ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

شھرن، ڳوٺن، اھم اصطلاحن ۽ الفاظن بابت وضاحتون

1. ھالاڻي
ڪنڊيارو شھر کان 4 ڪوھن جي فاصلي تي اڀرندي پاسي، نيشنل ھاءِ وي ھاڻوڪي موٽر وي جي ڪناري تي ھالاڻي جو شھر آباد آھي، جيڪو پھريان تہ ڪنھن دؤر ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو، پر اڳتي ھلي ڪلھوڙن جي دؤر ۾ گهڻي ترقي ڪيائين، ورھاڱي کان اڳ ھن شھر م وڏو وڻج واپار ھلندو ھو، اڄ کان ٽي سؤ سال پھريان ھتي ھڪ وڏو مدرسو ھو، جتي شيخ ابوبڪر خطابين کي پاڙھيندو ھو، ساھتي پرڳڻي جو مشھور عالم مخدوم ابوالحسن ڏاھري بہ ھالاڻيءَ ۾ وٽس پڙھيو آھي، ھن شھر جي قبرستان ۾ مخدوم محمد دائود آڳرو، علامہ سيد محمد عاقل شاھہ لڪياري ۽ علامہ سيد غلام دستگير شاھہ لڪياريءَ کان سواءِ ٻيا ڪيترا عالم ۽ بزرگ ابدي آرامي آھن.

2. ويساکيءَ جو ميلو
ھي ميلو ويساک مھيني جي 12,11 ۽ 13، جيڪو عيسوي مھيني اپريل جي 13,12 ۽ 14 تاريخ بيھندي آھي، تي ھالاڻي شھر ۾ ھندن جي مندر درٻار صاحب جي اڱڻ ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو ويندو آھي، جنھن ۾ ھالاڻيءَ جا ديوان ۽ ڀائيبند، ھند سند جي ڀڳتن کي نينڊ ڏئي گهرائيندا آھن.
حقيقت ۾ ھي ميلو ھندن جي روحاني گرو بابا سروپداس جو جنم ڏينھن آھي، جو پاڻ سن 1872ع جي ويساک مھيني ۾ ھالاڻي شھر کان 43 ميل ڏور ساجن شاھہ جي ڳوٺ ۾ ڄائو ھو. (1)
ميلي دوران ھندو توڙي مسلمان ٽيئي ڏينھن ڀڳت ۾ شرڪت ڪندا آھن ۽ اھڙي طرح ٽنھي ڏينھن ۾ منجهند جو ڏيڍ وڳي ڌاران درٻار صاحب مان سنک وڄايو ويندو آھي، تنھن کان پوءِ ننگر وٺڻ لاءِ ماڻھن جا ڳاھٽ اچي ٽٽندا آھن، انھي ننگر کي درٻار جا ھندو ڀنڊارو چون. ميلي جا سڀئي ڏينھن اھو ڀنڊارو ھلندو آھي، ايستائين جو درٻار ۽ ڀر وارا ماڻھو پنھنجو کاڌو تيار ڪين ڪندا آھن. (2)
باقي سيد محمد عاقل شاھہ جي اولاد مان جيڪي سيد ھالاڻي کان ٻاھر ھر سال ڪڻڪ لٿي ميلو ڪرائيندا آھن، سو مٿين سيد عاقل شاھہ ڏانھن منسوب ”پير لڪياري جو ميلو“ آھي پر اڄ کان پنجاھہ سٺ ورھيہ اڳ ان ميلي کي وڏڙا ويساکيءَ جو ميلو ڪري چوندا آھن، منھنجي سانڀر ۾ پڻ ويساکيءَ جو ميلو سڏبو ھو. ٻاراڻي دؤر ۾ آءٌ بہ ھر سال ميلي کان پيرو ين ڀڄندو ھوس. ممڪن آھي تہ اھو پھريان ويساکيءَ جو ئي ميلو ھجي پر پوءِ مٿس پير لڪياريءَ جو نالو ڏنو ويو يا ھيءُ بہ ٿي سگهي ٿو تہ، پير لڪياريءَ جو ميلو بہ ساڳي ويساک جي 12,11 ۽ 13 تي ئي ٿيندو ھجي.

