ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

21

ڪنڊياري ۾ فاطمہ واھہ جي ڪپ تي ھڪ نم جي وڻ ھيٺان سچل سمھي پيئي ھئي. بدن تي جي ڪپڙا پيل ھئس سي ليڙون ليڙون ٿيا پيا ھئا. سندس شڪل اڳي کان ڦريل ھئي. حد کان ٻاھر تڪليفون ۽ ڪشٽ انسان مان سھڻ جي طاقت ڪڍي سندس چھرو لوساٽي ڇڏين ٿا، ھن جون ٽنگون ڦرڙين سان ڀريون پيون ھيون. ٻوڏن سبب ڪيترن ھنڌن تي ڪني پاڻيءَ جا دٻا ٿي پيا ھئا، جن مان لنگهڻ ڪري سچل کي ڦٽ ٿي پيا ھئا. جن ھنڌان رت پئي وھيو، اتي مکيون ويٺيون ھيون. رکي رکي، ھن ھٿن سان مکين کي ھڪليو پئي. ھڪڙا اندر جا پور، ٻيا جسم جا سور، تن تہ سچل کي ھڻي ماري وڌو ھو. ھن جي حالت ڏسي ھرڪو واٽھڙو جيڪر پڇي تہ سندس جيئڻ ڪھڙي ڪم جو آھي؟ ھن جي حالت مان صفا ظاھر ھو تہ جيترو ھوءَ وڌيڪ جيئندي، تيترو گهڻو ڏک پسندي. تہ بہ ھن جيئڻ چاھيو ٿي. اھا ڪھڙي اميد ھئي، جنھن تي چل تڳي رھي ھئي؟ ھن جي اميد ھئي دادن. دادن کي ڏسڻ جي خواھش ھيس. آنڊي جي ڄر خراب آھي! ماءُ پٽ کي پسڻ لاءِ تڙڦي رھي ھئي ۽ ان تڙڦ ۾ بدني ايذاءَ ۽ دنيا جا ڪشٽ صبر سان پئي سٺائين. دادن سان گڏ سچل کي حميد جي بہ لوري لڳي پيئي ھئي. نيٺ بہ تہ حميد کي پنھنجي ٿڃ ڏيئي پاليو ھئائين. عجب لڳندو ھوس تہ ٻنھي کي ڇا ٿيو ھوندو، جو سندن پتو ئي نٿو پوي.
ٻہ ٽي ڏينھن ان حالت ۾ پيئي ھئي. خدمتگار ھر ويلي تي ماني ڏيئي ويندا ھئس ۽ ٽي چار دفعا ڦرڙين تي ملم بہ لڳائي ويندا ھئس. پر ھوءَ بيپرواھہ ٿي، اتي ئي لاھي ڇڏيندي ھئي. ھوءَ سرير مان بيزار، سو سرير جي سنڀال وري ڪھڙي ڪري! ھن جو پنھنجن جذبن تي ڪوبہ ضابطو ڪونہ رھيو ھو. رکي رکي، ججڪي ايندي ھئس تہ اٿي پنڌ پوندي ھئي ۽ بنا ڪنھن بہ مطلب جي ھڪڙي ھنڌان ھلي وڃي ٻئي ھنڌ پھچندي ھئي.
ھوڏانھن دادن جو ٻڌو تہ پير مھدي شاھہ جو سارو ڳوٺ ڇر جي پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو آھي، سو پيءُ ۽ ماءُ جي يادگيري اچي پيس. ھيستائين تہ سمجهي ويٺو ھو تہ اتي ئي رھيا پيا ھوندا، پر جڏھن ھن قدرت جي مصيبت جو، پير مھدي شاھہ جي ماڻھن مٿان نازل ٿيو ٻڌائين، تڏھن مائٽن جي ڳولا جو خيال ٿيس. ويچار ڪرڻ لڳو تہ ممڪن آھي تہ کين تڪليفون آڏو آيون ھجن ۽ سڀ سامان سڙو وڃائي ويٺا ھجن ۽ ان حالت ۾ سندس اھو فرض ھو تہ ھو ڏک جي وقت ماءُ پيءُ جي چاڪري ڪري، ھو ٺارو شاھہ مان ھڪ سھائتا جي ٽوليءَ سان گڏ ڪنڊياري روانو ٿيو. ٻڌو ھئائين تہ پير مھدي شاھہ جا ماڻھو ڪنڊياري ۽ خانواھڻ وڃي لڏي ويٺا آھن. ڪنڊياري ۾ اچي پھتو، پر ڪنھن کان ماءُ پيءُ جو پڇي؟ ھو مشھور ماڻھو ڪونہ ھئا، جن جو پڇڻ سان پتو پئجي سگهي. جيڪي بہ ماڻھو ڪچا منھہ يا جهوپڙيون اڏي ويٺا ھئا، تن سڀني کي ڏسندو ويو، مگر مائٽ نظر نہ چڙھيس.
سچل دادن جي ڪنڊياري پھچڻ کان اڳ رات جو پنڌ وڃي بازيد پور(22) ۾ پھتي. ڏسي تہ ڳوٺ چٽ ٿيو پيو آھي. نڪو ماڻھو ٿي نظر آيس، نڪو مرون. ڏاڍي بانس پئي آئي. ڪني پاڻيءَ تي مڇر بہ ڏاڍا ھئا، اھي ئي پير ڪري موٽي. ھينئر وري ٻيو رستو ورتائين، جو خانواھڻ ٿي ويو.