2
”حميد!“ پيروءَ پٽ جي طرف پاسو ورائي، جهيڻي آواز مان پڪاريو. حميد وٽان جواب نہ ملڻ بعد پيروءَ پٽ جي طرف نئڙي، ٻانھن ڊگهيري، ھن کي ھٿ کان لوڏي چيو، ”حميد! حميد!!“
حميد سجاڳ ٿي وراڻيو، ”ابا!“
”حميد وقت ٿيو آھي.“
”اٿان؟“ ھن بنا عجب جي اکيون مھٽيندي پڇيو.
”نہ تہ دير ٿي ويندي.“
حميد کي ڄاڻ ھئي تہ پڻس ڇا لاءِ کيس اٿاري رھيو ھو. رات جو مجلس ۾ اھا ڳالھہ ئي ھئي جا پيروءَ کيس پاڻ ڏي سڏائي ٻڌائي ھئي. حميد سڌو تنبوءَ ۾ ويو ۽ پاڻيءَ جو دلو کڻي ٻاھر آيو. پنھنجا ھٿ ۽ منھن ڌوئي، گلاس ڀري پيءُ کي ڏنائين. اڌ ڪلاڪ ۾ ٻيئي ڄڻا ھالاڻيءَ جي ٻاھران اچي پھتا ۽ ھالاڻيءَ کان ڪنڊياري خشڪيءَ وارو جيڪو رستو آھي، ان تي پئي نظر آيا. ھنن کي ڪنڊياري مان ٿي، پوءِ پير مھدي شاھہ جي ڳوٺ وڃڻو ھو. انھن ڏينھن ۾ آمدرفت اھڙي سھنجي ڪانہ ھوندي ھئي، جھڙي ھينئر آھي. جنھن وقت جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، تنھن وقت اڃا باھہ گاڏيءَ جي مسافري ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ جي وچ ۾ جاري ڪانہ ٿي ھئي. نڪا وري رستن جي حالت ئي سڌريل ھئي. شاھي رستا تہ ھوندائي ڪونہ ھئا. سوڙھن پيچرن تان پنڌ، يا ڏاند گاڏين يا گهوڙن ۽ اٺن جي پٺين تي مسافري ڪرڻ ۾ ايندي ھئي.
پيرو ۽ حميد پڻ ھڪ ننڍڙي دڳ تي پئي ويا. رستو ايترو وھندڙ ڪونہ ھو. کير وارن بنا، جي ٻھراڙيءَ مان مال ڏھي گراھڪن کي کير وڪڻڻ ويندا آھن، ٻيو ڪوبہ ماڻھو کين واٽ تي ڪونہ گڏيو. پيچري جي ٻنھي پاسي ڪڻڪ جا تيار ٿيل سنگ صبح جي ٿڌيءَ ۽ وڻندڙ ھير ۾ اھڙيءَ طرح لڏي رھيا ھئا، جو ڄڻ تہ قواعد(13) ٿي ڪيائون. ڪجهہ وقت ٻيئي ڄڻا خاموشيءَ ۾ ھئا آخر حميد چيو، ”ابا.“
”جيءُ، حميد!“ پڻس وراڻيو.
”مڱڻھارن جي مجلس تہ ٽي ڏينھن ھلڻي ھئي.“
”برابر.“
”پوءِ اڄ ڇو ٿا موٽي ھلو؟ رات مونکي توھان کان پڇڻ جو وجهہ نہ مليو ۽ توھان جو ان باري ۾ محڪم ارادو ڏسي سمجهيم تہ ڪجهہ مڙيو ئي ٿيو آھي، جنھن ڪري توھان تڪڙو ڳوٺ موٽڻ جو فيصلو ڪيو آھي.“
”رات کان وٺي مون ڳائڻ بند ڪيو.“ پيروءَ چيو.
”ڇا سبب؟“
”ڏيڻ جو بند ڪيم.“ ائين چئي، ھن شرنائيءَ کي، جا سالن کان ساھہ سان سانڍي ھئائين، ٻہ ٽڪر ڪري ڇڏيو.