3. ويساکيءَ جو سنان
درٻار جي ڏکڻ پاسي، وڏي دروازي کان جيئن ئي ٻاھر اچبو تہ، چار پنج فوٽ پڪين سرن جي اوساريءَ سان بلند ڪانڀ ڏنل ھڪ وڏو کوھہ آھي، جيڪو راقم پاڻ وڃي ڏٺو. کوھہ مان بجليءَ واري پمپ ذريعي پاڻي ڇڪي تڙ تائين آندو وڃي ٿو ۽ اتي کليل ميدان تي چار پنج نلڪيون سنان ڪرڻ لاءِ ھيون، وري جڏھن کوھہ ۾ اندر جهاتي پاتم تہ پاڻي بلڪل گندو ۽ سائو ٿي چڪو ھو.
انھيءَ کوھہ تي ميلي جي پھرين ڏينھن ھندو مرد توڙي زالون باک ڦٽيءَ مھل سنان ڪندا آھن، انھيءَ سنان کي ھندن وٽ وڏي اھميت حاصل آھي.

4. درٻار
ھندو ھن وقت کيس درٻار صاحب ڪري ڪوٺيندا اھن. تمام ڪشادي ميدان ۽ انتھائي بلندي تي ھي وڏو شاھي مندر ٺھيل آھي، جيڪو سکر کان موٽر وي سان ايندي الھندي پاسي، پري کان نمايان ڏسڻ ۾ ايندو آھي، جنھن کي چوڌاري واڻين جا گهر وڪوڙيل آھن، جي ھر وقت پوڄا پاٺ ۽ ڪڙيا ڪرم ۾ مشغول ھوندا آھن. مندر جي اندر مرڪزي قبي واري ڀت جي چوڌاري ھٿ سان ڇاپيل مورتيون ۽ ڪجهہ گرمکي عبارت ۾ ھندڪا اکر لکيل آھن. ازانسواءِ اندر ھندن جي مقدس ڪتاب گيتا جا پڻ نسخا رکيل آھن.
درٻار تي مٿي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ وٽ دروازي تي مندر جي اڏاوت جو تفصيل پراڻي سنڌي ۽ گرمکي ۾ ھن طرح لکيل ھو:
اڏڻ جي تاريخ: چيٽ 1949/رمضان 1309/ 2 اپريل 1892ع
ڪاريگر: ميران بخش ۽ گوپالداس
ٺھرايو: مھر بخش
بقلم: سائينداس
ديوان رام چند ٻڌايو تہ، ڪلھوڙن حاڪمن درٻار لاءِ اٽڪل ڇھہ سؤ ايڪڙ کن زرعي زمين وقف ڪئي ھئي، جنھن مان گهڻي صدر ايوب خان جي وقت کسي وئي، ڪجهہ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت دوران واپس ورتي وئي. اقي جيڪا بچي تنھن کي ھالاڻيءَ ۽ پسگردائيءَ جي ڏاڍين قومن قبضو ڪري ورتو، ھن وقت فقط سٺ ايڪڙ زمين باقي بچي آھي.

5. اپواس
ھي ھندن جو ھڪ قسم جو روزو آھي، جيڪو اٽڪل ٻہ ڏينھن کن ھلندو آھي، جنھن ۾ رڳو پاڻياٺ ۽ ميوات وغيرہ واپرائيندا آھن، باقي ٻيو کاڌو بنھہ ڪين کائين.

