ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

17

ماڻھو ھميشہ ساڳيءَ حالت ۾ نہ آھي. جيڪڏھن انسان جي خوشي گهڻي وقت تائين جٽاءَ نٿي ڪري، تہ غم بہ ھن کي دائما ڪونہ لڳيو پيو آھي. خوشيءَ يا غم کي ايندي ويندي ويرم نہ ٿي لڳي. صبح جو جهڙ ھوندو آھي تہ ساڳي ڏينھن شام جو، سج ڪڪرن کي چيري، پنھنجي تجلي سان دنيا کي روشن ڪري ڇڏيندو آھي. کلڻ خواھہ روئڻ ٻيئي انسان جي قسمت ۾ لکيل آھن؛ ۽ ڪڏھن ماڻھو ھڪڙي جي اثر ھيٺ آھي تہ ڪڏھن ٻئي جي.
عيد جو موقعو ھو. حميد کي ھڪ ڏينھن موڪل ھئي ۽ ھو اٺ تي سوار ٿي، اڇي صبح جو گهانگهرن جي ڳوٺ ۾ اچي پھتو. عيد جو ڏينھن ھن جنت جي سڪ ڀريءَ صحبت ۾ گذارڻ ٿي گهريو.
جنت جو پيءُ بيمار ھو ۽ ماڻس ڀتار جي چاڪريءَ ۾ مشغول ھئي. جنھنڪري جنت اڪيلي سر صبح جي مھل ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رواني ٿي. حميد جڏھن ٻنيءَ ۾ گهڙيو، تڏھن ڏٺائين تہ جنت پٺيري ڪوڏر سان پاڻيءَ جي ڪسيءَ جو منھن مٽيءَ سان بند ڪري رھي آھي. ھن آھستي آھستي جنت جي ويجهو اچي پنھنجن ھٿن سان ھن جون اکيون وٺي اوچتو بند ڪيون. جنت ڊپ وچان وائڙي ٿي ويئي ۽ جيئن زور سان اکين تان ھٿ پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، تيئن حميد اکين تان ھٿ پري ڪري، چيلھہ ۾ ٻک وڌس. پاڻ کي حميد جي ٻانھن ۾ ڏسي، جنت جي سرھائيءَ جي حد نہ رھي. ڊپ دل مان ويندو رھيس؛ ان جي جاءِ تي ھينئر خوشي آئي.
”جنت عيد ڏينھن بہ ڪم ويٺي ڪرين؟“
جنت پھرين تہ خاموش ھئي. گهڻيءَ خوشيءَ ۾ ڳالھائڻ نہ پيو اڪليس. آخر چيائين، ”عيد آھي شاھوڪارن لاءِ. غريب لاءِ تہ اھوئي پورھيو ۽ محنت آھي. ھنن کي پھرين روٽيءَ جو اونو رھي ٿو. ان اوني کان واندا ٿين تہ خوشي بہ ڪن.“
”جنت مان تو وٽ عيد ملھائڻ آيو آھيان.“ حميد چيو.
”تنھنجو اچڻ ئي عيد آھي. عيد ڏينھن جا خوشي ٿيڻ کپي، ان کان زيادہ خوشي مون کي توکي ڏسي ٿي آھي... حميد، تون اچي وئين!“
”تنھنجي سڪ ڇڪ ڪيم. پر جنت، تو تہ مون کي چئن ڏينھن جو يار ٿي سمجهيو نہ؟“
”توکي منھنجي راڳ جون سٽون ياد بيٺيون آھن ڇا؟ حميد، جيڪي ھيترو وقت رات جو خوابن ۾ ڏسندي ھيس؛ سو اڄ سجاڳيءَ جي حالت ۾ ڏينھن جو پسي رھي آھيان. مالڪ مھربان آھي. برابر آھي تہ وصال جي گهڙي مھينن جو وڇوڙو وساريو ڇڏي... پر حميد، تون چاق تہ آھين نہ؟“
”توکي پسڻ کان پوءِ جي ناچاق ھجان تہ باقي تنھنجي ديدار جو مون تي ڪھڙو اثر ٿيو!“