”مائٽ ٿي، توھان اولاد جو چوڻ دل ۾ ڪيو آھي! اولاد جي آئيندي جو اونو بہ تہ مائٽن کي ئي رکڻو پوي ٿو.“
”پر جو ماڻھو صرف پنھنجي پيٽ قوت لاءِ جيئي ٿو ۽ وجهہ ملڻ تي بہ غريب جي خالي جهولي نٿو ڀري، سو جيئرو رھي ڇا ٿو ڪري؟ ڏيڻ وارن جو درجو ھميشہ مٿي پي رھيو آھي. حميد، ڪڪر برسات وسائين ٿا، غير آباد زمين کي پاڻي پھچائي سرسبز ڪن ٿا، تہ سندن جاءِ آسمان ۾ آھي. سج ۽ چنڊ روشني ڏيئي، دنيا مان انڌارو پري ڪن ٿا، تہ اھي پڻ عرش تي رھن ٿا. سئي ڪئنچيءَ کان گهٽ ملھہ واري ٿئي ٿي، پر ڇاڪاڻ تہ اھا ڦاٽلن ڪپڙن کي سڄو ڪري ٿي، درزي ان کي پنھنجي مٿي تي پٽڪي ۾ ٽنبي ٿو؛ پر ڪئنچيءَ کي ھو زمين تي رکي ٿو، ڇو جو ان جو ڪم آھي سڄي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ- ايتري طاقت ڌڻيءَ رکي آھي سخاوت ۾.“
اِتي اڇو صبح اچي ٿيو ۽ مسافرن کي پري کان ڌڙي تي ڳوٺ جون جايون جڳھيون نظر اچڻ لڳيون. ڪنڊياري جي ڳوٺ جو چڱو ئي حصو مٿاھينءَ تي اڏيل آھي. ڳوٺ جي ٻاھرين حدن تي ھنن کي ڀنگي گڏيا، جن رستن ۽ گهٽين کي پئي ٻھاريو. اوچتو ھوا جو ھڪ سخت جهوٽو لڳو ۽ ٻہ پنا، جي ڪنھن ڪتاب جا ٽڪرا ٿي ڏٺا، اچي حميد جي شلوار ۾ اٽڪيا. حميد جيئن اھي ڦٽا ڪرڻ تي ھو، تيئن سندس نظر وڃي ھڪ سٽ تي پيھي، جنھن ۾ لکيل ھو: ”بي علم ماڻھوءَ ۽ غلام ۾ ڪوبہ تفاوت ڪونھي.“ لفظن حميد کي چقمق جيان ڇڪيو ۽ ھن پنو کولي پڙھيو. ھيٺين ننڍڙي آکاڻي درج ٿيل ھئي: ”ڪنھن دفعي ڪو شاھوڪار ماڻھو ھڪ يوناني عالم وٽ ويو ۽ کيس پنھنجي پٽ کي تعليم ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائين. عالم تعليم ڏيڻ جو ڪم پاڻ تي ھموار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. شاھوڪار کي چيائين، ’منھنجو لوازمو پنج سؤ چانديءَ جا سڪا ٿيندا.‘ ھن بيوقوف دولتمند جنھن کي علم جي ملھہ جي پوري ڄاڻ ڪانہ ھئي، اھو اجورو گهڻو سمجهي، ان عالم کي چيو، ’توھان جي گهر اڻ واجبي آھي. انھيءَ کان گهٽ پئسن مان ٻانھو خريد ڪري سگهندس‘¸عالم غصي ۾ ڀرجي ڇوڪري جي پيءُ کي چيو، ’ڀلي ٻانھو خريد ڪريو؛ پوءِ ھڪ بدران ٻہ ٻانھا گهر ۾ ٿيندو.‘ بي علم ماڻھوءَ ۽ غلام جي وچ ۾ ڪوبہ تفاوت ڪونھي. علم جھڙي قيمتي جائداد ٻي ٿي نٿي سگهي. انسان جيڪڏھن پنھنجا پيسا لوھي ٽجوڙيءَ ۾ رکڻ بجاءِ مغز جي ٽجوڙيءَ ۾ جمع ڪندو وڃي، تہ ڪوبہ چور يا ڌاڙيل اھي کانئس ڦري نہ سگهندو. دماغي ٽجوڙيءَ واري بئنڪ ايترو تہ وياج ڏيندي، جو مور کي ھٿ لائڻ بنا انسان صرف وياج مان گذران ڪري سگهندو. علم اھا ڪيميا آھي جنھن جي ڇھڻ سان انساني سڀاءَ جي لوھي تلوار سوني ٿي پوي ٿي. سونيءَ تلوار جي شڪل ساڳي ئي آھي، مگر پوءِ اھا ضرب رسائي نٿي سگهي ۽ سندس ملھہ پڻ گهڻو ٿئي ٿو. پھرينءَ تلوار کي گهر ۾ رکڻ بہ خوف پيو ٿئي، ليڪن ٻيءَ کي شوق ۽ حفاظت سان سانڍجي ٿو. جن تعليم پرائي آھي سي ڇڄ مثل آھن، پر جيڪي اڻ ڄاڻائيءَ جي اونداھہ ۾ رھيا تن، جي پرڻ سان مشابھت ڪئي ويئي آھي. ڇڄ ۾ اھو گڻ آھي تہ اھو گند ڦٽو ڪري، ڪمائتيءَ شيءِ کي جهلي ٿو؛ تعليم يافتہ انسان پڻ ائين آھي؛ پرڻ ڪمائتي شيءِ سوراخن مان ھيٺ ڪيرائي، فقط گند کي قابو ڪري ٿو، اھي ڪم اڻ پڙھيلن جا آھن.“