6. ڳوٺ پير مھدي شاھہ
ھي ڳوٺ ڪنڊيارو شھر کان اتر طرف سنڌونديءَ جي ڪپ تي ڳوٺ ”بکري“ جي ڀرسان اڏيل آھي، ھن وقت منجهس سؤ کن گهر آھن، سيد، ڪلھوڙا، چنا، ملاح ۽ بڙدي قبيلن جا ماڻھو رھن ٿا. ڳوٺ جو مکي مڙس سيد ضياءُ الدين شاھہ آھي، پير سيد مھدي شاھہ سندس ڏاڏو ھو، جنھن جي نالي پٺيان ڳوٺ سڏجي ٿو.
ورھاڱي کان اڳ ھي ڳوٺ وڏو وسيل ھو، اڳين جڳ جا ڀائيبند ٻيڙين رستي روھڙي ۽ سکر کان وکر کڻي اچي بڙدي پتڻ تي لنگر ھڻندا ھئا. جتان پوءِ خانواھڻ، بکري ۽ ڪنڊيارو جي واپارين کي مال پھچائيندا ھئا. مطلب تہ ان سمي ڳوٺ ۾ محبت مزو ۽ وڏي رونق ھئي.

7. ڪنڊيارو
ساھتي پرڳڻي جي قديم شھرن مان ڪنڊيارو جو شھر بہ آھي. موٽر وي جي ڪناري تي ھجڻ ڪري آمدورفت جي سھولت سببان واپار جو اھم مرڪز آھي.
شھر جي آبادي ۽ اڏاوت ٻڌائي ٿي تہ، ھي شھر بہ ساھتيءَ جي ٻين شھرن وانگر ڪيترائي دفعا ڦٽو ۽ تباھہ ٿيو آھي ۽ انھيءَ برباد ٿيل واري ۽ مٽيءَ جي وڏن دڙن تي ھي شھر وري وري آباد پئي ٿيو آھي. اوائلي دؤر ۾ ھن شھر ۾ وڏا وڏا ڪپڙي ۽ ڪاغذ جا ڪارخانا ھئا.
ھن شھر جي نالي بابت تاريخ نگارن لکيو آھي تہ، ھن شھر جي آباد ٿيڻ کان اڳ ھتي وڏا ”ڪنڊين“ جا وڻ ھئا، جن کي وڍي صاف ڪري مٽيءَ جي وڏن ۽ مٿاھن دڙن تي درياھہ جي اٿل جي ڊپ کان شھر کي آباد ڪيو ويو، تنھن زماني ۾ ھن شھر کي ”ڪنڊيءَ وارو“ شھر ڪري سڏيندا ھئا، جو پوءِ جلد ئي ڪنڊيارو ڪوٺجڻ ۾ آيو. (3)

8. ڇاڇرو
ھن وقت ضلعي عمرڪوٽ جو تعلقہ صدر مقام آھي، جو روڊ رستي ڪنري ۽ نئون ڪوٽ سان ڳنڍيل آھي، ھن تعلقي جا کٿا ۽ لويون گهڻيون مشھور آھن. ايراضيءَ جي لحاظ کان ڇاڇرو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آھي.

9. ٿرپارڪر
تاريخدانن لکيو آھي تہ، ٿر ۽ پارڪر ٻہ الڳ علائقا آھن، ھاڻي عام طور انھن کي گڏي ٿرپارڪر چئجي ٿو، ڪنھن وقت سڄو ٿرپارڪر ھڪ ئي ضلعو ھو، جنھن ۾ ميرپورخاص، جيمس آباد، ڊگهڙي، سامارو، عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، جڏھن تہ ھاڻي ٻن ٽن يونٽن ۾ ورھايل آھي.
ٿر جون اوڀر ۽ ڏکڻ واريون حدون پاڙيسري ملڪ ھندستان سان ملن ٿيون، تنھنڪري دفاع جي لحاظ کان بہ ٿر وڏي اھميت رکي ٿو. (4)

