9
جنت کان سندس ٻنيءَ جو ڏس پتو پڇيو ھئائين. ھڪڙي ڏينھن شام جو جنت جي ديدار جو شوق دل ۾ ڌري سندس ٻنيءَ تي ويو. اندر ۾ ڏاڍي پئي ڌڪ ڌڪ ٿيس، جنت پيھي تي بيھي جهار پئي ھڪلي. حميد کيس ڏٺو، سو ٻنيءَ جو ٻاھريون پاسو وٺندو، جوئر جي ڪانن پٺيان لڪندو، جنت جي طرف وڌندو ھليو. پاڻ جنت کي پري کان پئي ڏٺائين، پر ھن جي حميد تي نظر ڪانہ پيئي، جيئن جنت جي ويجهو پيو وڃي، تيئن خوشي وڃيس پيئي وڌندي. اتي جنت جي کانڀاڻيءَ مان ھڪ گليلو ڇٽو ۽ سڌو اچي حميد کي لوندڙيءَ وٽ لڳو. زور سان گليلي لڳڻ ڪري، ڪيڪڙاٽ نڪري ويس. ماڻھوءَ جي ڪيڪڙاٽ جو آواز ٻڌي، جنت پيھي تان بيٺي، چؤطرف نھاريو ۽ ھڪ ماڻھوءَ کي پريان زمين تي ڏٺائين، ھو تڪڙي تڪڙي ڊوڙندي آئي ۽ حميد جي ويجهو پھچي پھرين تہ دھلجي بيھي رھي؛ پوءِ عجب ۽ انتظار مان چيائين، ”ڍڪ منشي!“ ائين چئي جنت حميد جي مٿي تي ڌڪ واري ھنڌ، جتان رت وھي رھيو ھو، ھٿ رکيو. حميد جنت جي منھن ۾ نھاريو تہ جنت وري ھن جي اکين ۾. ڪڇيو ڪنھن ڪونہ، جنت ڊوڙندي وئي ۽ بنا دير جي پاڻيءَ سان ڀريل دلي، سرمو ۽ اڳڙيءَ ٽڪر کڻي آئي؛ رت پاڻيءَ سان صفا ڪري، سوراخ ۾ سرمو وجهي، مٿان اڳڙي ٻڌي ڇڏيائين.
حميد کي اڃ لڳي ھئي، سو چيائين، ”پاڻي“.
جنت وٽي ۾ پاڻي وجهي، حميد کي ڏنو، ھن پاڻي پيتو، جنت مشڪندي پڇيس، ”اڃ لٿي؟“
”اِھا اڃ لٿي تہ ڇا ٿيو. اندر جي اساٽ تہ اڃا بيٺي آھي.“
جنت حميد جي لفظن جو مطلب سمجهيو. ھوءَ خاموش نگاھن سان سندس طرف ڏسندي رھي، رکي رکي، مٿي تي ٻڌل پٽيءَ تي پئي ھٿ لاٿائين.
”ڍڪ منشي صاحب، مون کي معاف ڪجو. مون کان خطا ٿي ويئي. منھنجي بيپرواھيءَ کان توھان کي زخم رسيو آھي، منھنجي توھان تي نظر ڪانہ پيئي.“
”مان تنھنجي گليلي جو شڪار بڻيو آھيان.“ حميد آھستي چيو.
ڀرسان ڪوبہ ماڻھو نہ ڏسي، جنت قرب مان چيو، ”مون کي جو تو پنھنجو شڪار بڻايو آھي! مون تنھنجي جسم کي زخم رسايو، ليڪن تو تہ منھنجي دل کي زخميو آھي، بدن جو زخم مڙي ويندو، دل جو زخم ڏکيو ٿو ڇٽي؛ اھو ماڻھو کي دائما چيچلارائي ٿو- تون تہ ڪي ڏينھن سور سھندين مون کي تہ عمر ڀر سھڻو آھي.“
جنت پنھنجي محبت جو حميد اڳيان کليل اظھار ڪيو. ان اظھار حميد جي اندر ۾ جا خوشي پيدا ڪئي، تنھن زخم جو درد وسارائي ڇڏيس، ٻنھي کي ھڪ ٻئي جي دلين جي پوري پوري ڄاڻ ملي. حميد جي منھن مان سرھائي بکڻ لڳي. ھينئر حميد کي پڪ ٿي تہ ”تو جنين جي تات، تن پڻ آھي تنھنجي.“ پاڻ کي چوڻ لڳو تہ، ’اھو زخم بہ چڱو جنھن جنت جي اندر جو سچو حال تہ کولي پڌرو ڪيو.‘
اتي جنت جو پيءُ قادر بخش پيھو خالي ڏسي پاڻ ان تي چڙھي ويو، ۽ مٿان بيھي، جنت کي پريان حميد سان پٽ تي ويٺل ڏٺائين. اتي اونداھہ اچي ٿي ۽ قادر بخش پيھو ڇڏي ڌيءُ جي طرف وڌيو. جڏھن حميد ۽ جنت جي ويجهو آيو، تڏھن جنت چيو، ”ابا، ھي اٿو ڍڪ منشي.“
”توھان کي ڇا ٿيو آھي؟“ قادر بخش حميد کان پڇيو.