ائين چئي، حميد جنت کي ٻانھن کان وٺي وڃي وڻ جي ھيٺان ويٺو. ٻنھي وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏني ۽ جدائيءَ ۾ گذاريل عرصي جو ذڪر ڪرڻ لڳا. جنت چيو، ”حميد تنھنجيءَ ياد ۾ ئي ھيترا ڏينھن گذاري سگهي آھيان.“
”يادگيريون تہ پيار جو کاڄ آھن. اھي يادگيريون نہ ھجن تہ وڇوڙو عاشق کي وڌيڪ بِر ڪري رکي.“
حميد جا اھي لفظ ٻڌي، جنت پنھنجا نيھي نيڻ ڀرسان ويٺل محبوب ڏانھن کنيا ۽ پنھنجو مٿو ھن جي ڪلھي تي رکيو. حميد ساڄو ھٿ جنت جي مٿي تي رکي ظاھر ڪيو، ”جنت، وڇوڙي بعد وصال ۾ ڪيڏو نہ لطف ٿو اچي!“
”وڇوڙي جو وقت گذارڻ بہ ڪٺن آھي.“ جنت وراڻيو ۽ وڌيڪ چيائين، ”منھنجو تہ ايمان ئي نڪري ويو ھو. الائي ڪھڙا ڪھڙا خيال پيا دل ۾ ايندا ھئا.“
”ٻھراڙيءَ جون ڇوڪريون ھونئن ئي ڀرمي ٿينديون آھن.“
”عاشق تہ ٿيندو ئي سنسي آھي.“ جنت جواب ڏنو.
”منھنجي من ۾ ھيترن ڏينھن ۾ تہ ڪوبہ سنسي جھڙو خيال ڪونہ آيو.“
”مان توسان وڌيڪ محبت ٿي ڪريان نہ!“
”اِھا ڄاڻ ڪيئن پيئہ؟“
”عورت جو پيار مرد جي پيار کان وڌيڪ اونھو ۽ پاڪ ٿو ٿئي.“ ائين چئي، جنت حميد جي منھن ۾ گهور ڪري نھارڻ لڳي تہ ڏسي تہ انھن اکرن جو ھن تي ڪھڙو اثر ٿيو ھو.
”پنھنجيءَ ذات کي ڏاڍو شرف ٿي ڏين!“
”مان تہ صرف حقيقت جو اظھار ڪريان ٿي.“ جنت کيس چيڙائڻ جي خيال کان چيو.
حميد جيسين ڪجهہ چئي، تيسين جنت ٽھڪ ڏيئي، پنھنجون ٻانھون حميد جي ڳچيءَ ۾ وجهي چيو، ”مان تہ توسان مسخري ويٺي ڪريان!“
”مون سان بہ چرچا نہ ڪندينءَ تہ باقي ڪنھن سان ڪندينءَ!“
”حميد، مون کان تہ کلڻ ئي وسري ويو ھو. تنھنجي اسھڻ بعد اڄ پھريون ئي دفعو تو اڳيان کليو اٿم. تنھنجي جدائيءَ مون مان ٻاراڻيون خصلتون ڪڍي، مون کي گنڀير ڪري ڇڏيو ھو. ٻڌاءِ تہ سھي عيد جي گهڻي موڪل اٿئي؟“
”ملياسين اڄ تہ جدا بہ اڄ ئي ٿينداسين.“
”تون مون وٽ صرف ھڪ ڏينھن لاءِ آيو آھين!“
”اڃا تہ صبح آھي. رات تائين تو وٽ ھوندس. جنت مان اڄ تو وٽ مھمان ٿي آيو آھيان، تون منھنجي ميزبانڻ آھين.“
”مان پنھنجي خوش قسمتي ٿي سمجهان، جو تنھنجي ميزبانڻ بنجڻ جو موقعو مليو اٿم. پر تنھنجي رڳو ميزبان ٿوري ئي آھيان!“ جنت نگاھون حميد جي نگاھن سان ملائي مشڪندي چيو، ”مان تہ تنھنجي...“ اتي جنت ماٺ کڻي ڪئي، جنھن تي حميد چيو، ”تون تہ منھنجي دلربا آھين.“ ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”جنت، ڏاڍي لڄ ٿي ڪرين.“
”توسان تہ لڄ ڪرڻي اٿم نہ. متان چوين تہ بي لڄ آھي.“ جنت مذاقي نوع ۾ چيو.