10. نوابشاھہ
ھن شھر کي سنڌ صوبي ۾ ھڪ مرڪزي حيثيت حاصل آھي، سن 1912ع ۾ ھن شھر کي ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو ويو. شھر تي اھو نالو متعلوي سيدن جي پيڙھيءَ مان سيد نواب شاھہ جي نالي پٺيان ”نواب شاھہ“ سڏجڻ ۾ آيو. اڄ بہ شھر جي وچ ۾ ان خاندان جي پوين جي حويلي ”نواب شاھہ ھائوس“ جي نالي سان موجود آھي، نواب شاھہ شھر جديد نموني ۾ اڏيل آھي، ھتان جا رستا ويڪرا ۽ گهٽيون ڪشاديون آھن، شھر جي آبھوا سٺي ۽ وڻندڙ ۽ صحت جي لحاظ کان بھترين آھي. (5)
تعليمي ادارن جي لحاظ کان ھي شھر سنڌ جي اھم مرڪزن مان ھڪ آھي، جن مان خاص ڪري نواب پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھہ، جنھن ۾ سنڌ جي شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي نياڻين کي ڊاڪٽري جي تعليم ڏني ويندي آھي، ان کان سواءِ گورنمينٽ حبيب ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ۽ قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پڻ آھي، ان ڪري ھن شھر جي تعليمي حيثيت روز بروز وڌندي رھي ٿي.

11. بحراڻو
ھندن جي رسم مطابق ڪاٺ جو فريم ٺاھي ان تي ٻرندڙ ڏيئو رکي درياھہ ۾ لوڙھيو ويندو آھي، جيستائين ڏيئو ترندو ۽ ٻرندو رھندو، تيستائين ڏانھس تڪيندا رھندا آھن. ھندو انھيءَ بحراني واري رسم کي ”جوت“ بہ چوندا آھن ۽ اھا جوت اڏيرو لعل جي نالي سان منسوب آھي. درٻار ھالاڻيءَ جي خدمتگار ديوان شيوڪ رام ٻڌايو تہ، جوت سان گڏ ھو ”آرتي“ بہ ڪندا آھن، ھن ۾ ھڪ ڏيئي جي بجاءِ پنج ڏيئا ٻاري درياھہ بادشاھہ ۾ روانا ڪيا ويندا آھن.
ڪنڊيارو جا واڻيا اڄ ڏينھن تائين ويساکيءَ واري ميلي جي ٽئين ڏينھن اھو بحرانو ڪرڻ ھالاڻي ايندا آھن، پر ھاڻي اھو بحراڻو درياھہ جي بجاءِ ھالاڻي شھر جي سامھون وھندڙ روھڙي ڪينال ۾ ڪيو ويندو آھي.

12. ھنس
ھڪ پکيءَ جو قسم آھي، جنھن جو انتھائي مٺڙو ۽ سريلو آواز ھوندو آھي.

13. قواعد
صبح جي ٿڌڙي ھير ۽ بيٺل فصل پيو لڏندو ۽ لمندو آھي. جڏھن ھوا جو تيز جهوٽو ايندو آھي تہ، پوک جا سلا ڪڏھن اڌ نمي ويندا آھن تہ وري ڪڏھن ڪڏھن ڌرتيءَ کي پيا چميون ڏيندا آھن، يعني بظاھر ڄڻ تہ ان آدميءَ وانگر، جيڪو نماز ۾ قيام، رڪوع، سجدو ۽ قعدو ڪندو آھي، قواعد، قاعدي جو جمع آھي. ممڪن آھي تہ ناولنگار ڪڻڪ جي فصل کي ان سان تشبيھہ ڏني ھجي.

14. خانواھڻ
ڪوٽڙي محمد ڪبير کان اڍائي ڪوھن جي پنڌ تي سنڌوندي جي ڪڇ ۾ ھڪ پررونق شھر آھي، جو سھتا قوم جي ھڪ بااثر زميندار ”خان سھتي“ جو ٻڌايل آھي، اوائلي ۾ ھي شھر ”خان جو واھڻ“ يا ”خان جا ڀاڻ“ ڪري سڏبو ھو پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ خان جو واھڻ مان بدلجي ”خانواھڻ“ سڏجڻ لڳو ۽ اڄ سوڌو انھيءَ نالي سان مشھور آھي.
ھن وقت ھي شھر واپاري مرڪز آھي، انھيءَ ڪري ڀر وارن ٽن شھرن ڪنڊيارو، ھالاڻي ۽ ڪوٽڙي ڪبير سان سندس لاريءَ رستي ڳانڍاپو آھي. (6)

