ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

12

حميد ۽ جنت جي ملاقات پوري ٿي. حميد ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. ڇو نہ خوش ٿئي؟ جيڪي دل چاھيس ٿي سو ٿي رھيو ھو. مگر قدرت جو قانون آھي تہ جنھن مان ھڪ کي خوشي حاصل ٿئي، تنھن مان ٻئي کي غم رسي. دادن جي پيرن ھيٺان زمين نڪري ويئي. پروڙ پيس تہ حميد جو پيار دوطرفو آھي ۽ سندس ھڪ طرفو. حميد کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ جنھن سان پاڻ محبت ٿي ڪيائين، تنھن تي دادن پڻ مفتون ھو، ليڪن دادن کي تہ سموري سڌ پئجي ويئي. دادن کي رستو سوچڻو ھو. ھو پنھنجو پاڻ سان بحث ڪرڻ لڳو؛ جنت کي اھا ڄاڻ نہ آھي تہ مان کيس پيار ڪريان ٿو؛ خبر پوڻ سان ھوءَ شايد مون کي حميد کان وڌيڪ پسند ڪري؛ ڇو نہ وجهہ وٺي ساڻس محبت جو اظھار ڪريان؛ نااميدي تہ ھينئر بہ آھي. ان کان بدتر حالت ڪھڙي ٿيندي؟ وري ويچار آيس تہ جي ناڪاري جواب ڏئي تہ، پوءِ حميد کي ضرور پتو پوندو تہ مون سندس کير ۾ موريءَ وجهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ سندس خوشيءَ کي ناس ڪرڻ گهريم ٿي. ھو منھنجي لاءِ اندر ۾ ڇا چوندو؟ مان سندس روبرو ڏٺو ٿيندس. بعضي خيال پيو اچيس، تہ ٻئي جي سک لاءِ مان پنھنجو قرار ڇو وڃايان. آزمائي تہ ڏسان؛ من ”ھا“ ڪري وجهي! پر وري چوي، تہ ھوءَ حميد سان محبت ڪري ٿي. ڇا، عورت جي دل ايترو جلدي ڦري سگهي ٿي! حميد جا اکر؛ جي ھن جنت کي چيا ھئا سي ٻڌا ھئائين تہ ”مون کي نڪو ابو آھي نڪا امان.“ اھي اکر ياد پيس. ويچار ڪرڻ لڳو، تہ جنت ھن لاءِ وڏو ڏڍ آھي. جيڪڏھن اھا بہ ويس، تہ خبر نہ آھي تہ سندس ڪھڙي حالت ٿي گذرندي. ھڪ ئي ماءُ وٽ پليا آھيون. جنت منھنجي تقدير ۾ ھجي ھا، تہ پھرين منھنجو ساڻس گڏجڻ ٿئي ھا.
جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ڪاٺ جو ٽڪرو اچي پوي ۽ اھي ڇوليون ان کي ڪڏھن ھڪ طرف تہ ڪڏھن ٻئي طرف گھلينديون رھن، تيئن خيالن جي ساگر ۾ دادن جي دل پڻ ھڪ حالت ۾ نہ ھئي ۽ ڀٽڪي پئي. ھو حد مايوس پئي نظر آيو. حميد سندس شڪل مان سمجهي ويو، تہ ڪجهہ مڙيو ئي ٿيو آھي، جنھن دادن جي روش ۾ تبديلي آندي آھي. حميد گهڻو ئي پيو پڇيس، پر دادن اندر جو سور سليئي نہ. سور سانڍڻ تہ عاشق جو ڪم آھي؛ ڪڇڻ ڪم برابر ڪچن جو آھي. ماکيءَ جي مک ڪنول گل جي چؤگرد ڦيرا پائيندي، ڀون ڀون ڪندي آھي، مگر جڏھن گل تي ماکي چوسڻ ويھندي آھي، تڏھن ھوءَ ماٺ ۾ ھوندي آھي، ان وقت ھن وٽان ڪوبہ آواز ٻڌڻ ۾ نہ ايندو آھي. عاشق بہ ماٺ ۾ پنھنجي عشق جو مزو وٺي ٿو.
حميد بہ مونجهاري ۾ پئجي ويو. دادن وٽس مزمان ٿي آيو ھو؛ ۽ ان کي ملول ڏسي پاڻ مزي ۾ نٿي رھي سگهيو.