آکاڻي پوري ڪرڻ سان حميد جي چھري جو رنگ بدلجڻ لڳو. ھن سمجهيو تہ اھو ڪاغذ ڌڻي تعاليٰ وٽان آيل ھو. جنھن وقت سندس ۽ پيروءَ جي وچ ۾ گفتگو ٿي رھي ھئي، ان وقت ﷲ سائينءَ حميد جي ارادي کي پختي ڪرڻ لاءِ کيس اھو پنو موڪليو، جنھن ۾ علم جي اعليٰ طاقت جو ذڪر ٿيل ھو. حميد پيءُ کي پني ۾ درج ٿيل مضمون کان واقف ڪيو، جنھن تي ھن وراڻيو، ”عالم بلڪل پورو جواب ڏنس.“ اھو پنو پھراڻ جي کيس ۾ وجهي، حميد ٻيو ڪاغذ پڙھڻ شروع ڪيو، جنھن ۾ ھن ريت لکيل ھو: ھڪڙي شاعر چيو آھي، ”منھنجو سانگي سان ڪنھن خانداني گهراڻي جي ماڻھوءَ وٽ، مھمان جي حيثيت ۾ وڃڻ ٿيو. منھنجي مھماندار جي جڳھہ بلڪل ڪشادي ھئي؛ مگر ان جاءِ ۾ ھڪڙو ڪمرو اھڙو تہ اونداھو ھو، جو اتي ڏينھن رات ڏيئو پيو ٻرندو ھو. مان جڏھن جاءِ ڏسندي ڏسندي، ان ڪمري ۾ گهڙيس، تڏھن ان ڏيئي، جو فانوس ۾ بند پيو ھو، چيو، ’مان ڏاڍو دکي آھيان، اٺئي پھر ٻرندو رھان ٿو. مان باھہ آھيان؛ سج، چنڊ، تارا، بجلي منھنجون ئي جدا جدا صورتون آھن؛ ليڪن جو ڏينھن جو ڪم ڪري ٿو سو رات جو آرام وٺي ٿو ۽ جو رات جو مشغوليءَ ۾ آھي سو ڏينھن بنا ڪم گذاري ٿو. قدرت وٽ بہ آرام آھي؛ مگر انسان ڪھڙو نہ بيدرد آھي! مون کي ڏينھن توڙي رات ڪٺور دل ماڻھوءَ جي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. مون کي شيشي جي چئن ڀتين اندر اھڙو تہ قابو ڪيو اٿس جو منھنجا پريمي پتنگ بہ مون سان ملي نٿا سگهن.‘ ڏيئي جي ان ڏک ڀريءَ ڪھاڻيءَ مون کي ويچار جي ساگر ۾ ڦٽو ڪيو. مان ھڪ ٽڪ ان فانوس ۾ پيل ڏيئي طرف ڏسندو رھيس. نھاريندي نھاريندي، منھنجي اکين آڏو ھڪ ٻي صورت اچي بيٺي. ھزارين فانوس ۽ ھزارين ڏيئا ڏسڻ لڳس. دنيا ۾ غريب جي حالت بہ بند ٿيل ڏيئي جيان آھي. غريب کي رات ڏينھن ڳھڻو پوي ٿو، شاھوڪارن کي خوش رکڻ لاءِ وھڻو پوي ٿو، ھنن کي آرام جي فرصت ڪانھي. شاھوڪارن جي عيش عشرت واري زندگيءَ جي محلات کي ٺاھڻ لاءِ، جو گارو ڪم اچي ٿو، ان ۾ مٽيءَ بجاءِ غريبن جون ھڏيون ۽ پاڻيءَ جي بجاءِ انھن جو رت پوي ٿو.“
حميد جي دل تي ان شاعري اظھار جو ٻِٽو اثر پيو جيئن نہ ڪنھن ڀٽڪندڙ دل کي اوچتو قرار ملي وڃي؛ تيئن حميد کي پڻ پڪيءَ ريت معلوم ٿيو تہ، پاڻ جنھن دڳ تان پنڌ پئي ڪيائين، سو اوس کيس ماڳ رسائيندو ۽ شاھوڪارن جي لاءِ جا ڌڪار سندس اندر ۾ پيدا ٿي ھئي، سا بلڪل ٺيڪ ھئي.