15. گهانگهرن جو ڳوٺ
جيئن تہ ڪنڊياري تعلقي ۾ گهانگهرن جا ننڍا وڏا ڪيترائي ڳوٺ آھن پر انھن مڙني مان وڏو، ڪنڊيارو کان لاکا روڊ اسٽيشن واري رستي جي ڪناري تي واقع محمد عثمان گهانگهرو جو ڳوٺ آھي، انھيءَ ڪري کيس عام طور پڪا گهانگهرا ڪري چيو ويندو آھي.
ھن ڳوٺ جي آبادي لڳ ڀڳ ست ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ گهانگهرا، سيد، موچي، ڪنڀار، لاڙڪ، پيرزادہ ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جا ماڻھو رھن ٿا.
ناولنگار حميد نالي نوجوان کي ھن ئي ڳوٺ ۾ ڊڪ منشي ڪري ڏيکاريو آھي.

16. ٺارو شاھہ
ساھتي پرڳڻي جي قديم شھرن مان ھڪ آھي. جاگرافيائي بيھڪ ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان ھي شھر وڏي اھميت رکي ٿو. ھن شھر جي اتر- اوڀر ۾ ڏھن ميلن جي فاصلي تي ڪنڊيارو، اتر ۾ پنجن ميلن جي فاصلي تي تاريخي شھر درٻيلو، ڏکڻ ۾ ستن ميلن جي پنڌ تي نوشھروفيروز ۽ اوڀر ۾ ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ڀريا شھر اٿس.
اھڙيءَ طرح سان ھي شھر خشڪيءَ جي رستي ساھتيءَ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن سان ڳنڍيو پيو آھي.
1792ع ۾ ھيءُ شھر پھريان سيد ٺارو شاھہ اچي آباد ڪيو، ھندن جي زماني ۾ ھن شھر کي وڏي ترقي حاصل ھئي، تنھن وقت ۾ ھتي انگريزي اسڪول ۽ شاندار اسپتال ھئي.
ھندو پنچائت 1946ع ۾ ڪاليج جي پيڙھہ جو پٿر رکيو ھو پر ورھاڱي کان پوءِ اھو عمل رڪجي ويو، ساھتي پرڳڻي جو ھي ئي پھريون شھر آھي، جيڪو 1944ع ۾ بجليءَ ذريعي روشن ھو. (7)
مشھور راڳي ماسٽر چندر جو گهر بہ ھن ئي شھر ۾ اڃا تائين قائم آھي، جيڪو راقم پاڻ وڃي ڏٺو، ٻاھرين دروازي تي سنگ مرمر جي پٿر تي ڪارن اکرن سان لکيل آھي ”ماسٽر چندر“.

17. نوشھروفيروز
ھي شھر اڳ ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ھو پر ھاڻي موٽر وي وٽانئس ٿورڙو پرڀرو گذري ٿو، ھي شھر فيروز ان ويرر، پنھنجي مرشد ميان نصير محمد خان ڪلھوڙو جي حڪم سان سن 1068ھہ/1657ع ۾ ٻڌايو ھو. نو ننڍا ننڍا ڳوٺ، جيڪي ٿوري ٿوري پنڌ تي اڏيل ھئا، تن کي لڏائي اچي ھڪ ھنڌ آباد ڪرايو ويو ۽ ان ھنڌ جو نالو ”نو شھر- فيروز“ رکيو ويو، يعني ھن شھر جو نالو ٻن شھرن جو مرڪب آھي، ھڪ ”نون شھرن وارو“ ۽ ٻيو ”فيروز“، جو اڳتي ھلي نوشھروفيروز سڏجڻ ۾ آيو، اھڙيءَ طرح ھن شھر کي آباد ٿئي اٽڪل ساڍيون ٽي صديون گذري چڪيون آھن. 1989ع کان ھي شھر ضلع جو صدر مقام پڻ آھي.

