ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

3

ڪنڊياري جي ٻاھران ھڪ کوھہ وٽ پيروءَ پُٽ کي گاڏيءَ بيھارڻ لاءِ چيو. ٿوريءَ ساھيءَ پٽڻ بعد، حميد نم جي وڻ تان ھڪ ٽاري پٽي آيو، جنھن مان ٻہ ڏندڻ ٺاھي، ھڪ پيءُ کي ڏنائين ۽ ھڪ پاڻ ڪيائين. ھو اڃا کوھہ تي ئي ھئا، تہ ڪنڊياري جو ھڪ آبادگار زميندار، صادق علي، اچي اتان گهوڙي تي لنگهيو، ھو چمڙيءَ جو صاف ۽ قد جو بندرو ھو. ھن پيروءَ کي سڃاتو ۽ پيروءَ پڻ، گاڏيءَ مان ويٺي، ھٿ ٻڌي نياز ڪري چيس، ”سائين جن جو خير ھجي.“
”پيرو، ھتي پيو ڏسجين!“ زميندار پڇيو، ۽ حميد طرف آڱر کڻي پڇيائينس، ”ھيءُ ڪير آھي؟“
پيروءَ وراڻي ڏني، ”منھنجو ھڪڙو ئي فرزند، حميد. ويساکيءَ جي ميلي تان موٽيا آھيون. مون کي سائين جن سان گڏجڻ جو اڳي ئي خيال ھو.“
”مان ھلان ٿو، جاءِ تي اچج.“ ائين چئي، وڏيرو رمندو رھيو.
اڌ مني ڪلاڪ ۾ پيرو بہ پٽ سميت وڃي وڏيري جي اوطاق تي سھڙيو. وڏيري ٻيليءَ کي سڏي، مڱڻھار ۽ حميد کي نيرن ڪرائڻ لاءِ چيو، لسيءَ سان ڳاڙھيءَ جوئر جو ڍوڍو کائي، پيروءَ وڏيري کي چيو، ”حضور جن جي وڏي مھرباني؛ مولا جا ھٿ مٿان ھجنو.“ وڏيري جو اٺن سالن جو پٽ ان وقت پٽ تي ويٺل پيروءَ جي ڀرسان اچي بيٺو، ان جي مٿي تي ھٿ رکي ھن سٻاجهڙي نوح ۾ چيو، ”ﷲ سائين ھن ننڍڙي کي، وڏي عمر ڏيندو، ٻچن ۾ برڪت وجهندو.“
”پيرو“ زميندار چيس، اڳي تہ جلدي جلدي ڏسبو ھئين.“
”سائين، ھاڻي جسم جو جڏو ٿيو!“
پوءِ صادق عليءَ پيروءَ کي چيو، ”شرنائيءَ تي ڪا طرز تہ سڻاءِ. تنھنجيءَ شرنائيءَ کي مان ڏاڍو ياد ڪندو آھيان.“
”سائين سوين طرزون سڻايانو، پر شرنائي بہ ختم ٿي ويئي تہ ان سان گڏ طرزون بہ ختم. ھاڻي ڳائڻ تي دل نٿي چيو ڪري، معاف ڪجو.“
”پوءِ، ھھڙو رس ڀريو آواز تہ بيھي ويندءِ.
