23
”دنيا مان جلدي ڇوٽڪارو ملندم.“ سچل جواب ڏنو.
حميد ڪابہ وراڻي ڪانہ ڏني. ھن سچل جي مٿي تي ھٿ رکيو ۽ پوءِ حڪيم سان گڏ کانئس دوا وٺڻ لاءِ روانو ٿيو.
سچل جي چاق ٿيڻ جي اميد رکڻ اجائي ھئي. ٻھراڙيءَ ۾ ڪٿي آھن اھڙا ھوشيار طبيب، جي ان اگري مرض جو علاج ڪن. نہ غريبن وٽ ايترو پيسو ئي ٿئي ٿو، جو خرچ ڪري بيمار کي ڪيڏانھن ٻاھر وٺي وڃن. ھن وقت ان مرض جي باري ۾ ماڻھن ۾ جيڪا سجاڳي آھي، سا ويھہ ورھيہ اڳ تہ اصل ڪانہ ھئي. غريب ڳوٺاڻا سلھہ کي موت جو ملائڪ ڪري ٿا سمجهن.
حميد موٽيو. سچل کي دوا پيئن لاءِ چيائين. سچل چيس، ”حميد، دادن جو پتو ڪونہ پوندو؟ ھن کي ڏسڻ کان سواءِ مان دنيا مان ھلي وينديس؟ ڇا، دل جي خواھش اڻ پوري ئي دل ۾ رھجي ويندي؟ کيس ڳولي ڪونہ ايندين؟“
”ڪٿي ڳوليانس؟“
”برابر؛ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿي ھوندو.“
”منھنجي دل چوي ٿي تہ ھو زندھہ آھي.“
”ڌڻي شال زندھہ رکندس. مان مرڻ کان اڳ کيس ڏسڻ ٿي چاھيان.“
”منھنجي وس ۾ ھجي تہ کيس ڳولڻ لاءِ مان ڪجهہ بہ جيڪر ڪرڻ لاءِ تيار ٿيان.“
ان وقت سچل حميد کان پاڻيءَ جي گهر ڪئي. جنت جا نزديڪ ويٺي ھئي، تنھن جو ٻڌو، سو پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي اچي سچل جي اڳيان بيٺي. سچل پاڻي پيتو. کانئس خالي ڪٽورو واپس وٺي، جنت حميد کي چيو، ”نيرن ڪيتري وقت کان تيار آھي.“
سچل حميد ڏي منھن ڪري کيس چيو، ”وڃي نيرن ڪر.“
”تو ڪجهہ کاڌو آھي؟“ حميد سچل کان پڇيو.
جنت وراڻي ڏني، ”کير پيتو اٿس.“
حميد لسيءَ سان ڍوڍو پئي کاڌو ۽ جنت ڀرسان ويٺي ھيس. جنت ھلڪي آواز ۾ چيس، ”حميد، مان توکي ھڪ عرض ڪرڻ چاھيان ٿي.“
حميد منھن مٿي ڪري چيو، ”عرض!“
”ھا، حميد.“
”جنت، تون تہ مون تي حڪم ھلائي ٿي سگهين.“
”مان توتي حڪم ھلايان؟“
”بيشڪ، حق اٿيئي.“
”چڱو ٻڌ. اڄ کان وٺي توکي سچل جي کٽ جي ويجهو وڃڻو نہ آھي.“
”جنت، تون ڇا ٿي چئين؟“
”حڪم جي انحرافيءَ لاءِ سزا ملندءِ.“
”مان سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿيندس.“
”تون منھنجو چوڻ موٽائين ٿو؟“
”مان، تنھنجو مطلب نٿو سمجهان. ائين چوڻ ۾ تنھنجي ڪھڙي مراد آھي؟“
”حميد، منھنجي توسان محبت آھي. مان توکي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھيان. سچل کي سلھہ آھي. سلھہ واري ماڻھوءَ جي خدمت ڪرڻ حياتيءَ تان آسرو لاھڻ آھي.“
”منھنجو حياتيءَ سان پيار ڪونھي.“
”۽ مون سان؟“
”ڇو، انھيءَ ۾ اڃا شڪ اٿيئي؟“
”جي مون کي پيار ڪرين ٿو، تہ توکي پنھنجيءَ حياتيءَ کي بہ پيارو سمجهڻ گهرجي.“
”جنت، محبت انسان کي فرض بجا آڻڻ کان روڪي ٿي؟“
”محبت پنھنجي قيمت گهري ٿي.“
”اھا قيمت ڪھڙي آھي؟“
”محبت جو ملھہ محبت ئي آھي.“
”اھا مان توکي ڏيندو رھيو آھيان ۽ حياتيءَ جي آخر گهڙيءَ تائين ڏيندو رھندس.“
”انھيءَ خوفناڪ بيماريءَ مان ڇٽڻ ناممڪن آھي.“
”تنھنڪري!؟“
”جنھن جي نوبني ٿيڻ جو ڪوبہ امڪان نہ آھي، تنھن جي ڪري تون پنھنجي صحت جوکي ۾ ڇو ٿو وجهين؟“
انسانيت ائين ٿي چوي تہ بيمار جي پرگهور نہ لھجي، يا ھن جو علاج نہ ڪجي؟
”امان سندس چاڪري ڪندي. تون کانئس پري رھہ.
