8
”ڏنڊ ڏيئي، ڇڏائي وڃ.“ وراڻي مليس.
”ھيءُ دفعو معافي ڏيو.“
”معافي ھڪ دفعو ڏبي آھي يا ھر ھر.“ ڍڪ منشيءَ بنا ڪاوڙجڻ جي، ٿڌي سيني، جواب ڏنس.
”مھرباني ڪريو!“
”مھرباني گهڻي ڪئي اٿم. وڌيڪ نہ چئہ. ڏنڊ ڏيڻ بنا ڪجهہ نہ ٿيندو.“
ڍڪ منشي، پيروءَ جو پٽ، حميد ھو. ھن کي صادق عليءَ جي سفارش سان گهانگهرن جي (15) ڳوٺ ۾ ڍڪي منشي ڪري رکيو ويو ھو. ڍڪ جي بلڪل لڳو لڳ ھڪ بلڪل ننڍڙو ڪمرو جڙيل ھو، جنھن کي ھڪ پاسي کان ورانڊو بہ ھو. حميد ڏينھن جو ورانڊي ۾ کٽ وجهي، اتي ئي ويھندو ھو ۽ رات جو ميدان ۾ سمھندو ھو.
ڇوڪري جا حميد سان ڳالھائي رھي ھئي، ان جو نالو جنت ھو، ھوءَ گهانگهرن ۾ پنھنجن مائٽن سان ٻنيءَ تي ڪم ڪندي ھئي. سندس ڳئون ڪنھن پاسي واريءَ ٻنيءَ ۾ وڃي فصل کي نقصان رسايو ھو، جنھنڪري ٻنيءَ جا مالڪ ڳئون کي ڍڪ ۾ ڏيئي ويا ھئا. حميد کي نوڪريءَ ۾ اٽڪل ڏيڍ مھينو ٿيو ھو، مگر اِن ٿوري عرصي ۾ ھيءُ پنجون دفعو ھو، جو جنت ڳئون ڇڏائڻ لاءِ وٽس آئي ھئي. پھريون دفعو جڏھن ھوءَ آئي، تنھن کي مھينو کن ٿيو، پر پوين ٻن ھفتن ۾ چار دفعا آئي.
”مون کي سمجهہ ۾ ئي نٿو اچي، تہ توھين پنھنجن جانورن جي برابر سنڀال ڇو نہ ٿا ڪريو. روز روز ڳئون ڍڪ ۾. تو جھڙيون اٺ ڏھہ ڄڻيون ٻيون نہ پيدا ٿيون تہ منھنجو مٿو ئي چٽ. توھان زالن کي ڇا چئجي؟ ھجي ڪو مرد تہ ان کي سمجهائجي.“
ڇوڪري، تون ڳئون ڇڏائڻ آئي آھين يا لڙڻ؟“
جيڪڏھن ڪو صرف ڍڪ منشيءَ جي اکرن کي ڏسي تہ سمجهندو تہ منشي ڪاوڙيل ھو؛ پر ڳالھائڻ جو نمونو تمام ٿڌو ھوس ۽ رکي رکي جنت ڏي نھاري پئي مشڪيائين. حميد جو مشڪڻ ۽ ڇوڪريءَ جي منھن ۾ شوخي آڻڻ.
جنت ڍڪ منشيءَ جي ڳالھائڻ مان ايترو سھي ڪيو تہ ھو ان ڏينھن اھڙو خفي نہ ٿيو ھو، جھڙو اڳ ۾ ھڪ ٻہ ڀيرو کيس ڏٺو ھئائين. ھوءَ پاڻ کان ان جو سبب پڇڻ لڳي.
جنت جي ڳئون حميد وٽ ڍڪ ۾ ھئي، تہ حميد ويچاري جي دل وري جنت وٽ ڍڪ ۾ ھئي. ھڪڙي غريبي، ٻيو عشق! جنت تہ ڏنڊ ڏيئي ڍڳي ڇڏائي سگهي ٿي، پر جنھن ڍڪ ۾ حميد جي دل ھئي، اتان تہ اھا نڪرڻ جي نہ ھئي. حميد جيئن جنت کي ڏٺو، تيئن ھن لاءِ اندر ۾ محبت پيدا ٿيس. حميد جي دل کي ڍڪ ۾ پئي بہ اڄ چوڏھن ڏينھن ٿيا ھئا، پر ڪڇي ڪونہ پيو. ھو سڀاءُ جو لڄارو ھو. عشق سان وري ڪا لڄ ٺھي؟ جي ٺھي تہ عاشق ويچارو پيو اندر ۾ سور سھي، جيسين اھا لڄ لھي. حميد اڪيلو گذاري ويڳاڻو ٿي پيو ھو ساٿي ڪنھن کي نہ ٿو گهرجي؟ سو جڏھن ھيءَ حسين نينگري ڏٺائين ۽ ھن سان ڳالھايائين، تڏھن دل ڏيئي بيوس ٿي پيو. جنت جي چلولي سڀاءُ ۽ مٺي زبان، خوبصورت مھانڊي ۽ نيھي نگاھن تي ھيءُ غريب ڍڪ منشي مفتون ٿي پيو. بيقراري اڳ بہ ڏٺي ھئائين، مگر ھيءَ بيقراري ٻئي نموني جي ھئي. غم دنيا ۾ ٻيا بہ گهڻا پر عشق جو غم ٻيءَ طرح... جنت سڀڪجهہ سمجهي ويئي ھئي. عشق جي پرک ۾ عورت مرد کان وڌيڪ قابل آھي.
ھوڏانھن وري حميد پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳو تہ اھو اتفاق ڪيئن ٿو ٿئي، جو ٻئي ٽئي ڏينھن ھن ڇوڪريءَ جي ڳئون اچيو ٿي ڍڪ ۾ پوي ۽ وري ھوڏ ٻڌي ٿي بيھي تہ بنا ڏنڊ جي ڳئون ڏي! خيال ڪرڻ لڳو تہ ھوءَ شايد ڄاڻي ٻجهي پنھنجي ڳئون ڪنھن ٻني ۾ ٿي ڇڏي تہ جيئن اھا ڍڪ اچي پوي ۽ پوءِ پاڻ ان جي بھاني ھتي اچي؛ ’شايد مون سان گڏجڻ ۾ کيس مزو ٿو اچي! ائين آھي ڇا تہ ھوءَ مون سان محبت ڪري ٿي!‘ ان نموني جا انيڪ خيال حميد جي اندر ۾ اڀرڻ لڳا. ليڪن جا پروڙ جنت کي حميد جي باري ۾ پئجي چڪي ھئي، سا ڄاڻ حميد کي اڃا نہ پيئي ھئي. عورت جي نگاھہ مرد جي نگاھہ کان زيادہ ذڪي آھي.
حميد کي جنت سان گفتگو ڪرڻ ۾ لطف پئي آيو، سو ڪجهہ مدت ڍڪ وٽ ترسايائين، آخر بنا پيسن وٺڻ جي ڳئون ڏنائينس. جنت ڳئون وٺي ھلڻ لڳي؛ ۽ ويندي آھستي چوندي ويئي، ”تو بہ گهڻن جا جانور ڍڪ ۾ رکيا آھن، پر ھينئر تون مون وٽ قابو آھين. ڏنڊ سان بہ نہ ڇڏيانءِ. تون پنھنجي دل اچي منھنجي ڍڪ مان ڪڍائج تہ پتو پوندءِ.“
حميد اھي اکر ڪين ٻڌا.