”ٿورو زخم رسيو اٿم.“
جنت چيو، ”ابا، مون پيھي تان گليلو ڇوڙيو تہ اھو اچي لوندڙيءَ تي لڳس. پٽي ٻڌي اٿمانس.“
سائين معاف ڪجو،“ قادر بخش ڍڪ منشيءَ کي چيو، ”ھيءُ منھنجي نياڻي آھي. اڳ ۾ تہ ڪڏھن بہ ھھڙو اتفاق ڪونہ ڪيو اٿس.“
انھن لفظن تي حميد ۽ جنت ھڪ ٻئي طرف نھاريو.
قادر بخش حميد کي چيو، ”زمين تي ڇو ويٺا آھيو؟“ ۽ جنت طرف منھن ڪري چيائين، ”جنت، منشي صاحب کي پنھنجي گهر تي وٺي ھل.“ ۽ حميد کي خوش ڪرڻ لاءِ جنت کي خوشيءَ مان چيائين، ”کانڀاڻيءَ ھلائڻ کان اڳ نظر ڊوڙائي ڏسجي تہ ٻنيءَ ۾ اندر ڪو ماڻھو تہ ڪونھي الائي ڪڏھن سمجهہ ايندءِ!“ وري حميد طرف نھاري چيائين ”توھين گهر تہ ھلي، ٿورو آرام وٺو تہ مان ڪم لاھي جلد اچان ٿو.“
جنت حميد کي ساڻ وٺي جاءِ تي آئي. گهر ۾ ماڻس بہ ڪانہ ھئي. حميد کي کٽ تي ڪري ويھاريائين ۽ پاڻ ڀرسان زمين تي پيل ڳوڻ جي ٽڪر تي ٿي ويٺي.
حميد چيو، جنت پڻھين چيو تہ اھڙو اتفاق تو اڳ ۾ ڪڏھن ڪونہ ڪيو آھي.“
”محبت بہ اڳي ڪڏھن ڪانہ ڪئي ھئي.“
”گليلي ھڻڻ لاءِ ڳوليئہ بہ مون کي.“
”محبت ڪرڻ لاءِ بہ تہ توکي ئي ڳوليم.“
”اھو زخم چئبو تہ محبت جي سوغات آھي.“
جنت بنا جواب ڏيڻ جي مشڪندڙ منھن سان پڇيس، ”تون ٻنيءَ وٽان جو لنگهئين، سو وئين ڪيڏانھن ٿي؟“
”تو وٽ ٿي آيس.“
”اجائي خوشامد!“
”تنھنجو ديدار ڪرڻ نڪتو ھوس.“
”منھنجو گليلو پاڻمرادو تنھنجي مرحبا ڪرڻ آيو،“ جنت کلي چيو.
”تو مون کي پاڻ گهرائي زخم ڏنو.“
”مون دعوت ڪانہ موڪلي ھيئي.“
”پنھنجيءَ دل جو ڪشش ڪيم.“
”تہ دل جو تحفو بہ درد ئي ٿيندو آھي جيڪي منھنجي دل وٽ ھو، سو توکي ڏٺائين.“
”ان جواب ملڻ تي حميد کي کل اچي ويئي. جنت پڻ کليو. سندن کلڻ جو آواز قادر بخش ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪنن تي پيو، جي گهر طرف پئي آيا. قادر بخش ٻاھران ئي سڏيو، ”جنت!“
”جيءُ، ابا.“ ائين چئي، جنت اٿي دروازي وٽ آئي.
قادر بخش اڃا اچي ويٺو ئي مس، تہ حميد چيس، ”توھان جي مھرباني. مون کي فرحت آھي ۽ ھاڻي مان ھلان ٿو.“
حميد، جنت ۽ سندس مائٽن کان موڪلائي، ڍڪ طرف روانو ٿيو.