18. پڊعيدن
ھن شھر جي آباد ٿيڻ کان اڳ ھتي ويران پٽ ھو، جنھن کي ھنديءَ ۾ ”پڊ“ بہ چئبو آھي. سڀ کان پھريان ھنڱورجن مان ديوان عيدن مل لڏي اچي ويٺو ۽ ڪيترن ئي آس پاس جي ھندن کي صلاحي اچي ويھاريائين ۽ جايون بہ پنھنجي خرچ تي جوڙائي ڏنائين. انھيءَ کان پوءِ اھو شھر ”پڊعيدن“ يعني اھو ويرانو، جو ديوان عيدن مل آباد ڪيو. (9)
سن 1896ع ۾ حيدرآباد کان روھڙي تائين ريل جو رستو جاري ٿيو، تہ ھن ڳوٺ ۾ ريلوي اسٽيشن ٺھي، جا پڊعيدن اسٽيشن سڏجي ٿي، سن 1922ع کان وڏي اھا جنڪشن آھي.

19. نصرت واھہ
ڪلھوڙا دؤر ۾ سندن ھڪ وزير نصرت خان چانڊيي پنھنجي نالي جي نسبت سان ھي واھہ کوٽايو ھو، پوءِ جڏھن بہ درياھہ ۾ گهڻي ٻوڏ ايندي ھئي ۽ پاڻي اٿل کائيندو ھو تہ، درياھہ جي ڇوڙ نصرت واھہ ۾ ايندي ھئي، جنھن مان ماڻھو پنھنجون پوکون بہ پچائيندا ھئا تہ ٻوڏ جي تباھيءَ کان بہ بچي ويندا ھئا.
ويھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ جڏھن انگريزن نھري نظام ۾ سڌارو آندو تہ، ڪنڊيارو کان ڏکڻ طرف وھندڙ روھڙي ڪينال مان نصرت واھہ ڪڍيو ويو، جيڪو اتان کان زمينن کي سيراب ڪندو، تقريبا سانگهڙ جي سرحدن تائين پھچي ٿو. شايد ڪلھوڙا دؤر ۾ اھو واھہ درياھہ مان نڪتل ھو. ممڪن آھي تہ ڪنڊيارو کان پوءِ انگريزن ساڳين بنيادن تي واھہ ڪوٺيو ھجي ۽ ساڳي ئي نالي کي برقرار رکيائون.

20. محراب واھہ
تذڪرہ نگارن جو خيال آھي تہ، محراب واھہ ڪلھوڙن جي زماني ۾ سندن وزير محراب خان جتوئيءَ کوٽايو، نہ فقط مذڪورہ واھہ پر ان سان گڏوگڏ ھالاڻيءَ ۾ محراب مسجد جوڙايائين، جا ڪلھوڙا دؤر جي تعميرات جو اعليٰ شاھڪار آھي ۽ اڃا تائين پنھنجي اصل حالت ۾ قائم آھي. ان کان سواءِ محراب پور جو شھر ٻڌرايائين. مطلب تہ محراب واھہ، محراب مسجد ۽ محراب پور سندس ڏانھن منسوب آھن. ھي واھہ ڪوٽڙي ڪبير ۽ رسول آباد جي سامھون روھڙي ڪينال جي کاٻي پاسي کان نڪري ٿو، جڏھن تہ ھالاڻي ڀرسان ٽمور وٽ اھو ھيٺين ٽن شاخن ۾ ورھائجي وڃي ٿو:
ھڪ نئون آباد شاخ، ٻي کاڙڪ شاخ، ۽ ٽين سانگي شاخ.