حميد ۽ جنت جون گڏجاڻيون دادن کي روز بروز وڌيڪ دلگير ڪنديون رھيون. درد سھي سھي، ماڻھو ڇوٽڪاري لاءِ ٻاڏائي ٿو؛ دادن جو درد ھو بہ بنا علاج. ڇا ڪري جو پاڻ بہ گهڙيءَ گهڙي جي وڍن کان آجو ٿئي ۽ حميد جي راھہ ۾ بہ رنڊڪ نہ پوي. دادن گهانگهرن ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ وڃڻ وقت ھيٺين چٺي حميد لاءِ ڇڏي ويو:
”پيارا حميد! ھن خط دوران مان توکي الوداع ڪريان ٿو. مان ھتي آيس توکي گڏجڻ، پر ھاڻي ڄاڻ ٿي پويم، تہ پاڻ وڃائڻ آيو ھوس تقدير طاقتواري آھي، انسان ان اڳيان عاجز ٿيو پوي. ماڻھو ھڪڙا خيال ڪري ٿو تہ مالڪ ٻيا.
”مان وڃان ٿو. ڪيڏانھن؟ اھو تہ مان بہ چئي نٿو سگهان. مون کي ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪجو؛ نہ مون سان ملڻ جي ئي خواھش رکجو. مون لاءِ دنيا ھينئر بي مزي ٿي پيئي آھي. مون لاءِ جھان ۾ اميد ڪانھي ۽ اميد تي ئي انسان تڳي ٿو! اميد کان سواءِ زندھہ رھڻ جيئري موت آھي“.
”مان دل جو راز تو اڳيان کولي ظاھر ڪريان ٿو. منھنجي جنت سان محبت آھي؛ جنھن کي تون چاھين ٿو. تنھن کي مان پاڻ دل و جان سان چاھيان ٿو. مون جنت کي پھريون دفعو ڏٺو ۽ منھنجي دل ڏانھنس ويندي رھي. پوءِ ڄاڻ پيم تہ ھوءَ توسان محبت ڪري ٿي. پنھنجيءَ خوشيءَ جي خواھش ۾ تنھنجي خوشي وڃايان، اھو مون کان نہ ٿيو. توھان کي قرب ڀريون ڳالھيون ڪندو ڏسي، مان بيحد بيقراري پسي رھيو ھوس. گهانگهرن ۾ وڌيڪ وقت ھلڻ معنيٰ زيادہ بيچني ڏسڻ يا تنھنجي شربت جي پيالي ۾ زھر گڏجڻ. مان بيقراريءَ کان ايترو نہ ڊڄڻ لڳس، جيترو پوئين ڪم ڪرڻ کان. خيال ڪيم تہ متان پيار جي انڌ ۾ اچي تنھنجي راھہ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيان، تنھنڪري بھتر طريقو سمجهيم، تہ گهانگهرا ڇڏي ھليو وڃان. دنيا ۾ مکيہ موقعن تي ماڻھوءَ کي بعضي پنھنجو سونھون پاڻ ٿيڻو پوي ٿو“.
”تنھنجو آرام خيال ۾ آڻي مون مٿيون فيصلو ڪيو. تنھنجي آرام جو اونو ڇو ٿيم؟ سچل توکي ۽ مون کي گڏ نپايو، ھڪ ئي غريباڻي پينگهي ۾ لوڏيو. تنھنجي ماءُ توکي سچل جي حوالي ڪري ويئي، ۽ مان، سچل جي اولاد ٿي، تنھنجي خوشيءَ جي آڏو اچان، اھا منھنجي ماءُ جي ڏنل انجام ۾ ڀڃڪڙي وجهڻي ٿيندي. مان انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھيان، جنھن مان منھنجيءَ ماءُ جي عزت گهٽ ٿئي ۽ مان پاڻ شرمسار بڻجان.
دادن.“
چٺيءَ جو حميد تي گهاٽو اثر ٿيو. سندس عجب جي حد نہ رھي، جڏھن معلوم ٿيس تہ دادن جو جنت سان پيار ھو. کيس دادن جي صبر ۽ ڪم زبانيءَ تپرس ۾ وجهي ڇڏيو، دادن جي وڃڻ بعد حميد پھرينءَ گڏجاڻيءَ وقت ئي جنت کي دادن واري چٺي ڏيکاري. جنت کي اچرج وٺي ويو. چٺي ويڙھيندي ھن حميد جي منھن ۾ نھاريو، جنھن چيس، ”جنت، دادن توسان محبت ٿي ڪئي.“
”چٺيءَ مان تہ اھوئي ظاھر ٿئي ٿو... ليڪن مان تہ تنھنجي ٿي چڪي آھيان.“
”مون کي دادن جو ڏاڍو خيال ٿي پيو آھي. الائي ڪيڏانھن ھليو ويو! سچل ڇا چوندي؟ مان کيس ڪيئن ٻڌائيندس، تہ ھو ڇو ھليو ويو!“
”ان ۾ تنھنجو ڪھڙو قصور آھي؟“ جنت حميد کي منجهيل ڏسي، کيس دلداري ڏيندي چيو.
حميد پنھنجو فرض سمجهي، بخشڻ کي دادن جي اوچتي وڃڻ جو اطلاع موڪليو.