10
دادن جنھن ڏينھن گهانگهرن ۾ آيو، تنھن جي ٻئي ڏينھن صبح جو حميد ڪنھن ڪم سان بازار ۾ ويو ۽ دادن کي چئي ويو تہ ڍڪ ۾ پيلن جانورن جي نظرداري پيو ڪج. پٺيان جنت ڍڳيءَ جي بھاني اتي آئي ۽ حميد جي جاءِ تي دادن کي ڏسي، پھرئين عجب لڳس، پر پوءِ پاڻ سنڀالي چيائين؛ ”ڍڪ منشي ڪيڏانھن ويو آھي؟“
دادن، جو طبيعت جو خوش مزاج ھو، تنھن ھڪ خوبصورت ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان اڪيلو ڳالھائيندو ڏسي، چرچي ڪرڻ لاءِ چيو، ”مان نئون ڍڪ منشي آھيان.“ چئہ ڪھڙو ڪم اٿيئي؟“
جيسين جنت ڪا وراڻي ڏئي، تيسين دادن کيس منھن کان وٺي چوٽيءَ تائين پئي جاچيو ۽ دل چاھڻ لڳيس تہ ھھڙيءَ حسين نينگر سان تہ محبت ڪرڻ جڳائي. دل کسجندي ويرم ڪانہ لڳندي آھي. ھن جوان سان بہ اھائي ڪار ٿي، جنت جي پھرينءَ نگاھہ ئي دادن کي گهائي وڌو.
جنت آئي ھئي حميد سان پيار ونڊڻ، سو ڪھڙو جواب ڏئي. ھن کي سمجهہ ۾ ئي نہ ٿي آيو تہ حميد ڪيئن کيس ٻڌائڻ بنا ڳوٺ ڇڏي ويو ھوندو. پڪ ئي نہ پيئي ٿئيس، آخر ڳالھہ ٺاھي چيائين، ”پڇڻ آيس تہ منھنجي ڍڳي تہ ڍڪ ۾ ڪانھي.“
”ڍڪ ۾ ڍڳيون ڪيتريون ئي آھن؛ وڃي سڃاڻ.“
”مان وري اچان ٿي.“ ائين چئي جنت واپس ورڻ لڳي.
”وري ڪيڏيءَ مھل ايندينءَ تہ مان ويٺو ھجان.“ دادن پڇيس.
جنت ماٺ ۾ ھئي دادن حميد جيان لڄارو ڪين ھو، سو جنت کي ترسائڻ لاءِ ساڻس ڳالھائڻ لڳو. ھن کان سندس نالو ۽ رھڻ جو نشان پتو پڇيائين. دادن کانئس حميد جي باري ۾ سوال ڪيا، پر جوابن مان اھا ڄاڻ پئجي ڪانہ سگهيس تہ جنت جو حميد سان ڪو گهاٽو تعلق ھو. جنت پنھنجن دلي امنگن کي وقتي لڪائي ڇڏيو.
ايتري ۾ حميد بہ اچي سھڙيو. حميد کي ڏسي، جنت دادن ڏانھن نھاريو، ڄڻ تہ خاموش نگاھن سان کيس چيائين ٿي تہ تو مون سان ڪوڙ ڳالھايو آھي. دادن کان ٽھڪ نڪري ويو. ”حميد!“ دادن جنت ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”مون ھن نينگر کي چيو تہ مان ڍڪ منشي آھيان.“
”جنت! دادن توسان مذاق پئي ڪئي؟ دادن ۽ مان ڀائرن جيان آھيون. تون کانئس ڪنھن بہ قسم جي لڄ نہ ڪر. ھو ڪالھہ ڳوٺان مون کي گڏجڻ آيو آھي. مان ڪنھن ڏينھن تنھنجيءَ ٻنيءَ تي وٺي ايندس.“
جنت بنا ڪجهہ ڳالھائڻ جي ٻنيءَ طرف رواني ٿي. سندس وڃڻ بعد جڏھن حميد ۽ دادن اندر ڪوٺيءَ ۾ اچي ويٺا تڏھن دادن وجهہ وٺي حميد سان جنت جي سونھن جو ذڪر ڪرڻ لڳو. دادن کي ڪھڙي سڌ تہ جنھن سونھن تي پاڻ مشتاق ٿي پيو ھو، تنھن اڳي ئي حميد کي پنھنجو شڪار بڻايو ھو. جنت ٻنھي جي خيالن جو کاڄ ھئي، ٻہ شينھن ھڪ ٻيلي ۾ رھيا پيا ھئا. دل جو راز نہ ھو سلي ھن سان، نہ ھن سان. ليڪن عشق لڪڻ جو نہ آھي، ان کي ڪيترو بہ لڪائڻ جي ڪوشش ڪبي، تہ بہ اھو پڌرو ٿي پوندو. ٿيو بہ ائين.
شڪل شبيھہ ۾ دادن ھن کان وڌيڪ وڻندڙ ھو. کٽين جا ٻار ڳوٺ کان ٻاھر ويندا آھن تہ گهڻو ڪري سٺا ۽ صفا ڪپڙا بدن تي پيل ھوندا اٿن. دادن دل ۾ سمجهڻ لڳو تہ جنت کي کيس قبولڻ ۾ ڪوبہ عار نہ ٿيندو، ھن کي ڪھڙي خبر تہ ھوءَ اڳ ۾ ئي پنھنجي محبت جو قول ڏيئي چڪي ھئي!
دادن کي خيالن پچائڻ جي عادت ھئي ۽ ھر ڳالھہ ۾ ٿوري ئي وقت ۾ تمام اونھو ھليو ويندو ھو. ھن جو پاڻ ۾، الائي ڇو، ايترو تہ اعتقاد ھو، جنھن چيز لاءِ شوق ٿيندو ھوس اھا سمجهندو ھو تہ پڪ ملنديم. جنت لاءِ پيار، جو سندس اندر ۾ اڀريو ھو، تنھن کي پڻ ھو ساڳيءَ اميد سان ڏسڻ لڳو.