21. فاطمہ واھہ
ھي واھہ پير مھدي شاھہ جي ڀرسان ڦٽل حالت ۾ اڃا بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اڃا نھري نظام درست نہ ٿيو ھو تہ، درياھہ جي چاڙھہ وقت انھن واھن ۾ پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو ھو.

22. بازيدپور
ھيءُ ڳوٺ ضلعي نوشھروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري کان ڇھہ ڪوھہ ڏور ڏکڻ طرف واقع آھي. بازيدپور اصل ۾ ”بايزيدپور“ ايران جي مشھور صوفي بزرگ حضرت بايزيد بسطامي (وفات 875/261) جي نالي ڏانھن منسوب آھي پر عام استعمال ۽ بي تڪلفيءَ جي ڪري بايزيدپور مان ڦري بازيدپور ٿي ويو آھي. (10) جڏھن تہ اڄ کان سؤ ورھيہ اڳ جي ريڪارڊ ۾ پڻ بايزيدپور لکيل آھي.
ھندن جي دؤر ۾ ھي شھر وڏو ورسيل ھو. ھر ڌنڌي وارا ماڻھو ھتي رھندا ھئا. ڪاروبار جي حوالي سان پڻ وڏي اوج تي ھو، ايستائين جو ھندو ڀائيبندن جي ڌنڌي جي لحاظ کان دڪانن جي خاص بازار ھوندي ھئي، جتي زندگيءَ جي ھر ضرورت واري شيءِ ملندي ھئي، جنھن کي اڄ تائين بازار واري گهٽي ڪري سڏيو ويندو آھي. (11) مطلب تہ ڳوٺ نہ پر ھڪ شھر ھو ۽ اھڙو ثبوت اسان کي سندس نالي بازيدپور مان ملي ٿو، جيئن پيرومل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو تہ:
”آرين وڌيڪ ترقي ڪئي تہ، وڏا شھر ٻڌائون. رگ ويد ۾ ”پر/پور“ لفظ ڪم آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي شھر ۽ اسين اھو لفظ سنڌيءَ ۾ بہ پيا ڪم آڻيون، جھڙوڪ ميرپور، خيرپور ۽ شڪارپور وغيرہ.“ (12)
ھيءُ اھوئي ڳوٺ آھي، جو 1929ع واري ٻوڏ وقت، ناول جي سورمي حميد جي تلاش ۾، سندس رضائي ماءُ سچل، رات جو پيرين پنڌ وڃي بازيدپور پھتي ھئي.
1929ع واري سال سنڌو درياھہ ۾ وڏو چاڙھہ آيو ھو، درياھہ جي ڪڇ وارا علائقا، جيئن سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھہ گهڻا متاثر ٿيا ھئا پر وري خاص ڪري ساھتي پرڳڻي ۾ تہ ٻوڏ جي پاڻيءَ راڱا ڪري ڇڏيا. ڪيترن ماڻھن جو مال متاع، اناج ۽ ڪچا پڪا گهر پاڻيءَ جي ويرن ور چڙھي ويا. ان ٻوڏ جي تباھڪارين جو ذڪر مرھيات امڙ سانئڻ بہ ڪندي ھئي تہ ڪيئن بازيدپور جا باشندہ ڍور ڍڳا ڪاھي ۽ ٿورو گهڻو سامان ساڻ ڪري، ڳوٺ ڇڏي وٺي ڀڳا ھئا، جڏھن تہ ڳوٺاڻن اڳ ۾ ئي مڙسي ڪري سڄي ڳوٺ کي بند ڏنو ھو پر پوءِ بہ پاڻي اچي بند سان ٽڪرايو ۽ ايڏي تہ گج گوڙ ۽ واڪا پيو ڪري، جو ٻڌي ھنياءُ پيو ڏري.
ھن ڳوٺ جي آبادي پنج ھزار کن آھي، جنھن ۾ مڱريا، ميربحر ۽ سومرا قومن جا ماڻھو رھن ٿا.
لاري رستي سندس ڀريا سٽي ۽ ڪنڊيارو سان لاڳاپو آھي.