال ڪوبہ قدم سندس صلاح کان سواءِ نہ کڻي، مگر ھو زال جي صلاح مڃڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل نٿو رکي؛ ھو پاڻ کي ھر حال ۾ آزاد؛ ليڪن زال کي ٻڌل رکي ٿو.“
”تنھنجو اھو اشارو مون ڏانھن آھي. جنت تون رڳو محبت جي فرض جو خيال رکين ٿي. دنيا ۾ انسان کي ٻيا بہ فرض پالڻا ٿا پون.“
”انھن جي پالڻ ۾ ھن کي ھروڀرو محبت جو تياڳ ڪرڻو نٿو پوي.“ جنت چيو.
”نہ، مان تہ اڃا بہ توسان محبت ڪريان ٿو!“
”مگر مون کي ان محبت جي ماڻڻ کان محروم رکڻ ٿو گهرين؟“
”محبت جسم سان ٿيندي آھي ڇا؟“
”مان جيڪو پيار توکي ڏيان ٿي ان جو جسم سان پڻ تعلق آھي. انسان جي انسان لاءِ پيار ۾ جسماني جزو اوس ٿئي ٿو. تو مون ۾ پھرين ڇا ڏٺو، جو مون تي موھت ٿي پئين؟ جسماني حسن. مرد جي عورت لاءِ پيار ۾ جسماني جزو آھي؛ جيتوڻيڪ عورت جي مرد لاءِ پيار ۾ ڪيترين حالتن ۾ اھو نظر نہ ايندو آھي.“
”جنت، تو ڀلا مون ۾ ڇا ڏٺو؟“
”مون تو ۾ پنھنجي حياتيءَ جو ساٿي ڏٺو!“
”ساٿي؟“
”ھا حميد.“
”مان تہ ھت ڪجهہ وقت لاءِ مھمان آھيان.“
”دنيا ۾ ھرڪو مھمان آھي.“
”پر منھنجو مدو اچي پوري ٿيڻ تي بيٺو آھي.“
اھي لفظ ٻڌي جنت جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، کيس ڀيانڪ مستقبل نظر اچڻ لڳو. جنت پنھنجو ھٿ حميد جي مٿي تي رکي چيو، ”حميد ھاڻي ماٺ ڪر. اڄ گهڻو ڳالھايو اٿيئي. جي ڳالھائڻ بند نہ ڪندين، تہ مان اٿي وينديسانءِ.“
”جنت، ھميشہ لاءِ ماٺ ڪرڻي ئي اٿم. مگر جيسين ڳالھائڻ جي
طاقت ڀانيان ٿو، تيسين توسان ڳالھائي دل کي نہ وندرايان. توسان روح رھاڻ ڪندي بيماري ڀلجي ٿو وڃان.
جي ڳوڙھا جنت جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي ھينئر سندس ڳلن تي ڪري پيا ۽ ھن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”حميد، مان تنھنجا اھڙا لفظ نٿي ٻڌي سگهان.“ ائين چئي ھوءَ اٿڻ لڳي. حميد کيس ٻانھن کان جهلي چيو، ”جنت، رسي ٿي وڃين؟“
”مون کي تنھنجو ڳالھائڻ نٿو وڻي.“
”رسبو تڏھن آھي، جڏھن ڏسبو آھي تہ اڳلو پرچائي سگهندو. مون ۾ تہ اھا سگهہ ڪانھي. اڳي تون رسندي ھئينءَ تہ توکي پرچائڻ ۾ مزو ايندو ھو؛ پر ھاڻي تہ رسڻ جو نالو ٻڌي دل ويھي ٿي وڃيم. مان تنھنجو رسڻ ڏسي نٿو سگهان.“
ھو ٻيو بہ ڪجهہ چوڻ تي ھو، تہ دادن اچي ويو ۽ حميد کان سندس تندرستيءَ جي باري ۾ ھميشہ جيان پڇڻ لڳو. جنت اٿي ويئي. ماڻس کيس حميد وٽان ايندو ڏسي پڇيس، ”جنت، حميد جي صحت ڪجهہ سڌري آھي؟“
”نہ، امان! ساڳي حالت اٿس. مون کي تہ ڪالھہ کان وڌيڪ ضعيف ٿو لڳي. تون اميد رکي ويٺي آھين تہ حميد چاق ٿي اٿندو؟“
”ڇو؟“
”سلھہ مان ڪو اٿيو آھي؟“
”اجائي نڪاح جي تڪڙ ڪئيسين.“
”خوشي اٿم جو اسان جو نڪاح ٿيل آھي.“
”جنت“ ماڻس عجب مان ظاھر ڪيو.