”لڄ ڪندينءَ لوڪ کان ڪين حميد کان!“
”محبت لوڪ جي پرواھہ نٿي ڪري. مون کي پرواھہ تہ تنھنجي ئي ڪرڻي آھي. لوڪ جي رسڻ جو خيال نہ اٿم؛ شال تون مون سان نہ رسين! مان تہ ڊڄندي آھيان.“
”ڪنھن کان؟“
”حميد کان.“
”مون کان؟“
”آءٌ تہ ٻانھي، تون تہ سائين، آءٌ غريب، سا ڇاھيان!“
”مان توکي نٿو سمجهان.“
”مرد عورت کي برابر نٿو سمجهي جيڪو گهڻو پيار ڪندو آھي، ڊڄبو بہ تہ ان کان ئي آھي.“
”سو ڪيئن؟“
”عورت جي دل تہ ائين ٿي سمجهي.“
”عورت جي دل تہ ڪا عجيب چئبي! جنھن تي راڄ ڪجي، تنھن کان ڊڄجي!“
”سياڻو راجا رعيت کان ھميشہ ڊڄي ٿو.“
ان وقت جنت جي ماءُ ”جنت! جنت!“ ڪري پڪاريو. سج چڱو ئي چڙھي آيو ھو ۽ ڌيءُ کي واپس ايندڙ ڏسي، ماڻس کيس سڏ ڪرڻ لڳي.
”حميد، امان ۽ ابي کي ھلي گڏج ھو تنھنجي پرپٺ، ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي بابت ڳالھائيندا آھن.“ جنت چيو.
”ھا، منھنجو اڳ ئي اھو خيال ھو.
جنت حميد سميت گهر طرف وڌي. واٽ تي ھن حميد کي پيءُ جي ناچاقائيءَ کان واقف ڪيو. جنت جي ماءُ، جا دروازي تي بيٺي ھئي، تنھن حميد کي ڌيءُ سان گڏ ايندو ڏسي، کيس کيڪاريو ۽ جنت کي چيائين، ”اڄ ڏاڍي دير ڪيئہ. پڻھين مون کي توکي ڪوٺڻ لاءِ موڪليو.“
”مان آيس پئي تہ ڍڪ منشي صاحب رستي ۾ گڏيو. ساڻس ٿورو وقت ڳالھائيندي ٿيو ھوم، تہ تنھنجي سڏڻ جو آواز ڪن تي پيم.“
جنت جي ماءُ حميد کي اندر ھلڻ لاءِ چيو. حميد اندر گهڙندي ئي جنت جي بيمار پيءُ قادر بخش جي ڀرسان منجيءَ تي ويٺو ۽ مريض ڏانھن نھاريندي چيائين، ”ڏاڍا ضعيف ٿي ويا آھيو. شايد گهڻيءَ مدت کان بيمار پيا ٿا ڏسجو.“
”ھڪڙي آھي بيماري، ٻيو ٻڍاپو“، قادر بخش آھستي وراڻيو.
”علاج مان ڪو فائدو ڪونہ ٿا سمجهو؟“
”غريبن لاءِ موت بنا ٻيو علاج ئي ڪونھي. غريبي خود ئي ھڪ بيماري آھي. دنيا ۾ اچي تہ ھرڪو روئندو، پر غريب ويچارو تہ وڃي بہ روئندو.“ گهڙي کن رکي وري چيائين، ”جنت، ڍڪ منشيءَ کي ڪجهہ کارايو اٿو؟“
جنت جي ماءُ جيڪا ڀرسان بيٺي ھئي، تنھن ورندي ڏني، ”اڄ عيد آھي، جنت ويٺي سويون رڌي.“ ۽ حميد طرف منھن ڪري چيائين، ”جيڪڏھن اڃ لڳي ھجيو تہ تيسين لسيءَ جو وٽو آڻي ڏيانو.“
”اڃ تہ لڳي اٿم.“ حميد چيو.
جنت، جنھن سڀ پئي ٻڌو، سا ماءُ کي ديڳڙي جي سنڀال لاءِ چئي، پاڻ لسيءَ جو ڪٽورو کڻي، اچي حميد جي اڳيان بيٺي. حميد لسي پي، ڪٽورو کيس واپس ڏنو ۽ قادر بخش کي پٺيرو سمھيل ڏسي، چيائين، ”جنت، لسيءَ ۾ ڪجهہ پيل ھو ڇا؟“
”ڇو؟“ جنت عجب مان پڇيو.