”ھن کي منھنجي خدمت جي گهرج آھي. مون کي ڪي ڪلاڪ ڄائي ٿيا ھئا، جڏھن پاڻ مون کي گود ۾ ڪري پنھنجي ڇاتيءَ مان کير پياريائين. ماءُ وانگيان ھن مون کي پاليو. اڄ ھوءَ پنھنجو ڀتار خواه پٽ وڇائي ويٺي آھي، ۽ ھن حالت ۾ جيڪڏھن مان کيس پنھنجي منھن ڏسڻ کان بہ سڪايان، تنھن جي معنيٰ تہ مان سندس پڇاڙي جلدي آڻڻ ٿو چاھيان. جنت، مان نٿو چاھيان تہ ھوءَ دل ۾ رنج کڻي وڃي تہ جنھن کي پاڻ ڪنھن بہ حالت ۾ دادن کان گهٽ ڪانہ سمجهندي ھئي، سو سندس احسان وساري ويٺو آھي ۽ ساڻس بيوفائي ٿو ڪري. ھن جي دل کي ڪيڏو نہ صدمو رسندو! ٻئي کي سخت رنج رسائي، مان پنھنجي عمر ڪجهہ ورھيہ وڌايان، اھو انسان جو ڪم نہ آھي. ماڻھوءَ جي حياتيءَ تي ھونئن بہ ڪھڙو بقاءُ آھي؟“
”توکي منھنجي آئيندي جو اونو نٿو ٿئي؟ منھنجي حياتي تنھنجيءَ حياتيءَ سان ڳنڍي پيئي آھي.“
”ائين برابر آھي. پر جنت، مون کي اھڙي صلاح نہ ڏي، جنھن جي پوئواريءَ سان مون کي شرمساري پسڻي پوي ۽ منھنجو ضمير مون کي سک سمھڻ نہ ڏئي. سچي محبت اھا چئجي جا منھنجيءَ عزت جي نگھبان ٿئي.“
جنت جي چھري تي مايوسي ۽ مونجهارو ڏسي، حميد چيس، ”جنت، تون الائي ڇا سمجهندي ھوندينءَ مان تہ اھوئي حميد آھيان جو ڪجهہ وقت اڳ ھوس، اھوئي گهانگهرن وارو ڍڪ منشي جو روز ٻنيءَ تي تنھنجي ديدار لاءِ ايندو ھو. مان ھينئر بہ تنھنجي ديدار جو اوترو ئي شائق آھيان. پر اھا محبت اعليٰ نہ چئبي جا انسان کي انڌو بڻائي کيس فرض ڏانھن لاغرض بڻائي. جو انسان پنھنجو فرض وساري ٿو، ان جي ذھن تي چئبو تہ ڪٽ چڙھي ويئي آھي. عورت جو پيار قلعيءَ جو ڪم ڏئي ٿو، جو مرد جي دل تان ڪٽ لاھي ان کي صفا ڪري ٿو. تنھنجيءَ محبت مون ۾ قربانيءَ جو جزو پيدا ڪيو، مون مان پنھنجي پاڻ لاءِ پيار تڙي ڪڍيو. محبت ۾ اھائي تہ خوبي آھي، جو انسان مان خودي صفا ڪڍيو ٿي ڇڏي.“
”تو ۾ قربانيءَ لاءِ پيدا ٿيل جذبي جو پھريون شڪار جنت ٿي ٿئي؟“
”تون ڪنھن جي آھين؟“
”تنھنجي.“
”مون کي پنھنجيءَ شيءِ جي قربان ڪرڻ جو ھرڪو حق آھي.“
”حميد، تو مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو.“ جنت وراڻيو.
”جنت“، حميد ڇرڪ ڀري چيو، ”مون کان تہ نوڪري تي وڃڻ جي يادگيري ئي لھي ويئي آھي. چڱو ڀلا مان ھلان ٿو. امان جي پارت ھجيئي.“
ائين چئي، جنت جي پٺيءَ تي ھٿ رکي، حميد نوڪري تي روانو ٿيو. پاڻ ويو. جنت کي خيالن جي ساگر ۾ وجهي ويو.