”امان، انھيءَ ۾ عجب کائڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آھي؟ جنھن وقت مون حميد کي دل ڏني، تنھن وقت منھنجي ساڻس شادي ٿي چڪي.“
”جنت، ان نموني جا خيال ڪري تون پنھنجي حياتي برباد ڪندينءَ.“
”حميد کان پوءِ تہ مون لاءِ ھونئن ئي بربادي آھي.“
”تون جيڪڏھن پاڻمرادو پنھنجي مٿان مصيبتون آڻيندينءَ تہ مان توکي ڇا ڪري سگهنديس.“
”مان حميد جي آھيان ۽ ھن جي رھنديس.“
”جيسين شادي نہ ٿي آھي، تيسين توتي ڪھڙي پابندي آھي.“
”جيڪڏھن جماعت جي پابندي نہ آھي تہ دل جي تہ آھي. منھنجي ھن سان سچي محبت آھي. مان ھن کي پنھنجي لاءِ سڀڪجهہ ڪري ٿي سمجهان. مون ھن سان محبت جو قول ڪيو آھي. ڇا تون مون کي قول ڀڃڻ لاءِ چوندينءَ؟ امان ائين ڪرڻ منھنجي شان وٽان ٿيندو؟ تون مون کي اھڙي نيچ ۽ ڪريل ڇو ٿي سمجهين؟ امان، ھن وقت تو مون سان ان نموني جو ذڪر ڇو ڪڍيو؟ منھنجيءَ زخميل دل کي تون وڌيڪ زخمي ڪري رھي آھين. خدا حميد کي ھن بيماريءَ مان جلدي ڇوٽڪارو ڏيندو.“
جنت ماءُ کي اڃا بہ ڪجهہ چيو ٿي تہ دادن جو آواز ٻڌائين، ”جنت!“ جنت! جنت ڊڪندي ويئي. حميد جي وات مان رت ايندو ڏسي، دادن ڊڄي ويو ھو. جيئن رت پئي آيس، تيئن حميد شڪل ۾ پيلو ٿيندو پئي ويو. ايتري رت جو اچڻ خراب نشاني ھئي. جنت سمجهي ويئي تہ حميد جو آخري وقت اچي ويو آھي. حميد سرجيت ھو. ھن ھلڪي آواز ۾ چيو، ”جنت.“
”امان.“ جنت پڪاريو.
جنت جي ماءُ آئي. حميد کيس ڏسي چيو، ”امان، خدا حافظ!“
”حميد، جنت کي ڪنھن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏين؟“ جنت جي ماءُ پڇيس.
حميد دادن ڏانھن اشارو ڪيو ۽ پوءِ جنت جي طرف نھاريو، جنھن تي جنت چيو، ”حميد، شادي تہ ڪري وڃ.“
”ڪنھن سان؟“ حميد جو آواز ھينئر گهڻو جهڪو ٿي ويو ھو.
”پنھنجيءَ جنت سان.“ جنت سرھي منھن سان وراڻيو.
”جنت، ايڏي قرباني؟ ۽ سا بہ ڪنھن لاءِ؟ ان لاءِ جو دنيا ۾ باقي ڪي منٽ آھي.“
”حميد، تو ڪين چيو تہ محبت جو جسم سان تعلق ڪونھي.“
”جنت، ڏک اٿم جو توکي ناراض ڪري ٿو وڃان.“
”نہ، حميد. تو فرض کي محبت کان مٿي درجو عطا ڪيو. مون کي خوشي آھي تہ منھنجيءَ محبت جي ڪري تون نہ ڪرئين ۽ مان اھڙي نيچ نہ ٿيس جو تنھنجي فرض جي راھہ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيان. مون سان اٿي شادي ڪر. اھا جنت جي آخري التجا اٿيئي.“
”جنت!“ ائين چئي حميد پنھنجو ھٿ جنت ڏانھن ڊگهيڙيو. جيسين جنت پنھنجو ھٿ حميد جي ھٿ سان ملائڻ لاءِ ان جي اڳيان آندو، تيسين حميد دم ڏنو.
جنت جون اکيون حميد جي لاش ۾ ھيون تہ ماڻس ۽ دادن جون منجهس. ھوءَ پٿر جي بوتي جيان ھڪ ھنڌ بيٺي رھي. دادن چيو، ”حميد جان ڏني، پر فرض پوري ڪرڻ ۾ پٺتي نہ پيو. غريبيءَ جو ورثو نہ صرف تڪليفون آھن، پر دلي صداقت ۽ قرباني پڻ.“
فرض جي صدقي حميد پنھنجيءَ محبت جو تياڳ ڪيو. جوانيءَ ۾ جڏھن انسان جي دل ۾ انيڪ نمونن جون خواھشون رھن ٿيون، تڏھن حميد مرڪندڙ منھن سان موت جو مشاھدو ماڻيو. جنت ھن جي اعليٰ قدم کي سمجهيو ۽ محبت جو ڪيل قول پاڙيائين. ھن لاءِ دنيا ۾ ھينئر ڪابہ ڪشش ڪانہ رھي. ھوءَ پنھنجو پاڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جو چاھہ نہ وٺڻ لڳي. ”اڻڀا سڻڀا نہ ڪري سونھن وڃايم سور.“ ھن دنيا ڏانھن پنھنجا نيڻ بند ڪيا. جنت آخر تائين حميد جي ياد ۾ رھي ۽ ھر روز ھن جي قبر تي وڃي تازن گلن جو ھار چاڙھيندي ھئي.