”ھھڙي لسي تہ مون اڳ ڪڏھن ڪانہ پيتي آھي. خمار ڏيئي ڇڏيو اٿس.“
”منھنجي ھٿ جي ٺھيل لسي پيتي بہ پھريون دفعو اٿيئي نہ! محبت جو ڦيڻو پڙھي پياري ٿيمانءِ.
”توکي ڦيڻا پڙھڻ ايندا آھن ڇا؟“
”ان ۾ ئي تہ عورت ذات جو ڪمال آھي. ھونئن ڪو توھين مرد وٺڻ جا آھيو!“
اتي حميد کان کل نڪري ويئي، جنھن تي قادر بخش پاسو ورايو ۽ جنت خالي ڪٽورو کڻي رڌڻي ۾ ويئي. قادر بخش کي حميد سان گفتگوءَ مان معلوم ٿيو تہ ھو خانواھڻ مان ھڪ ڏينھن لاءِ گهانگهرن گهمڻ آيو آھي؛ سو کيس رات جي دعوت پڻ ڏنائين.
منجهند جي مانيءَ بعد، حميد ٿورو ڳوٺ ۾ چڪر ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو. جنت کان بلڪل پري ٿيڻ تي دل نٿي ٿيس، پر خيال آيس تہ متان جنت جا مائٽ سمجهن تہ پاڻ ھتي آيو ئي جنت لاءِ آھي سو کين ان گمان کان پري رکڻ جي مراد سان، ھن ڪجهہ وقت سندن مڪان ڇڏڻ ضروري سمجهيو.
گهانگهرن جو ڳوٺ ھڪ ننڍڙو واھڻ آھي. حميد اڌ مني ڪلاڪ ۾ بازار مان چڪر ھڻي واندو ٿيو. ايترو جلدي جنت جي گهر موٽڻ بہ کيس ٺيڪ نٿي لڳو. منجهي پيو تہ ڪاڏي وڃان. سوير صبح جو خانواھڻ ڇڏيو ھئائين؛ تنھن ڪري آرام جو خيال ڪري، جنت جي ٻنيءَ طرف وک وڌايائين ۽ ھڪ ڪنڊ ۾ شاھي وڻ ھيٺان ڇانو ۾ پيل کٽ تي سمھي پيو. اڄ کيس دل تي ڪوبہ بار نہ ھو. ھوا ٿڌي پيئي لڳي، ٿڪ سبب جلدي ننڊ کڻي ويس.
ھوڏانھن جنت بہ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين حميد لاءِ نھاري، جهوپڙيءَ مان ٻاھر آئي ۽ ٻنيءَ ڏانھن رخ رکيائين، ان ئي خيال کان تہ ڏسي من حميد ڳوٺ مان موٽندو ھجي. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيائين تہ ان کٽ وٽ اچي پھتي، جنھن تي حميد ننڊ ڪري رھيو ھو، جنت پھرين تہ ھن جي منھن ۾ نھارڻ لڳي، پوءِ حميد جي ڀرسان کٽ تي ويھي، سر سان چوڻ لڳي:
”ننڊ نہ ڪجي ايتري، سڻج ادا، يار!“
سريلي آواز تي حميد جي اک کلي ۽ سامھون جنت تي نظر پيس. ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڏسي مشڪيو. ميلاپ ۾ ڌڻيءَ ڪيڏو نہ مزو رکيو آھي! حميد اڃا اکيون مھٽيون ئي پئي، تہ جنت چيس، ”منھنجي ننڊ ڦٽائي پاڻ ويٺو آھي ننڊون ڪرڻ. گڏجڻ جو وقت بہ ننڊ ۾ ٿو وڃائين، ننڊ وڃي خانواھڻ ۾ ڪج.“
جنت، سچ ٿي چئين. شام تہ اچي ٿي آھي. ڄاڻ بتيون ٻريون. پوءِ تہ وري وڃڻ جي تياري ڪبي.“
”خوشيءَ جو وقت گذري بہ جلد ٿو وڃي.“
”وقت ھلي ھميشہ ساڳيءَ رفتار سان ٿو، پر انسان کي سندس دل جي حالت موافق اھو تڪڙو يا آھستي ھلندو نظر اچي ٿو. جنت، وقت انسان جي قبضي کان ٻاھر آھي. وقت ئي آھي، جنھن تي ماڻھوءَ جي حڪمراني نٿي ھلي. وقت جو تہ انسان تي راڄ آھي.“