”ڪنھن ڏينھن تہ دل بہ بيھي ويندي، ٽنگون تہ اڳي ئي ويٺيون آھن.“
”وڏيري راڳ لاءِ وڌيڪ زور بنا پڇيس، حميد ڇا ٿو ڪري؟“
”پھريون گهڻو ئي چيومانس تہ رازڪو ڪم سکي وٺ. پر علم پرائڻ لاءِ چاھہ اٿس. آھي مسڪين مڱڻھار جو پٽ؛ پر وڏ خيالي آھي، توھان جي نوازش ٿيندي. خانواھڻ (14) ۾ پڙھندو آھي. پر اتي وڌيڪ پڙھائيءَ جو بندوبست ڪونھي، ٻئي سال ڪاڏي موڪليانس؟ پيسي جي بہ تنگي آھي، توھين پڄنديءَ وارا آھيو...“
”انگريزي تعليم پرائيندو؟“
اھي لفظ ٻڌي حميد جي منھن مان سرھائي بکڻ لڳي ۽ ھن اٻھرائيءَ مان وراڻيو، ”جيءُ حضور!“
”وقت آئي، مون کي يادگيري ڏيارجو؟ اسان ۾ علم لاءِ شوق بلڪل گهٽ آھي. جنھن ڪري جن جزوي جوانن ۾ اھڙو چاھہ نظر اچي ٿو، تن کي ھر طرح ھمٿائڻ کپي، حميد، تنھنجي تعليم جو تسلي جوڳو بندوبست ڪبو؛ دل نہ لاھہ.“
ڪجهہ دير کان پوءِ جڏھن پيءُ پٽ وڏيري کان موڪلائي ھلڻ لڳا، تڏھن صادق عليءَ حميد کي ٻہ رپيا ھٿ ۾ ڏنا. پٽ جي ھٿ ۾ بخشش ڏسي، پيروءَ صادق عليءَ طرف نھاري چيو، ”سائين، ڌڻي ڪڏھن بہ توھان جو ھٿ نہ منجهائيندو، توھان غريبن تي ھٿ رکيو آھي، ڌڻيءَ جو ھٿ ھميشہ توھان تي ھوندو.“
اوطاق مان ٻاھر اچي، ٻنھي ڄڻن بازار ڏانھن رخ رکيو، جتان دادن لاءِ ھڪ چمڙي جي جتي ڳنھي، سڌا پير مھدي شاھہ جي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا.
صادق علي انھن مان ھو، جي زمينداري ۽ پوک ٻيئي ڪن. ان نموني جا آبادگار ٻھراڙيءَ ۾ نظر ايندا آھن. ھو شھري زميندار کان ٻيءَ طرح جا ٿين ٿا. شھري زميندار ھارين کي حڪم ڪندا تہ وڃي ڪم جو پورائو ڪريو. بعضي بعضي پاڻ، جڏھن شھري مشغولين کان فرصت ملندين، کڻي زمين تي ويندا. مگر ھي ڳوٺاڻا زميندار، ھر روز صبح جو، لابارن جي ڏينھن ۾ خاص ڪري، گهوڙي کي سنجي سرزمين تي وڃي حاضر ٿيندا آھن، ھو قدرت جا سکيل آھن ۽ ٿوري تي ئي راضي رھن ٿا. ھو ٻين سان ريس ڪونہ ڪن. ھنن جون گهرجون ٿوريون ٿين ٿيون، ھو ڪڏھن عدالت خاني ۾ نظر نہ ايندا، ڇاڪاڻ تہ ھو انصاف پسند ٿين ٿا ۽ فرياديءَ توڙي ڏوھيءَ جي حالت ۾ عدالت خاني ۾ ويھڻ ھنن لاءِ سخت شرم جي ڳالھہ آھي. ھو ڪم ڪرڻ مان ڪڪ ٿين ئي ڪونہ، ھارين ۾ ھارين جھڙا، تہ آبادگارن ۾ آبادگارن جھڙا، ھنن کي وندر جي گهرج ٿئي ٿي. ھو ڪڪڙن جي ويڙھہ ۽ ملاکڙي جا شوقين آھن. ڳوٺاڻن جا ڏوھيڙا ۽ ڪافيون کين ڏاڍو وڻن ٿا، پاڙيسرين جا مڪان ھنن لاءِ خيرات خانا آھن. ھنن جو گهر ھنن جي دنيا آھي. انھن خوبين جي ڪري ئي صادق علي رواجي ھاريءَ مان زميندار جي ڪڙيءَ تي وڃي رسيو ھو. ڪنڊياري تعلقي جا ھاري کيس عزت سان ڏسندا ھئا، ڇاڪاڻ جو اھي کيس پنھنجو آواز سمجهندا ھئا، انھن جي ھمدرديءَ ۽ ڪوشش سان ئي صادق علي نوابشاھہ جي ضلعي اسڪول بورڊ جو مشير چونڊيو ويو ھو.