جنت، حميد جي گوڏي تي ھٿ رکي چيو، ”حميد، ميلاپ بعد جدائي آئي ۽ بعد ميلاپ ٿيو ھينئر وري جدائي اچڻ واري آھي! اھو چڪر ڪيتري وقت تائين ھلندو رھندو؟ اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو، جڏھن اسين وڇڙڻ جي واٽ وساري وصال ئي وصال پسنداسين.؟“
”جڏھن چاھين، تڏھن تون اھو ڏينھن آڻي سگهين ٿي!“
”اھو منھنجي ھٿ ۾ آھي؟“
”اھو اسان ٻنھي جي وس ۾ آھي. اٺ تيار بيٺو آھي.“
”ابي کي بيمار ڇڏي ھلان؟ ھن وقت امان کي منھنجي مدد جي گهرج. حميد، اسان جي ميلاپ ۾ ھو ڪو ارھا ٿورو ئي ٿيندا، جو ان نموني جا ويچار ڪريون. امان يا ابي کي جي اسان جي محبت جي ڄاڻ پوي تہ پڪ اٿم تہ ھو ڪوبہ اعتراض نہ اٿاريندا.“
”تہ مان خانواھڻ ۾ وڃي قادر بخش کي ان باري ۾ لکان.“
”ڳالھہ چوڻ تہ گهرجي منھنجي خيال ۾ لکڻ کان روبرو ذڪر ڪڍڻ وڌيڪ بھتر ٿيندو.“
ٿوري وقت جي روح رھاڻ بعد، حميد جنت سان گڏجي سندس مڪان تي آيو. قادر بخش کي اڪيلو ڏسي، حميد ساڻس جنت جي باري ۾ ذڪر ڪڍيو. ٻڌڻ سان ئي قادر بخش جي منھن ۾ نئون رت اچي ويو. بيماريءَ ۾ ڪومائجي ويل چھري تي ھڪدم سرھائيءَ جا اھڃاڻ نظر اچڻ لڳا. حميد ھن کي پسند ھو. قادر بخش کي جنت جي آئيندي جو ھر وقت خيال رھندو ھو. ھن بنا ڪنھن بہ سوچ ويچار جي حميد کي ”ھا“ ڪئي ۽ پنھنجي گهر واريءَ کي سڏي چيائين، ”حميد جنت جي گهر ٿو ڪري، ۽ مون کيس پنھنجي رضامندي ڏني آھي.“
”مان بہ انھيءَ ۾ خوش آھيان“، جنت جي ماءُ وراڻيو ۽ ٻيئي ھٿ ڊگهيڙي، آسمان طرف نھاري چوڻ لڳي، ”سائين جنت جو نصيب سٺو ڪندو!“ ۽ جنت ڏي نھاري چيائين، ”مائٽ تہ اولاد لاءِ ائين ئي چاھي ٿو.“
”مان ھينئر خانواھڻ روانو ٿي ويندس.“ حميد ظاھر ڪيو.
”تہ نڪاح لاءِ وري اچڻو پوندءِ،“ قادر بخش چيس.
حميد جي اسھڻ کان اڳ قادر بخش کانئس ڪاغذ ٽڪري تي سندس سرنامو لکائي ورتو. قادر بخش ۽ سندس گهر واريءَ کان موڪلائي، حميد جڏھن سندس گهر کان ٻاھر آيو، تڏھن دروازي وٽ جنت مليس. جنت جي ماءُ ڄاڻي ٻجهي ٻاھر نہ نڪتي تہ جيئن ٻنھي کي ڪجهہ وقت ڳالھائڻ جو موقعو ملي.
”وڃين ٿو؟“ جنت حميد کان پڇيو.
”وڃڻ وارن کي تہ وڃڻو ئي پوندو. ليڪن اڄ تہ تو وٽان مان اميد کڻي ٿو وڃان.“
”مون کي ڏيئي ڇا ٿو وڃين؟“
”وصال جي اميد.“
جنت ماٺ ئي ھئي، تہ ڀريل دل سان چيو؛
”جنت، الوداع!“ خدا حافظ! جنت وراڻي ڏني ۽ ھوءَ تيسين حميد طرف ڏسندي رھي، جيسين ھو سندس نظر ۾ آيو ٿي، پوءِ پوتيءَ جي پلئہ سان اکين تان ڳوڙھا اگهندي، جنت جهوپڙيءَ اندر رواني ٿي.